شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شير ميربحر: سنڌ جو سداحيات پهلوان ها ايوب، شير واقعي شير آهي…! مولائي ملاح

جَل وهندڙ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي قائم ڳوٺ مُوسو ديرو ۾ جنم وٺي ٻالڪ پڻ کان جوانيءَ تائين جي زندگي ڳوٺ گل محمد هيسباڻيءَ ۾ گذاريائين؛ (سندس وفات کانپوءِ اهو ڳوٺ سندس نالي پٺيان 'پهلوان شير ميربحر' سڏجڻ ۽ لکجڻ لڳو) ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد ميربحر جي گھر 21هين جون 1924ع تي فجر مهل جنم وٺندڙ ٻالڪ عالي شير (عالي شير ڏاڏي جو نالو اٿس، ڳوٺ ۾ اڄ به کين عاليءَ جي آڪهه ڪري سڏيندا آهن) مير بحر لاءِ ڪالهه اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو شير بڻجي ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪندو. چوندا آهن ته شير بادشاهه پنهنجي منزل ۽ پنهنجي شڪار جو تعين پاڻ ڪندو آهي. ائين ئي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي سُرهي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ تي پلجندڙ هن شير به پنهنجي منزل ۽ مستقبل جو تعين پاڻ ڪيو. شير جي ميدان ۾ لهڻ جا سڀ انداز شير جهڙا هوندا هيا. مُڇون مروٽيل ملهه، شير جيان ڪرَ موڙي، سمونڊ جيان مدِمقابل تي چاڙهه ڪري، کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ کانپوءِ زمين کان مٿي کڻي ڦيرائي ڦيرائي اونهي پاڻيءَ جيان زمين ۾ هڻي ٻوڙي ڇڏيندو هو. سندس شخصيت جيان فن ۾ به وڏي گهرائي هئي. شير جي ميدان ملهائڻ واري ساک ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان هئي جيڪو سندس فن تي ڪيڏو نه ٺهڪي اچي ٿو ته:
ڪيهَرَ جِئَنَ ڪُرُ کڻي، مُڇون مَلُهه موڙي،
سمونڊ جئن سيِرَ ڪَيو ، ٿو ٻار جئن ٻوڙي.
(شاهه)
هن سنڌي پرائمريءَ جا چار درجا پنهنجي ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد عبدالطيف آگرو وٽ پڙهيا، نامور ليکڪ، محقق غلام رباني آگرو سندس ڪلاس فيلو هيو، هن جي من ۾ ملهه جو شوق پنهنجي چاچي پيرل خان ميربحر جي ڪري پيدا ٿيو، پهلوان پيرل ميربحر پنهنجي دور جو وڏو پهلوان هيو. شير، شروعاتي دور ۾ پهرين ملهه پنهنجي پاڙي جي پير 'جھنگلي شاهه' محبت ديرو جتوئي جي ميلي تي وڙهي سوڀ ماڻي. ملهه جي پهرين سکيا هن تعلقه ڪنڊيارو جي شهر خانواڻ جي ٻاهران ڳوٺ 'سعيد خان خشڪ' جي رهواسي پهلوان لقمان خشڪ کان ورتي پوءِ اسماعيل بڙدي بعد ۾ مشهور پهلوان لالا نواز علي خان پٺاڻ آف ڳڙهي ياسين کان ورتائين؛ استاد کيس ڌاڳو ٻڌڻ مهل دعا ڏني ته 'انشاءُ الله سنڌ ۾ نالو ڪمائيندي' استاد کان باقائدي سکيا وٺڻ کانپوءِ هن پهرين ملهه پاڻ کان سينئر، پهرين جوڙ جي پهلوانن سان وڙهي جنهن ۾ سوڀ ماڻيائين، پوءِ همعصر پهلوانن سان وڙهيو، بعد ۾ جونئر پهلوانن کي شڪست ڏنائين.
