شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

ارڏو ڪردار ۽ رستم سنڌ شير ميربحر (ممتاز علي ملاح)

21هين جون 1924ع ڌاري فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ۾ اک کوليندڙ هن ارڏي پهلوان جي وڇوڙي کي جيتوڻيڪ اڄ 28 سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر ان عرصي دوران سنڌ جا اڪثر نوجوان سنڌ جي هن قومي هيرو جي ڪارنامن کان اڻ واقف نظر اچي رهيا آهن، سنڌ جي نوجوانن کي ڌارين راندين ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال، والي بال ۽ ٻين راندين جي رانديگرن جا نالا ۽ پروفائيل ته چڱي ريت ياد آهن پر افسوس جو سنڌ جي قومي راند جي هيروز کي انهن هميشه لاءِ وساري ڇڏيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته ان عمل ۾ جتي سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ ميڊيا جي ڪوتاهي شامل آهي اتي وقت جي حڪمرانن به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته قومي ميڊيا تي ٻاهرين راندين کي حد کان وڌيڪ ڪوريج ملي ٿي ۽ حڪمران به ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا پر ملهه جيان ٻين راندين کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجي حقيقي قومي هيروز کان ڏينهن به ڏينهن پري ٿيندا پيا وڃون ايترو ئي نه بلڪي پنهنجي ذهنن تي نقش انهن جي پراڻي يادن کي به دز جي حوالي ڪري رهيا آهيون. جيڪو عمل انتهائي غلط آهي.
ورسي جي مناسبت سان جيڪڏهن سنڌ جي جوڌي پهلوان شير مير بحر جو ذڪر ڪجي ته سندس ڪارنامن سان ڪيترائي باب ڀرجي سگهجن ٿا. هن پنهنجي دور ۾ ملاکڙي جا ڪيترائي ميدان ماريا ۽ ڪيترن ئي مشهور پهلوانن کي مات ڏني. اهوئي سبب آهي جو ان وقت هن کي ملاکڙي جي ميدان جو مور تصور ڪيو ويندو هو. چون ٿا ته سندس پهريون مقابلو لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر نئين ديري ۾ زوار در محمد ميربحر پاران ڪرايل ملاکڙي ۾ ان دور جي چئن نامور پهلوانن لال محمد ڦل، احمد لهر، اقبال جوڳي ۽ پنجل مهر سان ٿيو جنهن ۾ هن چئني پهلوانن کي شڪست ڏئي ڀرپور نموني سان پاڻ مڃرايو ان ملاکڙي ۾ هن شروعاتي طور تي اهڙي شاندار ڪارڪردگي پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو جنهن کان پوءِ هن ملڪي سطح تائين به مقابلا ڪيا جن ۾ به هي سوڀارو ٿيندو رهيو. هي ٽن ڏهاڪن تائين ناقابل شڪست رهيو، پر سندس زندگي جو هڪ دور آيو جيڪو هن لاءِ ڏيهه کان پرڏيهه تائين جي سڃاڻپ جو سبب بڻيو. هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پاران ڪرايل 'هالا دنگل' ۾ هن چيڪوسلاويا ملڪ جي پهلوان زيبسڪو کي زبردست شڪست ڏئي دنيا اڳيان سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو، ان کانپوءِ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ٻئي ٻين الاقوامي ملاکڙي ۾ هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي ٻئي ملهون ماري ملهه راند جو مان مٿانهون ڪيو، اهو مقابلو ايڏو ته شاندار هيو جو ان وقت هر ماڻهو جي زبان تي صرف ان مقابلي ۽ پهلوان شير ميربحر جو ذڪر رهيو. ان مقابلي پهلوان جي مقبوليت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جڏهن