شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شير ميربحر: سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو امين (سڄڻ سنڌي)

جيئن ته قومن جي وجود ۽ هستيءَ توڙي بقا ۽ سلامتي لاءِ جاگرافي، ٻولي، ساڳيا سياسي ۽ اقتصادي مفاد اهم جز آهن. تيئن ئي روايت، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ئي ڪنهن به قوم کي 'جز' مان 'ڪُل' بنائي سگهي ٿي.
ننڍي کنڊ جي وڏي مدبر ۽ نئين سنڌ جي سرجڻهار سائين جي ايم سيد پنهنجي تقرير ۾ چيو ته: "جهڙي طرح سج جي روشني جملي انسان ۽ حيوان ذات کي فائدو پهچائي ٿي، اهڙي طرح ثقافت به جملي انسان ذات جي اندروني خواه ظاهري اصلاح ۽ آراستگيءَ لاءِ ڪارآمد آهي. ليڪن جيئن ساري انسان ذات، شناخت ۽ نظام خاطر، فردن ۽ قومن ۾ ورهايل آهي، اهڙيءَ طرح تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت ڏئي ٿي ته هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هزارين ورهين جي تجربي ۽ معلومات بعد ثقافتي ورثا ڪٺا ٿين ٿا، جن کي هو پنهنجو قيمتي ذخيرو سمجهي، محفوظ رکندا آهن ۽ انهن کي هو پنهنجي ترقيءَ جي رستي ۾ مشعل راهه ڪري منزل مقصود کي پهچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ نقطي نگاهه کان سنڌي ثقافت به هڪ مستقل جداگانه هستي رکي ٿي."
انهيءَ ثقافت جي ٺاهڻ ۾ گذريل چئن هزارن ورهين کان وٺي سنڌ جي ڪروڙها رهاڪن حصو ورتو آهي. هينئر اسان وٽ اها صدين جو ورثو ۽ امانت آهي، جنهن ۾ سسئيءَ جهڙين سلڇڻين پنهنجي پنهل لاءِ جهنگ ۽ جبل جهاڳيا هوندا، مومل جهڙين گجرين پنهنجي راڻن لاءِ رات وهائي ڏينهن ڪيا هوندا، مارئيءَ جهڙين محب وطن عورتن پنهنجن پکن ۾ وڃي محلن جي مر لاهڻ لاءِ روڄ ۽ رياض ڪيا هوندا ۽ سهڻيءَ جهڙين سرويچين ميهارن لاءِ ڪاريءَ رات ڪن گهڙيا هوندا ۽ ڪيترن عالمن صوفين، نقاشن، ڳائيندڙن، پهلوانن جو پڻ ثقافت ۾ برابر جو حصو آهي.
"هونئن به اسين آزادي ۽ غلاميءَ جي جنگاڻ ۾ صدين جا سودائي رهيا آهيون. بيشڪ قومي وجود، جداگانه تشخص کان پوءِ ڪنهن به وطن ۽ ان وطن ۾ وسندڙ قوم جي تهذيب ۽ ترقيءَ لاءِ علم ۽ هنر صنعت ۽ حرفت جي اهميت ۽ افاديت جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر ڪنهن به قوم جي هستي رڳو تهذيب ۽ ثقافتي ورثن سان ئي قائم دائم رکي سگهجي ٿي."سيد صاحب ثقافتي اهڃاڻن ۾ پهلوانن جو ذڪر نمايان طور ڪيو آهي. عوامي شاعر عبدالحڪيم ارشد جي شعر جي هن سٽ "ديس جي دودن ۽ جوڌن، پهلوانن کي سلام" جي نقطه نگاهه جي روشنيءَ ۾ مشاهدو ماڻبو ته اسان کي سرزمين سنڌ جو سرموڙ ملهه پهلوان "شير ميربحر" جڳ مڳ جڳ مڳ روشن روشن ستارن ۽ ڪهڪشائن ۾ چمڪندڙ چنڊ جيئن نظر ايندو.