شير، جي مَن ۾ سنڌ جي بهادري ۽ ارڏائپ سمايل هئي. جڏهن جوڀن جا ڪَرَ موڙيائين ته ملهه جي ميدان ۾ سندرو ڇڪي ڪونڌرن جيان للڪار ڪندي چيائين ته: "اچو مان آهيان سنڌ جو شير، جنهن کي به پنهنجي بهادريءَ تي ناز هجي اهو اچي مون سان ميدان ۾ مُنهان مُنهن ٿئي!" هن جي اهڙي للڪار ڏيهه توڙي ڏيساور تائين ٻُرڻ لڳي ته مختلف شهرن، صوبن ۽ ملڪن مان سندس مقابلي لاءِ پهلوان ايندا ويا؛ هي سنڌ جو شير انهن کي ڦيرائي ڦيرائي پنهنجا ٻئي گوڏا سندن سيني تي ڏئي ميدان ۾ دسيندو ملهه ماريندو ۽ انعام ماڻيندو رهيو. اهڙي بهادريءَ عيوض هي عوام جي دلين تي 30 ڏهاڪن تائين راڄ ڪندو رهيو. اهڙي ارڏائپ سبب هن ٻهراڙيءَ جي ٻار جلد ئي سنڌ ۾ پنهنجي قومي هيري واري حيثيت ماڻي ورتي. اهڙيءَ ريت هن سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ملهه کي ٻهراڙيءَ جي ميدانن مان کڻي شهرن جي اسٽيڊيم ۾ آندو.
سنڌ جي هن مُرڀي پٽ جي جسامت جي بيهڪ، لباس اوڍڻ کان وٺي ميدان ۾ وڙهن تائين جا سڀ انداز نرالا هيا، آکاڙي ۾ وڙهڻ دوران سندس چستي ۽ چالاڪيءَ سان ورتل داؤَ پيچَ ۽ انگ اکر ڏسي جنرل ايوب جهڙي چست ۽ چالاڪ ماڻهوءَ کان به رڙ نڪري وئي هئي؛ جنهن بي ساخته ٿي چئي ڏنو ته:
"شیر واقعی شیر ہے، جیسا سنا ویسا ہی دیکھا۔"
هن جي مقابلي ۾ ڪيترائي بهادر چونڊي چونڊي آکاڙن (ملاکڙي جي ميدان) ۾ لاٿا ويا جن کي هن هڪ ئي سَٽ سان زمين تي سٽي ٻئي ٻانهون هوا ۾ لوڏي مرڪندي چيو ته: 'جي اڃا به ڪو اٿوَ ته موڪليو، هي سنڌ جو شير ميدان ۾ بيٺو آهي.' هن جي اهڙي بهادري ڏسي پرڏيهي ۽ پنجاب جي پهلوانن کان به پهلواني وسري ويندي هئي؛ هن سنڌي سورمي جي چهري تي فتح ماڻڻ مهل جا مُرڪ تري ايندي هئي اها به آمريتي ڌرين کان برداشت نه ٿيندي هئي جن ساڻس زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين وير رکي اهو ئي سلوڪ ڪيو جيڪو هت هر محب وطن ماڻهونءَ سان ڪيو ويندو آهي.
شير ميربحر، شڪل شبيهه ۾ جهڙو سهڻو هيو، تهڙو ئي سيرت ۾ به سٻاجھڙو، وڏي ظرف ۽ ڪشاديءَ دل وارو ماڻهون هيو. ملهه جي شوقين ۽ شير جي عاشق، عظيم سنڌي مورائيءَ کان جڏهن شير بابت پڇيم ته هن ٿڌو ساهه کڻندي، چيو ته: "مولائي! شير بابت مان توکي ڇا ٻڌايان، شير شير هيو شير جهڙا اڄ ماڻهو ڪٿي، شير جهڙو ڀلو ملهه هيو اهڙو ئي ڀلو انسان به هيو. يار! هو ڏاڍو سهڻو هوندو هيو، هن کي هرلباس تن تي ٺهندو هيو، هو ملاکڙي ۾ ايندو هيو ته ٻانهينءَ ۾ استاد شير … استاد شير جا چئو ڏس آواز ٻُرڻ لڳندا هيا… هائي هائي! شير بابت ڇا ٿو پڇين شير سان سنڌ جا ماڻهون ڏاڍي محبت ڪندا هيا، هن ڌيمي ۽ ڏکاري آواز ۾ ڏسيو ته يار شير کي آخري ڏهاڙن ۾ سيد سمن شاهه ڏاڍا ڌڪ ڏنا رت به ڪڍي ڇڏيائينس پر پوءِ به هن ملهه نه ڏنس." هن زندگيءَ جون پهريون وکون ته ڪچي جي چيڪي مٽيءَ تي کنيون، پر جڏهن هي شهرت جي منزل کي ڇهڻ لڳو ته هن جا قدم قالينن تي ئي رهيا، شهرت جي اهڙي بلنديءَ کي ڇُهڻ ۽ شهر جي رنگينيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ به هن جي مزاجن ۾ ڪابه 'شهري' تبديلي ڪانه آئي. ساڻس ملڻ مهل سندس احساسن مان پيار، پنهنجائپ، سڪ ۽ سونهن محسوس ٿيندي هئي. هن ڪنهن پل به ماتر ڀوميءَ ۽ ان جي مٽيءَ هاڻن ميرن ماڻهن ۽ مُهاڻن کي ڪو نه وساريو. اهڙو احساس اڄ به سندس اولاد شهاب الدين ملاح سان ملندي محسوس ٿيندو آهي. هن سڄي حياتي سنڌ جي قومي، ثقافتي راند ملهه کي جيئارڻ جا جتن ڪيا. هن هيڻي حال آهر به ڪافي ڪوششون ورتيون.77- 1976ع ڌاري هن 'ملهه ايسوسيئيشن نواب شاهه' ٺاهي، تن ڏهاڙن ۾ پهلوانن جي سکيا، آکاڙي لاءِ سنڌ حڪومت پاران حبيب شوگرملز نواب شاهه جي ڀرسان هڪ ايڪڙ سرڪار زمين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جيڪو شهاب الدين ملاح چواڻي ته: "اهو پوءِ رولڙي جو شڪار ٿي ويو."