ته رستم سنڌ شير مير بحر جو هڪ ٻيو اڻ وسرندڙ مقابلو 'لکي محل' خيرپورميرس ۾ ٿيو. ان ملاکڙي ۾ ان وقت جو فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ هزهائينس ميرعلي مراد خان ٽالپور به موجود هئا. انهن شير ميربحر جا داءُ پيچ ڏسڻ کان پوءِ فيلڊ مارشل ايوب خان کي چوڻو پئجي ويو ته "شير واقعي شير آهي" ان کان علاوه ٻين ماڻهن به شير جي ڀرپور تعريف ڪئي ۽ کيس داد ڏنو ان دور ۾ سنڌ جي ڀلوڙ ملهه پهلوان الهه جڙيي سمي شير مير بحر کي مقابلي لاءِ چئلينج ڪيو جنهن کي شير مير بحر وڏي دل، گڙدي سان قبول ڪيو ۽ پهلوان الهه جڙيو سمون کي لڳاتار ست(7) مقابلن ۾ شڪست ڏئي پنهنجو اعزاز برقرار رکيو شير مير بحر ملهه جي فن کي ايتري ته عظمت ڏني جو اها ٻهراڙي مان نڪري شهرن تائين پهتي ۽ ڪراچي ۾ واقع نيشنل اسٽيڊيم ۾ به کيڏي وئي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿيل هن يادگار مقابلي ۾ سنڌ ڄائي شير ميربحر آسٽريليا جي پهلوان آسٽن کي اسٽيڊيم ۾ ڦيرائي اهڙو ته پٽ تي هنيو جو ان ڏينهن کان پوءِ آسٽريلوي ملهه جو نالو ئي ڇڏي ويو، ان مقابلي جي ڪامينٽري ريڊيو پاڪستان تان سڌيءَ ريت نشر ڪئي وئي. اهو مقابلو به شير جي زندگيءَ جو بهترين باب تصور ڪيو ويندو آهي ڇو جو ان مقابلي جي فوري بعد شير پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته:" سندس خواهش پوري ٿي وئي آهي هن جو چوڻ هو ته هن جي خواهش هئي ته هو ملاکڙي راند کي سڄي دنيا ۾ مشهور ڪري جنهن کان پوءِ عالمي ليول جي پهلوانن جو هتي اچڻ ۽ انهن کي مات ڏيڻ منهنجي لاءِ مددگار ثابت ٿيو آهي ان عمل سان راند کي هٿي ملي آهي."
شير ميربحر پنهنجي ضمير مطابق ڌرتي ماءُ جو قرض ادا ڪيو پر افسوس ته حڪمرانن کيس اهو مان نه ڏنو، عوامي دور جي حاڪم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس 1974ع ۾ ملهه راند جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو جنهن دوران سيکڙاٽ نوجوان رانديگرن کي سکيا ڏيندو هو ۽ ملاکڙن جي نگراني ڪندو هو. پر 1984ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت ۾ جڏهن شير مير بحر گڙدن جي بيماري سبب اسپتال داخل ٿيو ته وقت جي بي حس حڪمرانن سندس پرگهور لهڻ بدران ويتر نوڪري ئي ختم ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پاران ملندڙ وظيفو بند ڪري ڇڏيو. نيٺ بيماري جي بستري تي چڪي چڪي سنڌ جو هيءُ املهه ماڻڪ 28 هين مارچ 1985ع تي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
اڄ "رستم سنڌ" شير ميربحر جي اٺاويهين ورسي جي موقعي تي اسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سندس خدمتن کي سامهون رکندي ڀٽ شاهه ۾ ٺهيل ملاکڙا اسٽيڊيم جو نالو "شير ميربحر اسٽيڊيم" رکيو وڃي. ڀٽ شاهه، قلندر لال شهباز، سچل سرمست ۽ ٻين وڏن ميلن ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ ملهه پهلوانن کي "شير مير بحر ايوارڊ" ڏنا وڃن. سندس يادگار تعمير ڪرايو وڃي. هر سال سرڪاري سطح تي سندس ورسي ملهائي وڃي ۽ کيس (بعد وفات) صدارتي ايوارڊ ڏنو وڃي.
(روزاني "سنڌ ايڪسپريس" حيدرآباد، 28-مارچ 2014ع )