شير ميربحر جو نرالو نانءُ کڻبو ته تصور ۾ ڪو بي انت بحر ئي سمائجي سگهي ٿو.
الاءِ ڇو به پر مون کي شير ميربحر جو نالو زمين جي وسعتن کان آسمانن جي بلندين تائين هميشه للڪارون للڪارون ئي ڀاسندو آهي.
شير ميربحر هيو ته ملهه پهلوان يقيناّ هُو پنهنجي هڏڪاٽ ۾ اتاهون ئي هوندو، سندس سونهن ۽ سندرتا به ڏسڻ وٽان ئي هوندي. چون ٿا ته سندس حُسن (مردانه وجاهت) جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي. ڪويل جي ڪوڪار ۽ هرڻيءَ جي ڇال ۾ به عجب حسناڪي هجي ٿي پر مور جي ٽور ۽ ٽهوڪا سدابهار ۽ بي بدل رهيا آهن.
"ملهه" جو هڪ مڪمل دؤر شير ميربحر جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو رهيو آهي. ان دور ۽ زماني جا ماڻهو ڪنهن به ملاکڙي ڏسڻ لاءِ آکاڙي ۽ شير ميربحر جي هجڻ جي پهرين پڇي پڪ ڪندا هئا ۽ پوءِ ئي ڪنهن ميلي ملاکڙي لاءِ پنڌ پوندا هئا. چون ٿا ماڻهو ملاکڙي ۾ شير ميربحر جي آمد کان ڪيترو ئي وقت اڳ ۾ اچي آکاڙي جي پٽ تي ٻانهيون جوڙي ويهي سندس ئي پچارون ڪندا هئا. شير جو جلوو ۽ جوت پسڻ مَنهيون" ۽ "پيها" ملهه جي شائقين سان سٿجي ويندا هئا. شير ميربحر جي آمد ڪنهن ٿڌڙي هير جيان ماڻهن منڙو ٺاري وجهندي هئي، ميدان تي سندس مُرڪن جا ڄڻ مينهن وسي پوندا هئا ۽ پوءِ ملاکڙي جي ميدان ۾ شير جي شڪار تي ها ... ها... ڪار ٿيڻ شروع ٿي ويندي هئي. پر چون ٿا ته ملهه تڏهن "ملهه" نه ڪا "ٻاراڻي کيڏ ۽ نه ڪو هٿ ناٽ" سندس جوڙ جا نالي وارا پهلوان جڏهن سندرا ٻڌي ميدان تي لهندا هئا ته ڌرتيءَ ڄڻ هانءَ ٺري پوندو هو. هوائن ۾ هڳاءُ ۽ ماحول مهڪارون مهڪارون ٿي ويندو هو.
شير ميربحر ۽ سندس هم عصر پهلوانن زماني جهان جي فڪر کان آزاد ٿي "ملهه" جا انگ اکر ۽ جوهر ڏيکاري ڏسندڙن جا ڇرڪ ڇڏائي ويهندا هئا ۽ پوءِ شير ميربحر ۽ سندس جوڙ ــ جيس جي پهلوانن جي هنڌين ماڳين هاڪ پئي هلندي هئي، انهن ۾ هونئن ته ڪيترائي مڻيادار ملهه اچي وڃن ٿا پر الهه جڙيو سمون، سيد سمن شاهه ۽ غلام سرور جتوئي جا نالا سندس ئي پٺيان پر احترام سان ياد ڪيا وڃن ٿا.
شير ميربحر جي نالي سان هونئن ته ڪيئي نسبتون آهن پر هڪ نسبت هيءَ به آهي ته:
جيئن سنڌ ديس جو ساهتي پرڳڻو سنڌ جي نقشي ۾ ڄڻ ڪنهن دل سمان آهي. تيئن شير ميربحر پنهنجي جنم ڀومي ساهتي پرڳڻي جيان ملهه ۽ پهلواني توڙي ميلي ۽ ملاکڙي جي ڄڻ ڌڙڪندڙ دل وانگر هئي.