پهلوان شير ميربحر، پنهنجي ڪلچر، قومي راند سان ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين سُئيءَ ۾ سڳي جيان سلهاڙيل رهيو. هن سنڌ جي قومي راند ملهه کي پنهنجي خون سان پروان چڙهايو، هن کي ڪٿي به مايا جي موهه ڪونه موهيو، نه ته شهرت جي اهڙي مقام تي پهچڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو 'مايا' جي منڊيءَ ۾ انڌن- منڊن اُٺن جي قيمت ۾ وڪامندي ڏٺا آهن؛ پر هن مُهاڻي ٻار ڪنهن پل به 'سون تي سيڻ نه مٽايا' ۽ سڄي حياتي شان سان جيئندو رهيو. هن جي عشق جو محور سنڌ ۽ سنڌ جو ڪلچر، قومي راند (ملهه) رهيو؛ جنهن سان هو زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين سرتيءَ جيان سچو رهيو. هن جو حُسن، هن جي اُها فاتح مُرڪ هئي جيڪا اڄ به سندس اولاد شهاب ملاح جي چهري مان پسي سندس سونهن ۽ سڪ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. مخالف کي ملهه مارڻ کانپوءِ، ملاح جي چپن مان نڪري چهري تي تري آيل گلاب جي پنکڙين جيان ٽڙيل مُرڪ، جتي پرستارن جي من کي موهي وجھندي هئي اتي سندس مُرڪ تي ڪيتريون ئي اپسرائون به فدا ٿي پونديون هيون. سندس ٻه شاديون هيون پهرين پنهنجي سؤٽ، پوءِ پنهنجي پرينءَ سان پيار جو پرڻو ڪيائين.
شير ميربحر جو پنهنجي ڌرتيءَ سان سچو عشق هيو جنهن عشق سبب کيس پنهنجي ڪلچر سان پيار رهيو جنهن پيار جي پرچار ڪرڻ لاءِ هن قومي راند ملهه، سان نينهن جون لائون لڌيون، جنهن ۾ زندگيءَ جي هر موڙ تي سڦلتا ماڻيائين.
