شير ميربحر ياد رهندو (رحمت الله ماڃوٺي)
شير مير بحر جي ڪري هاڻ منهنجي دلچسپي ملاکڙن ۾ وڌي انهن ڏينهن اسان ڏي ملاکڙن جا جيڪي پوسٽر ڇپجي ورهايا ۽ دڪانن تي هنيا ويندا هئا تن ۾ لکيل هوندو ته ٽوڙان ٽوڙ ۽ ٻوڙان ٻوڙ جا مقابلا ٿيندا. پوءِ هڪ خاني ۾ اترادي ملهه ۽ ٻئي خاني ۾ لاڙي ملهن جا نالا هوندا هئا. آئون وڃي ملاکڙا ڏسندو هئس، ماڻهن جي پيهه مان رستو وٺي ملاکڙو ڏسڻ به هڪ وڏي جاکوڙ هئي ٻار سمجهي هر ڪو پوئتي ڌڪي، جيڪڏهن ماڻهن جي پويان بيهي ڏسڻ چاهيان ته ڏسي نه سگھان ۽ جي اڳيان بيهان ته ماڻهو ڀڄايو ڇڏين ته، ابا ! پري ٿي بيهي پهلوان چپي نه وجهن. اسان جي ڳوٺ ۾ غريب مڱڻهار فقيرن مان محمد فقير اچي ساماڻو ڇا ته ملهه هو. همراه جي هاڪ هجي. پر پهلواني جو پيٽ قوت به کپي سو همراه ڪٿان آڻي؟ اسان جي دڪان تي اڪثر اچي ويهندو هو. انهي ڏينهن ملاکڙو هو. آئون جيئن تيئن ڪري جاءِ وٺي ويس. محمد فقير اتر کان آيل پهلوان سان ملهه وڙهي. سندرن مان ذري ذري هٿ نڪريو وڃن پهرين ملهه ڪانه ٿي ڪنجوس جي سڪرات ٿي. نيٺ گھڻي هڻ هڻان کانپوءِ محمد فقير اچي ڦهڪو ڪيو. ڪنهن به تاڙي ڪانه وڄائي. ڪنهن به انعام لاءِ "رپئي" جو نوٽ ڪونه جهليو. مونکي حيرت ٿي هئي. پوءِ ٻي ملهه ۾ محمد فقير ڦيرائي ڦيرائي جو همراه مان هٿ ڪڍي ته ڏندڻجي ويو. هوڪرا ٿي ويا. محمد فقير پاڻ به مڱڻهار ۽ وري جو هيڏو مال ۽ هوڪرا ڏٺائين ته اهڙا وٺي نمونا ڪيائين جو اڄ به ياد اٿم. ٻئي ڏينهن محمد فقير دڪان تي آيو. مون پڇيو: محمد فقير پهرين ملهه ڇو هارايئي؟ چيائين: مونکي پهلوان ڪن ۾ چيو ته: پرديسي آهيان، ڀاڙو ڪري آيو آهيان پهرين ملهه مونکي ڏي، ٻي تنهنجي.ڀاڙي جا پئسا ڪڍان.بس! انهي ڪري رحم کائي ملهه ڏئي ڇڏيم پر ويچارو اڀاڳو هو، مليس ٽڪو به ڪونه، مونکي تڏهن خبر پئي ته ملهه به فڪس ٿيندي آهي پر انهيءَ فڪسنگ کي شوقين "صلاح" چوندا هئا. هاڻ سمجهان ٿو ته جئين دنيا ۾ گھڻن ڳالهين جو بنياد سنڌ کان پيو تيئن "راند" ۾ فڪسنگ جو موڙ به اسان جي مٿي تي ٻڌل آهي. هڪ طرف اهي "صلاح" وارا ملهه هئا جيڪي راند فڪس ڪندا هئا ته ٻئي طرف شير مير بحر هو جنهن پاڻ لاءِ "فتح" فڪس ڪري ڇڏي هئي. تڏهن ئي مڙس جي هاڪ هوندي هئي. مون ننڍپڻ ۾ جن شين جي هاڪ ٻڌي لاڙ پٽ ۾ تن مان اول تي "انگريز جو انصاف" پوءِ ڦل ماڇي ڌاڙيل ۽ هاڪاري ساک شير ميربحر جي. جيڪو تڙن تي پاڻيارين ۽ سنگ ۾ ڳائيندڙ فقيرن جو به موضوع هوندو هو ته ڀانڊي ۾ ٻيڙيون ٻڌندڙ ڪاريگرن کان ويندي هوٽلن تي ويٺل خفتين جو هيرو هوندو هو. تڏهن اڃا سياستدان ماڻهن جا هيرو ڪونه هئا ۽ نه ئي اهي "شير" سڏبا هئا، سڄي سنڌ ۾ هڪڙو ئي شير هو، سو هو شير مير بحر. سدائين ته ڪنهن جو به عروج ڪونه ٿو رهي. بقا آهي ڌڻي جي ذات کي، الهجڙيو سمون ساماڻو تنهن شير سان اڳيون پويون ڪيون. پر الهه جڙيو کان هڪ ڏوهه ٿي پيو ۽ سندس ڪيريئر پڄاڻي کي پڳو ۽ پوءِ وري سيد سڳوري سمن شاه جو نالو پيدا ٿيو انهي به شير سان ملهون ڪيون. پر جنهن ڳالهه شير مير بحر کي امر ڪري ڇڏيو هو سا هئي سندس چئلينج قبولڻ واري مردانگي. نه فقط چئلينج قبول ڪرڻ پر واڄٽ وڄائي ولائتين کي واپسي جي ٽڪيٽ وٺرائڻ. شير ميربحر اسان جو هيرو هو، آهي ۽ رهندو. جيستائين سنڌ ۾ ملهه وڙهي ويندي شير مير بحر ياد رهندو.