مون ٻڌو آ ته سندس ڳوٺ جا نالا ٻه اڍائي ڀيرا بدليا به آهن پر ان جو هڪ نالو "ڀونئر" به ڳڻايو ويندو آهي. بقول مرشد لطيف جي ته:
ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونئر ڀري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
ڀٽائي سرڪار جي هن بيت جي تناظر ۾، شير ميربحر سچ ته پنهنجي ڳوٺ جي نرالي نانءُ وانگر ڪنهن ڀونئر مثل ئي هيو. جنهن جي اڏام اُتاهي رهي ۽ سنڌ ڄڻ ته ڪنهن ڪنول گل جيان هئي.
شير جڏهن ملاکڙي جي ميدان جي چؤطرف چوڌار اُڀري اُسهندو ۽ اُسهي اڀرندو هو. تڏهن آڪاس ۾ اڏرندڙ ڀونئر جيئن ڀاسندو هو ۽ ڌرتي ڪنول جو گل ٿي پوندي هئي ۽ ها پوءِ پڪ ئي پڪ ٻنهي جي ڳالهڙي کي رازق ئي راس ڪيو هوندو. شير ميربحر ۽ سندس ڌرتيءَ کي جنهن عشق ميڙيو سا سائين جي ايم سيد جي تصور ۾ يقيناّ روايت، تهذيب ۽ ثقافت ئي اهو "عشق" هئي.
جهڙي ريت شير ميربحر پهريان پنج درجا پڙهيو. هي پڙهيو ته ٿورو پر ڪڙهيو خوب قلوب ۾، تيئن وري هن ملهه جي ميدان ۾ اڃا ابتدائي سبق ئي مس پڙهيا هئا جو پاڻ سان پاڻ ئي مخاطب ٿيندي چيو هوندائين ته:
اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
۽ ڪنهن زور ڀريو هوندس ته پڪ چيو هوندائين ته:
ملان، مار مَ مون، سبق پڙهان يا سڄڻ ڏسان.
هن جو مارڳ نه "سبق" هو پر سندس ماڳ رڳو "سڄڻ" ئي هو. هن جي منزل به ساڳي هئي ته مقصود به ساڳيو هو.
اهوئي سبب هو جو اٿندي ئي پاڻ کان مٿاهين جوڙ جي پهلوانن: اقبال جوڳي، محمد بخش مهر، هوشو شيدي، پنجل مهر، لال محمد ڦل، هينڊل مڪراني ۽ حاجي احمد لُهر کي مهميزون ڏئي ماري ملڪ ميدان ڪري ڏيکاري ڇڏيائين.
خوشگوار حيرت ۾ وجهندڙ هڪجهڙائي هئي به آهي به، پهرين جوڙ جي ٽن ملهه پهلوانن هوشُو شيدي، هينڊل مڪراڻي، انب شيدي ۽ پنهنجن همعصر ملهه پهلوانن مان ملان شيدي، قلب علي جتوئي، بکر شيدي ۽ مٽر شيديءَ کي هڻي هنڌ ڪيو.
۽ مزيدار ڳالهه اها ته هن سنڌ وطن جي نامور ملهه پهلوان الهه جڙيو سمون کي للڪار تي کيس لڳاتار ست ڀيرا ماري مڃايو.
شيرميربحر، هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر سابق وزيراعظم لياقت علي خان، بيگم رعنا لياقت علي خان، فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان، مخدوم طالب الموليٰ، جنرل موسيٰ خان، امداد علي خان ڀٽو ۽ پير بخش خان ڀٽو سميت ڪيترن ئي وڏين شخصيتن کان ايوارڊ حاصل ڪيا. جڏهن ته عام ماڻهن (عوام) کان مجموعي طور لکئين روپيا حاصل ڪيا ۽ سنڌ جي ماروئڙن جي دعائن جا در سدائين کليل رهيا.