سنڌ جي ويرين صدين کان وٺي هن ڌرتيءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي جن هر محاذ تي سنڌ جي ترقيءَ جيان سنڌ جي ڪلچر ۽ امن کي تباهه ۽ تاراج ڪيو آهي، ان تباهيءَ ۾ اسانجا پنهنجا به پري ناهن رهيا؛ جن هر اهڙي عمل ۾ سازشي ماڻهن جو ساٿ ڏنو آهي. سنڌ جي قومي راند ملهه کي وساري ان جي جاءِ تي ڌارين راندين هاڪي، ڪرڪيٽ، ريسلنگ، فٽ بال وغيره کي هٿي وٺرائي ملهه جي مقابلي ۾ آندو آهي. اهڙي سازش سان ماڻهن جو ملهه، ملاکڙن تان ڌيان هٽايو ويو آهي. هنن جي اهڙي عمل سان اسانجي سماج تي ڪيترائي خراب اثر پڻ پيا آهن. ملهه جي مقابلي ۾آندل ڌارين ملڪن جي ڌارين راندين کي سرڪار توڙي مقامي ماڻهن جي سرپرستي حاصل آهي جن جي اهڙي عمل، هٿي وٺرائڻ سان اسانجو معاشرو صحتمند ٿيڻ بجاءِ ڪرپشن، جُوا، جهڙن ڏوهن ۾ ملوث ٿيڻ سبب ڪمزور ٿي رهيو آهي. ڪرڪيٽ ڪلچر نوجوانن کي ذهني، جسماني طرح سنڍ ڪري ڇڏيو آهي. هنن راندين تي ڪروڙين روپين جي 'جُوا' صفائيءَ سان کيڏي وڃي ٿي جنهن جي انتظاميه کي سڀ خبر هئڻ جي باوجود به، ڄڻ ته ڪائي خبر ئي ناهي…!!! هنن راندين ۾ سٽا، مئيچ فڪسنگ، اسپاٽ فڪسنگ، جهڙين جُوائن جا اسڪينڊل به عام رهيا آهن جيڪي هاڻ ته ميڊيا جي زينت به بڻجي چڪا آهن. چون ٿا ته وڏا وڏا سٽي باز جُواري، ان ڪرپشن ۾ ملڪ جي ناميارن ماڻهن جن ۾ مرد توڙي عورتن اداڪارن ۽ فنڪارن کي سٽي جي ڊيل ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. مئچ شروع ٿيڻ کانپوءِ عام ماڻهون هوٽلن تي ۽ خوش ماڻهون گھرن ۾ ويهي بُڪين (جديد جُوا جو اڏو) تي ويهي واڪ، آواز ڏئي لکين روپين جون شرطون طع ڪندا آهن. هوٽلن تي ويٺل نوجوان پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي ڇڏي هلندڙ مئچ جي رنسن، پچ تي ڪرندڙ بالن ۽ اوورن تي سَون کان هزارن تائين جون شرطون هڻي جُوا کيڏندا آهن. شرط هارائيندڙ نوجوان هڪڙا منشيات واپرائي غم ڀلائيندا آهن ته وري ٻيا ڏوهه ڪري پنهنجن خرچن جي پورت ڪندا آهن، انهن ٻنهين عملن سان اسانجو ٽئلينٽ تباهه ٿي رهيو آهي، ۽ معاشرو، نوجوان نسل جي ملوث هئڻ سبب ڪرپشن ۽ بد امنيءَ جو عذاب به ڀوڳي ٿو. هنن راندين کي هٿي ڏيڻ سان اسانجي سماج تي سٺن اثرن بجاءِ خراب اثر پون ٿا. جنهن جي سزا اڄ اسين سڀ ڀوڳي رهيا آهيون. اسانجا باشعور، ساڃهه وند ماڻهو به اڪثر ڪري گھرن ۽ اوطاقن تي ويهي ٽيلي ويزن تي هلندڙ اهڙين راندين، رانديگرن جون نئين نسل اڳيان تعريفون ڪندي ڪونه ڍاپندا آهن سندن اهڙي عمل سبب ڌارين راندين تي ٿيندڙ جُوا، ڪرپشن جي اخلاقي سهائتا ٿئي ٿي، مون کي ان وقت شديد افسوس ٿيندو آهي جڏهن ٻهراڙيءَ جا ٻار، جھُونا ماڻهون به ڪرڪيٽ راند تي بنا ڪنهن ڄاڻ جي بحث ڪندا آهن. ڪجھ ڏهاڙا اڳ مون هڪ هوٽل جي بينچ تي هر هر ٽپ ڏيندڙ پوڙهي کان پڇيو ته چاچا! ڏيو خبر، ڪا ڳالهه سمجھ ۾ اچي پئي؟ چيائين بابا ڊٻي ۾ ٺڪريون…! چيم پوءِ ايترو…، وراڻيائين، بابا! اسانجو وڏيرو به اوطاق تي اها راند ڏسندو آهي، سو شام ڪچهري تي جو ويندس ته رئيس جي اڳيان ويهڻ جهڙو ته ٿيان. مطلب ته: رئيس جو راند جي ڳالهه ڪري، ته آئون به ته سندس ڳالهه تي ڪنڌ لوڏي ها ها ڪيان نه، ائين واهه واهه ڪرڻ سان رئيس خوش ٿيندو آ ابا! هاڻ ڏيو منهن…!! هنن ماڻهن کان پنهنجي قومي، راند ائين ئي واهه واهه … تي وساري وئي آهي. ملهه سان ته معاشرو صحتمند بڻبو آهي، جڏهن معاشرو صحتمند ٿيندو ته سنڌ ترقي ڪندي سنڌ ترقي ڪندي ته ملڪ به خوشحال ٿيندو. ملاکڙن جهڙين سماجي، ثقافتي سرگرمين سان ماڻهن ۾ ميلاپ ٿئي ٿو جنهن سان نفرتون گھٽجن ٿيون ۽ محبتون وڌن ٿيون. ملهه ماڻهن کي ميڙي محبت جو پيغام ڏئي ٿي. ملاکڙن مچائڻ سان سنڌ ۾ ٻيهر امن جي فضا قائم ٿيندي. هن شعر جيان ته:
محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو،
تنين جي ويڙهي، پاڻهين ايندو راڄ ڌڻي.
اسانکي افسوس ته ان ڳالهه تي به ٿيندو آهي جو جڏهن ڌارين راندين جا رانديگر ڪائي مئچ کٽيندا ۽ 'پنڊ جا پهلوان' رٽائر ٿيندا آهن ته انهن کي انعام طور زمين وري سنڌ جي ڏني ويندي آهي، ۽ سنڌي رانديگر موجود هئڻ جي باوجود به انهن کي قومي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي قومي، راند ملهه جا پهلوان بيمار ٿيندا آهن ته انهن جي سار لهڻ لاءِ ڪوبه سرڪاري عملدار ڪونه ايندو آهي، پوءِ خسته حالت ۾ ئي هي اسپتال ڀيڙا ٿي دوائن بنا دم ڏيندا آهن. جڏهن ته ٻين صوبن جا فنڪار رڳو بستري ڀيڙا ئي مس ٿيندا آهن ته انهن لاءِ سندن سرڪار جا سڻڀا سلام پهچي ويندا آهن. اگر اهي حياتيءَ جي کٽ تان کسڪي ويا ته کين مئي پڄاڻا به صدارتي ايوارڊ جي اعزاز سان نوازيو ويندو آهي، پر سنڌ جي هن قومي رانديگر شير ميربحر کي هن مهل تائين اهڙي اعزاز کان وساريو ويو آهي. سنڌ ۾ ثقافتي رانديگرن جي سار لهڻ لاءِ ادارا ته قائم آهن پر اهي به صرف نالي ماتر ئي رهيا آهن جيڪي اسانجي قومي رانديگرن کي هن مهل تائين ڪوبه فائيدو پهچائي نه سگھيا آهن.
هت سنڌ جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجن ادارن لاءِ اشتهار وٺڻ جي ڪوششون ته هر ڪنهن ڪئي آهي، پر انهن به سنڌ جي قومي راند تي هن مهل تائين سنجيدگيءَ سان سوچيو ئي ناهي، ساڃاهه وندن کان ويندي سرڪار سميت سڀ ادارا ڪن لاٽار ڪن ٿا. ڇا اسانجو ڪلچر رڳو هڪ ڏهاڙي جو محتاج ۽ روڊن تي رقص ڪرڻ، جھمريون پائڻ تائين محدود ٿي ويو آهي.. ؟!
سنڌ جي سڄڻن، ساڃهه وند ڌرين ۽ سنڌ جي عاشقن هر دور ۾ پنهنجي قومي ڪلچر کي رت ست ڏئي جيئاريو آهي. اهڙن امر ڪردارن ۾ شير ميربحر به پنهنجي وس وت ۽ ڄاڻ آهر پاڻ ملهايو آهي، جنهن ڪم ۽ ڪردار ڪري هو اڄ به تاريخ ۾ سونهري حرفن سان ته سهيڙيل آهي. پر ساڻس انياءُ اهو ٿيو آهي جو کيس مئي پڄاڻان سرڪار ۽ سنڌ جي عاشقن وساري ڇڏيو آهي. جيڪا هن سنڌ جي سورمي سان نا انصافي آهي.
اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌ جي هن شير، پنهنجي قومي ڪلچر کي جوانيءَ جي جوڀن سان جيڪا جلا بخشي، ان تي پوڙهائپ ۾ به آمريت جي پوڄارين سنڌ ۽ سنڌي ڪلچر جي ويرين کيس ان عشق جي جرم ۾ جيڪا سزا ڏني اها هن مڙس مٿير مُرڪي قبول ڪئي، هن زندگيءَ جي ڏکين گھڙين ۾ به آمريت اڳيان آڻ نه مڃي جئين جوانيءَ ۾ ملهه جي ميدان ۾ مد مقابل کي آڳ ڏيڻ کان انڪار ڪندي، کيس ملهه مارڻ کانپوءِ سندس لبن تي سنڌ جي سورهيه پٽ جرنيل هوش محمد شيديءَ جي لفظن جهڙي للڪار ٻُرندي هئي ته: "مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون" ته ائين ئي هن پوڙهائپ ۾ به اهڙي ئي ارڏائپ سان زندگي گھاري آمريت جي ڪاڻ نه ڪڍي. شهيد ڀٽو کيس 1974ع ۾ ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو، جمهوريت تي راتاهي کانپوءِ جنرل ضياءَ 1977ع ۾ اهو عهدو ختم ڪيس جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ کانپوءِ بحال ٿيو. زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو ته جنرل ضياءَ جي آمريتي ٽولي کيس جھڪائڻ لاءِ ملندڙ معاوضو به بند ڪري ڇڏيو، تڏهن به هي بهادرن جيان بيماريءَ سان جھيڙيندو پنهنجيءَ رمز ۾ رمندو رهيو. 'شير شهادت ماڻي' جيان نيٺ هن 28 مارچ 1985ع تي پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس سماڌي پنهنجي ئي ڳوٺ محبت ديرو جتوئيءَ کان 2 ڪلو ميٽر ٻاهر سندس نالي پٺيان قائم ، ڳوٺ 'پهلوان شير ميربحر' ۾ موجود آهي جتي سندس ورسيءَ جي موقعي تي هر سال 'شير يادگار ڪاميٽيءَ' جي چيئرمين شهاب الدين ملاح پاران سندس ياد ۾ ملاکڙو لڳرايو ويندو آهي. هئڻ ته ائين گھرجي ها جو جئين 'پنڊ جي پهلوانن' ۽ ڌارين ملڪن جي راند جي قومي رانديگرن کي سنڌ جون قيمتي زمينون انعام طور ڏنيون وڃن ٿيون، ائين ئي هن کي به اهڙي قسم جو انعام ڏنو وڃي ها، جيڪڏهن ڪالهه ملڪ ۾ آمريت هئڻ سبب ائين نه ٿي سگھيو، ته اڄ جمهوريت بحال آهي، اڄ به سندس اولاد کي اهڙي اعزاز سان نوازي سندس خدمتن کي ساراهي سگھجي ٿو، سرڪار کي هن سنڌ جي قومي رانديگر لاءِ به (بعد وفات) صدارتي ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ گھرجي. اعزاز طور ڀٽ شاهه جي ملاکڙي واري ميدان تي سندس نالو رکيو وڃي، مڃتا طور شاهه لطيف رحه، شهباز قلندررح جي ميلي تي ملهه پهلوانن کي شير ميربحر ايوارڊ ڏنا وڃن، اهڙيءَ ريت سنڌ، سنڌ جي قومي ڪلچر سان محبت جي اظهار جي دعوا جو حق به ادا ڪري سگھجي ٿو.
رستم سنڌ، پهلوان شير ميربحر کي وڇڙئي توڙي جو اڄ 29 سال گذري چڪا آهن پر اڄ به جڏهن ڏکڻ جي ٿڌڙي هير کيتن ۾ پڪل فصلن تان خوشبوءِ کڻي ايندي آهي ته اسانجي مَن ۾ شير جون يادون وَر وَر ڪري وري اينديون آهن، ۽ پوءِ ذهن جي اسڪرين تي فلم جي پردي جيان هلڻ لڳنديون آهن. تاريخ جا ورق ورڻ لڳن ٿا جن مان معلوم ٿئي ٿو ته: هن پهرين ملهه47/ 1946ع نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زوار در محمد ميربحر پاران ڪرايل ملاکڙي ۾ پهرين جوڙ جي مشهور پهلوانن لال محمد ڦل، حاجي احمد لهر، اقبال جوڳي، پنجل مهر، هوشو شيدي هالائي، محمد بخش مهر، يڪي خاصخيليءَ (عظيم سنڌيءَ چواڻي ته يڪو سندس شاگرد نه هيو) ۽ هينڊل مڪرانيءَ کي ماري انعام حاصل ڪيو. هي ان وقت جا وڏا نامور ۽ کانئس سينئر پهرئين جوڙ جا پهلوان هيا. ڪجھ وقت کانپوءِ هي ٻئي جوڙ ۾ پنهنجي همعصر پهلوانن جن ۾ قلب علي خان جتوئي، مَٽر شيدي، مُلان شيدي، بکر شيدي، شامل هيا. آخري ۾ هن نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ پهلوانن جي چئلينج کي قبوليو، جن ۾ 'فخر سنڌ' الهه جڙيو سمو سانگھڙ، سيد سمن شاهه 'چيمپئن سنڌ' کي شڪستون ڏنائين.
16 هين سيپٽمبر 1951ع ۾ واليءِ رياست هزهائينيس مير علي مراد خان ٽالپر (24 جولاءِ 1947ع ۾ جڏهن 14هن سالن جو هو تڏهن سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي مگر حڪومت جا اختيار کيس نه مليا هيا. 11 هين سيپٽمبر 1951ع تي مرحوم لياقت علي خان جي هٿان ميرصاحب کي حڪومت جا اختيار ڏنا ويا. جن کي 14 هين آڪٽوبر 1955ع تائين استعمال ڪندو رهيو. ) جي تاج پوشيءَ وقت ان وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان، سندس زال رعنا لياقت علي، ۽ ڪمانڊر انچيف آف دي پاڪستان آرمي، جنرل محمد ايوب خان(مارچ 1956ع کان 24 آڪٽوبر 1958ع تائين ملڪ جو پهريون صدر اسڪندر مرزا رهيو، ان کانپوءِ جنرل ايوب خان 27 آڪٽوبر 1958ع کان 1969ع تائين پاڪستان جو ٻيو صدر رهيو. هيءَ ڳالهه ياد رهي ته: شير جڏهن انعام ورتو ان وقت ايوب جنرل هو ۽ شير جڏهن پنهنجو انٽرويو ڏنو ته ان وقت ايوب صدر هيو.) جي موجودگيءَ ۾ لکي محل (فيض محل) خيرپور ميرس ۾ تاريخي مقابلو ٿيو جنهن ۾ پهلوان انب شيدي، هوشو شيدي ۽ پهلوان هينڊل مڪرانيءَ کي هن بري طرح شڪست ڏئي مٿن سرسي حاصل ڪئي. جنهن تي فيلڊ مارشل جنرل ايوب کيس انعام ڏيڻ مهل چيو ته "شير واقعي شير هئي، جيسا سنا ويسا هي ديکا." شير پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌ جي نامور پهلوان الهه جڙيو سمون کي ست مقابلا شڪست ڏئي پنهنجو خطاب برقرار رکيو.
شير، سنڌ جو اهو بهادر پهلوان هيو جيڪو عمر جي اڌ حصي، 50 سالن تائين پهچڻ کانپوءِ به اڀرندڙ نوجوان پهلوانن سان ميدان ۾ ملهه وڙهندو رهيو، پهلوانن لاءِ هيءَ وڙهڻ نه پر رٽائر ڪرڻ جي وهي هوندي آهي، الهه جڙيي سمي کيس ست مقابلن جو چئلينج ڏنو جنهن ۾ هنن جو پهريون مقابلو، 1 مارچ 1968ع ۾ جشن خيرپور ۾ ٿيو. مقابلو ٻن ڏهاڙن تائين هلڻ جي باوجود به ٻنهين پهلوانن ۾ نبيرو نه ٿي سگھيو، آخر ۾ مهمان خصوصي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊويزن محترم اسلم باجوا، ٻنهين پهلوانن کي انعامي ڪپ ڏنا، پهريون ڪپ شير ميربحر کي ٻيون ڪپ الهه جڙيو سمو کي مليو الهه جڙيو سمي کي اتي 'فخر سنڌ' جو لقب مليو، ان بعد هنن جو ٻيو مقابلو 'جشن لاڙڪاڻو' پوءِ ميرپورخاص گاما اسٽيڊيم، ٽنڊو آدم ۽ آخري مقابلو مسلم ڪاليج حيدر آباد طرفان منعقد ٿيل شاندار ملاکڙي ۾ ٿيو. هن ملاکڙي جو مهمان خصوصي جناب ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد هيو. (جيڪو هن وقت اقرا يونيورسٽي ڪراچيءَ جو وائيس چانسلر آهي) هن ملاکڙي ۾ سمي جي ڏنل چئلينج جو نبيرو ٿيو، جنهن ۾ شير جو رستم سنڌ وارو خطاب برقرار رهيو. هنن جي بهادريءَ تي سنه 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڇهين ڪلاس جي شاگردن جي هڪ پيپر ۾ جنهن ۾ ملهه پهلوانن جو ذڪر آهي ان ۾ شير ميربحر ۽ الهه جڙئي سمي جو نالو شامل آهي." سنڌ جي هنن پهلوانن تي سنڌيءَ جي ڪورس ۾ مڪمل سبق اچڻ گھرجي.
