رستم سنڌ، شير ميربحر (منور علي ملاح)
"رستم سنڌ" شير ميربحر 30 سالن جي ڊگهي عرصي تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابلي شڪست رهيو. انهيءَ عرصي ۽ هن ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي شڪست ڏئي ملهه جي ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. شير ميربحر کي ملهه جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو. اسڪول واري دور ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ جيڏن سان ملهه وڙهندو هئو ۽ انهن کي ملهه ماري ويندو هئو.
"رستم سنڌ" شير ميربحر ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي شڪست ڏني، پر 'هالا دانگل' ۾ چيڪوسلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ جو مان مٿاهون ڪيو. هالا دانگل سڄي سنڌ ۾ مشهور دنگل هئو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو هيءُ مقابلو ڏسڻ آيا ۽ هر ماڻهو پهلوان شير ميربحر جي ڪاميابي لاءِ دعاگو هو. هن مقابلي کانپوءِ "رستم سنڌ" شير ميربحر جو ٻيو يادگار مقابلو هندستان جي مشهور پهلوان گرنام سنگهه سان ٿيو. هي مقابلو نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو. هن مقابلي ۾ سڄي ملڪ جون نظرون کتل هيون. هن مقابلي ۾ به پهلوان شير ميربحر هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي زبردست ۽ تاريخي شڪست ڏيئي پنهنجو پاڻ مڃايو.
شير ميربحر جو هڪ ٽيو يادگار مقابلو 'لکي بنگلي' فيض محل خيرپور ميرس ۾ ٿيو، جيڪو ان وقت جي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ۽ سابق واليءِ رياست خيرپور مير علي مراد خان ٽالپر سان گڏ ڏٺو. هن مقابلي ۾ پهلوان شير ميربحر ٽن پهلوانن کي شڪست ڏني. هن مقابلي ۾ ايوب خان ايترو ته متاثر ٿيو جو اٿي بيهي تاڙيون وڄائي پهلوان شير ميربحر کي داد ڏنائين، انعام به ڏنائين ۽ هٿ ملائي چيائين ته : 'شير واقعي شير آهي.'
سنڌ جي تقريبن هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ پهلوان شير ميربحر ملهن جا مقابلا ڪيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. سنڌ جي هر باشعور پهلوان شير ميربحر جي ملهه جو قدردان ضرور هوندو. شير ميربحر پنجاب جي پهلوانن سان به مقابلا ڪيا، ۽ بهاولپور، صادق آباد ۽ ٻين ڪيترن شهرن ۾ وڃي اتي مقابلا ڪري ڪاميابي حاصل ڪري پنجاب جي پهلوانن کان به پنهنجو پاڻ مڃايائين.
ملهه جي فن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ زندگيءَ جي هر قدم تي شير مير بحر جدوجهد ڪندو رهيو. سندس انهن خدمتن کي مدنظر رکندي 1974ع ۾ حڪومت کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هئو. هو ملهه جي مقابلن جي نگراني ڪندو هو ۽ نون سيکڙاٽن کي تربيت به ڏيندو هو پر جڏهن 1984ع " ۾ پهلوان شير ميربحر جڏهن بڪين جي بيماري سبب سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسلام آباد طرفان سندس ملازمت بنا ڪنهن سبب جي ختم ڪئي وئي. هڪ ته عمر جي آخري حصي ۾ ٻيو بيماري ۽ مٿان وري نوڪري به ختم، ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي. جنهن ماڻهوءَ پنهنجي سڄي حياتي ملڪ ۽ ان جي خدمت ڪندي گذاري ان سان اهو سلوڪ ڪيو وڃي.
ملهه پهلوان شير ميربحر انهيءَ حالت ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب 28 مارچ 1985 ع تي انتقال ڪري ويو.
اسان هن سلسلي ۾ سنڌ ۾ چونڊيل نمائندن ۽ خاص طور تي سنڌ جي وزير اعليٰ سنڌ غوث علي شاهه کي گذارش ڪنداسون ته هو صاحب ذاتي دلچسپي وٺي، پهلوان شير ميربحر بابت ڪيل مطالبن کي تسليم ڪري ته جيئن سنڌ جي هن سداحيات پهلوان شير ميربحر جو نالو هميشه زنده رهي.
(روزاني آفتاب حيدرآباد ، 28 مارچ - 1988)