جنهن جي آڏام تي ڪاميابيون سندس مقدر بڻيل رهيون پر مسلسل ڪاميابي هن ۾ جيئن پوءِ تيئن عجر ۽ عاجزي توڙي نماڻائي ۽ نهٺائي پيدا ڪئي.
شير ميربحر ملهه جي دنيا ۾ شهرت جي آسمانن کي ڇهڻ کان پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ملهه کي قومي راند قرار ڏئي ان شير ميربحر کي ان جو ڪوچ مقرر ڪيو.
شير ميربحر اوج ۽ عروج جون منزلو ماڻڻ سان گڏ هڪ پاسي سنڌ ديس جي ڌرتي جي مٺڙن ماروئڙن جي من ۾:
اندر روح رهيا م، سڄڻ اوطاقون ڪري.
جي مثل رهيو ته ٻئي پاسي سنڌ جي ويرين نه ڄاڻ ڇو کيس ڪُکِ جو ڪانُ ٿي ڄاتو. جنرل ايوب خان جي دور ۾ ڊپٽي ڪمشنر ديس جي اصل وارثن کي "ڌرتي ڌڪاڻا" تصور ڪندا هئا ته پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو والي سمجهندا هئا، اهوئي ڪارڻ هيو جو ان دور ۾ ڊي سي حميدي شير ميربحر کي 110 جهڙي بدنام زمانه قلم ۾ چالان ڪيو، جيڪو پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي نيڪال ٿيو ۽ جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ سنڌي تهذيب، روايت ۽ ثقافت جي علمبردار پنهنجي دور جي عظيم ترين ۽ ناقابل شڪست ملهه پهلوان کي اهو ڏسڻ کان سواءِ ته عالمي سطح تي ملندڙ چئلينجز کي قبوليندي. چيڪو سلواڪيه جي "زيبسڪو" آسٽريليا جي "آسٽن" ۽ هندستان جي "گرنام سنگهه" کي شڪست ڏئي ملڪ کي عالمگير فاتحن جي فهرست ۾ شامل ڪرايو.
ملهه جي قومي راند واري حيثيت کي ختم ڪري، ا ُن کي ميسارڻ جي ناپاڪ سازش ٿيندي شير ميربحر کي ڪوچ واري مرتبي تان هٽايو ويو.
مون توڙي جو شير ميربحر کي عمر عزيز جي پوئين پهر ۾ ڏٺو.
هن اُڀرڻ (21 جنوري 1924ع جنم) کان اُلهڻ (28 مارچ 1985ع وصال) تائين ڪنهن به رئيس، ڀوتار، مير، پير ۽ حاڪم جي دربار جو درباري يا دربان ٿي نه گذاريو. هي صوفي صفت، آزاد منش ۽ خود دار انسان هو. جنهن نوابشاهه شهر جي غريب آباد ۾ پنهنجو شاندار قسم جو اجهو جوڙايو. هو پنهنجي اجهي جي اوٽ ۾ به صبح جو اڀرندڙ سج جي تک ۽ تاءُ جي منهن سامهون ۽ لڙي شام جو لهندڙ سج جي لام کي پيو ڏسندو هو.
الاءِ ڇو اڄ جڏهن مان سندس ساروڻيون ساريان ٿو ته مون کي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هيمونءَ جي همت ۽ هوشوءَ جي عظمت جو اهڃاڻ هو. هن شخص جي اکين جون مشعلون ڏسي لڳندو هو ته ڄڻ هو دل ئي دل ۾ جهونگاريندو هجي ته:
هن جنم هُن جنم لئه وچن ٿو ڪريان،
مان جتي به هجان، سنڌ تنهنجو ٿيان.
۽ هاڻ ائين ٿو لڳي ڄڻ:
لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري.