سنڌي مَلهه (شير ميربحر ــ هڪ جائزو)_ ضياءَالدين ايس. "بلبل"
مگر ان جي ابتڙ سنڌي ملهه جي طريقي ۾ هٿ ۽ ٻانهون رڳو سندري (جو ڪپڙو چيلهه ۾ مضبوط ٻڌل هوندو آهي) تائين محدود هونديون آهن، ۽ انهن جي چرپر رڳو مخالف کي زمين تان 'پٽي کڻڻ' يا هڪ هنڌ 'کپائي بيهارڻ' يا پاڻ کان 'اوري يا پري' آڻڻ لاءِ ئي ڪم ۾ اينديون آهن. اهي 'سندري' کان جدا نه ڪري سگهبيون آهن. جدا ٿيون ته راند بند ڪئي ويندي ۽ ملهه وري جوٽي ويندي. انهيءَ سبب ڪري سنڌي طرز جي ملهه ۾ هٿن ۽ ٻانهن جي زور جو ايترو 'مظاهرو ۽ مقابلو' نه ٿيندو آهي جيترو 'پيرن ۽ ڄنگهن' جو. هيءَ نت نرالي ڳالهه آهي، ته انسان جي بدن جو زور ٻانهن ۽ هٿن ۾ ٿيندو آهي؛ پر ساهه ڄنگهون ڪمزور ۾ ڪمزور حصو چيون وينديون آهن، تنهنڪري سنڌين پنهنجي ملهه ۾ انهيءَ ڪمزور عضوي جي طاقت ۽ جوهر ڏيکارڻ لاءِ جيڪو فن جو نمونو اختيار ڪيو آهي، سو سڄي دنيا جي مَلهُن کان نرالو آهي. جڏهن بدن ڪمزور ٿيندو آهي تڏهن سڀني کان پهريان ئي ڄنگهون ٿڙڪڻ لڳنديون آهن ۽ جڏهن جسم مان ساهه نڪرندو آهي تڏهن به اول ڄنگهن کي ڇڏيندو آهي. تنهنڪري 'جاٺي' جي زور تي فتح پائڻ طاقت جو انوکو نمونو آهي. 'مونڙي! ڏيڻ يعني گوڏي جو زور لڳائڻ يا 'اڙي' ڏيڻ يعني 'پير جي آڙ' ڏئي مخالف کي اٽڪل سان ڪيرائي وجهڻ منع ڪيل آهن، جنهنڪري خالص 'ڄنگهن جي طاقت' سان مخالف کي ڪرائڻو آهي. رڳو 'ٺونٺ' يا 'هٿ' يا 'پاسو' ڌرتيءَ تي کوڙيائين ته به شڪست کاڌائين.
ملهه جي هن نموني ۾ اجائي ڊيگهه ۽ ظالمانه جاجڙ بوجڙ ٿئيئي ڪانه، ۽ نه سور ۽ بيرحمي جو ڊگهو مظاهرو ٿئي (جو سور پرست يعني سئڊسٽ طبيعتن کي وڻندو آهي.) مقابلي ڪندڙن ٻن مڙسن جي صحيح طاقت جو يڪدم پتو پئجي ويندو آهي، ۽ ڏسندڙن کي گهڻي عرصي تائين انتظار ڪڍڻو نه پوندو آهي. جو 'راند' 'راند' نه پر هڪ 'گورک ڌنڌو' بنجي پوي. سنڌيءَ جي فطرت جلد "نبيرو" پسند آهي. ڄنگهن جي طاقت جي ٻي دنيا جي ڪنهن به راند ۾ اهڙي آزمائش نٿي ٿئي. ڄنگهن سان ڊوڙڻ ٻي ڳالههآ هي ۽ ڄنگهن جي خالص زور تي پاڻ کي 'جهلڻ' ۽ ٻئي کي 'ڪيرائڻ' ڪٺن ڪم آهي. هن قسم جي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ملهه، چونڊيل خوراڪ کان سواءِ اهڙي سخت پرهيز ۽ دعا تعويذ به ڪندا آهن جو ڄنگهن جي طاقت کي "وسامڻ" نه ڏيندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو سنڌي سڳورا، مور جهڙي سهڻي ۽ شاندار پکيءَ جي پيرن جي قباحت تي ڪهل ۽ قياس ڪندا آهن. چوڻي آهي "مور سڄو سهڻو پر ٽنگون خراب." سنڌين ۾ "جاڏي پير تاڏي خير" جو خيال ۽ مثال به انهيءَ ڪري مشهور ٿيو آهي. ڏاندن جن جي سڄي 'طاقت' ڪلهن تي بار کڻڻ واسطي هوندي آهي تن کي 'تکي ڀاڄ' سيکارڻ ۽ سندن يڪ طرفي زور کي ڄڻڪ متوازن بنائڻ ۽ ڄنگهن طرف آڻڻ لاءِ سنڌين 'ڏاندن جي ميل' جو نئون نمونو ايجاد ڪيو آهي. نماز جي رڪعتن ۾ به صرف آنڱوٺن ۽ ٻين کي هڪ هنڌ کُپائي ۽ کوڙي انهن جي محور ۽ مرڪز تي سڄي نماز ادا ڪري اٿڻ يعني قيام رڪوع ۽ سجده ڪرڻ جو رواج به مون خاص ڪري سنڌي نمازين ۾ ڏٺو آهي. وڏن کي نوڙي پيرين پوڻ جي رواج کي 'مڪروهه سجدو' نه پر انهيءَ "پيرن جي پدم" جي مڃڻ جو هڪ ڍنگ سمجهڻ گهرجي.
سنڌين جو 'دهل' هر وقت تيار ۽ ڌڪڙ واري 'رسي رَسِي' جي ٺڪ ٺڪ ۽ ڇڪتاڻ يا اٽي جي ڳوهه ۽ ٿاڦ ٿاڦ کان بي نياز هوندو آهي. ساڳيءَ طرح سندن 'يڪتارو' به هر وقت هڪيو تڪيو رهي ۽ سارنگي ۽ ستار يا سرندي جي تارن جي سرن ملائڻ يا پيچن جي ڪشڻ ۽ مروڙ کان بچيل هوندو آهي. مطلب ته سنڌي طبيعت جي 'راست بازي' ، 'صفا راند سوٽي جي ٻي ڳالهه مڙيوئي کوٽي جي'، جي مصداق ملهه ۾ به اجائي اينگهه يا ولن چلن دغا ۽ دولاب جي اڙين يا مونڙين کي مڪروهه ڪيو آهي.
طبيعت جي اها راست بازي ملهه جا "جوڙا ميڙا" چاهيندي آهي. يعنى فيصلو ٻي ملهه تي ٿيندو آهي ته ڪنهن کٽيو ڪنهن هارايو ڄڻ ته پهرين ملهه ۾ "شڪ جو فائدو" هارائيندڙ کي هوندو آهي. آدم جي"کڙڪندڙ مٽي" سان سچي رهاڻ لاءِ ملهه جي بدني چرپر 'ڌڪ ۽ ڦيري' سان گڏ'ساز' به شامل ڪيو ويندو آهي. جو 'شرناءِ ۽ دهل' تي ٻڌل هوندو آهي. دهل جو 'ٽاهو' به خاص سنڌ جي پيداوار آهي. جا ملهن ۾ جوانمردي ۽ حرڪت جوش ۽ جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي.
منهنجي خيال ۾ ملهن جا "جوڙا ميڙا" ۽ ٻن بينن (نر ۽ ماد) جو وڄائڻ ۽ سنڌي 'بيت' جي ٻن مصرعن ۽ نماز جي 'ٻن رڪعتن' کي ڌيان ۾ رکي ٺاهيو ويو آهي يا پراڻن سنڌي رهاڪن 'شِو شنڪر' جي پوڄارين 'جوڳي مت' وارن جي صرف 'ماتا پوڄا' يا نياڻي پوڄا جي مقابلي ۾ ماءُ ۽ پيءُ، 'ٻن وشين' يا 'ٻِن وَٿُن' جي قدر جي اصول تي بيهاريو ويو آهي.
مٿئين بحث مان متان ڪو "جلدي بازي" جو گمان ڪري ته انهيءَ شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ انهن جو ڌيان ملهه جي ڊرامي جي 'باقي' (اپيلوگ) ڏانهن ڇڪائجي ٿو جنهن ۾ اهو بندوبست هوندو آهي ته ملهه کٽڻ کان پوءِ 'کيل ختم پئسا هضم' نه ٿيندا آهن پر 'پلؤ وٺڻ' جو انتظار پيدا ٿيندو آهي ته هارايل همراهه جو پلؤ ڪير ٿو وٺي! اتي وري شڪست خورده جي ياريءَ ۽ مددگاريءَ جو عجيب تخيل اچي ٿو ۽ راند ۾ پيچيدگي پيدا ٿيو پوي ۽ راند گنڀير رخ اختيار ڪيو وٺي. 'پلؤ تي پلؤ' وٺندي ڄڻ ٽورنامينٽ جي فائينل راندين (چٽاڀيٽي جي آخرين دور) وانگر سڄي ملهاکڙي جو خاتمو هڪ ڌڱاڻي ڌئينر جي ثابت ٿيڻ تي ٿيندو آهي، جنهن فاتح کان ڪو پلؤ وٺڻ وارو في الحال پيدا نه ٿئي. هن لاءِ چوندا آهن "مڙس ته ڌڱاڻو ڌنڱ، جو هڻ جاٺو ته لڏي نه لنڱ".
ملهه دسڻ کان پوءِ فتح پائيندڙ ملهه، جيڪا سلامي ۽ لوڏ هڻندو آهي يا سوڀ تي خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ سان گڏ 'پلؤ وٺڻ' لاءِ للڪار يا چئلينج پڻ چئجي ته بجاءِ آهي. هي سلامي ۽ لوڏ دنيا جي سڀني سلامين ۽ لوڏن کان نرالي، مرداني ۽ موهيندڙ هوندي آهي. ههڙي راند جنهن ۾ خالص بدني طاقت جي سوز سان گڏ ساز به هم آواز هجي ان جي فلم ڪڍرائي قومي ميوزم ۾ محفوظ رکڻ ۽ دنيا ۾ مشتهر ڪرڻ لاءِ جيترو جلد جتن ڪجي اوترو جس وارو ٿيندو. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو هن خالص نرالي سنڌي فن ۽ راند کي قائم رکيو وڃي ۽ ملهن جي پالنا ۽ پرگهور لاءِ هڪ قومي ادارو کڙو ڪيو وڃي.
(ٽِماهي 'مهراڻ' حيدرآباد، جنوري 1963ع)