سنڌ جي هن سهڻي، بهادر پهلوان کي پنهنجي راند تي فخر هيو، هي چوندو هيو ته: دنيا جو ڪو به طاقتور پهلوان اسانکي ميدان ۾شڪست نه ٿو ڏئي سگھي. هن پنجاب جي پهلوانن کي چئلينج ڏنو جيڪو' ڀولو برادران' قبول ڪيو، ميرپورخاص ۾ ان وقت جي ڪمشنر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي جي سرپرستيءَ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ شير چيو ته: "هن ڀولو پهلوان لاءِ ته منهنجو شاگرد (ملهه ۽ ملاکڙا ۾ عثمان ڀٽيءَ پهلوان يڪي کي شير جو شاگرد ڄاڻايو آهي) يڪو خاصخيلي ئي ڪافي آهي." پوءِ ٿيو به ائين ئي ته ڀولو پهلوان کي يڪي خاصخيليءَ اهڙي ته ملهه هنئين جو هو پوءِ ملهه وڙهڻ تان هميشه لاءِ ارواهه ئي کڻي ويو. شير، ڪُشتي ۽ ريسلنگ راند کي ٺڳيءَ واري راند چوندو هيو هو انهن راندين لاءِ چوندو هيو ته: "ان ۾ بهادري نه پر ٺڳي آهي ڇو ته پهلوان اهو جيڪو ميدان ۾ دسجي ڌڪ کائي ته ماڻهو ان کي پيل ڏسي انصاف ڪن، هي ڪُشتي، ريسلنگ جو پهلوان اڃان دسجي ئي مس ٿو ته مٿان 10هن تائين انگ ڳڻجڻ شروع ٿين ٿا يڪدم زمين تي 3 ڌڪ هڻي هار کٽ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اسانجا پهلوان ڌڪ کائي زمين تي ڪرندا آهن ته ڪافي وقت تائين هوش ۾ ئي ناهن ايندا." شير، ڀٽ شاهه جي ميلي تي ملاکڙي ۾ پهلوان مُلان شيديءَ کي اهڙو ته ڌڪ ڏنو هيو جو ملاکڙو ختم ٿي ويو ماڻهو هليا ويا پر پهلوان کي هوش نه آيو سندس ساٿي کيس کٽولي تي کڻي ويا.
شير، جي بهادريءَ جي هاڪ هلندي هلندي جڏهن هالا پهتي ته سنه 1962ع ۾ هالن جي مخدو طالب المولى جن هالن ۾ هڪ دنگل ڪرايو جنهن ۾ هن چيڪو سلاويا ملڪ جي بهادر پهلوان 'جارج زيبسڪو' کي شڪست ڏنائين جتي کيس 'رستم سنڌ' جو خطاب مليو، ان بعد 1966ع ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ٻئي بين الاقوامي مقابلي ۾ هندستان جي پهلوان' گرنام سنگھ' کي ٻئي ملهون ماري ملڪ جو شان بلند ڪيائين،. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ آسٽريليا جي نامور پهلوان 'آسٽن' کي بري شڪست ڏنائين جنهن جي ڪامينٽري ريڊيو تان سڌيءَ ريت نشر ٿي.
شير، پنهنجي زندگيءَ ۾ سوَن جي تعداد ۾ انعام حاصل ڪيا، جن ۾ هي انعام زندگيءَ جي يادگار مقابلن جيان اٿس جن ۾ هن پهريون انعام 47/ 1946ع - ذالفقار علي ڀٽي جي ڀاءُ نواب امداد علي خان ڀٽي ۽ نواب پيربخش خان ڀٽي کان نئين ديري ۾ حاصل ڪيو، جنرل ايوب کان خيرپور، هالا ۾ مخدوم طالب المولى ۽ جنرل موسى خان کان پڻ انعام حاصل ڪيائين.
شير، کي هونءَ ته سڀئي پهلوان احترام مان استاد چوندا آهيا. پر هن فن جي کيتر ۾ ڪيترائي شاگرد به ٺاهيا؛ جن جو ڳاڻيٽو جهجھو آهي پر انهن مان ڪجھ شاگرد اهڙا اٿس جيڪي سڄي حياتي ملاکڙن جو سينگار رهيا؛ جن تي استاد جو به وڏو راز رهيو ته اهي دادلا به رهيس. تن ۾ محمد بخش بڙدي، سينگار سنڌ، شير گوپانگ، رستم دادو، غلام قادر لغاري، پهلوان در محمد عالماڻي هي شير جو دادلو ۽ فخر لائق شاگرد هيو، ۽ ٻيا به شامل آهن.
هن سان اميرن توڙي پيرن، فقيرن ۽ درويش صفت انسان جو به گھرو چاهه رهيو. هي انهن سان ماڻ ڪرڻ بجاءِ ساڻن نهٺائيءَ ۽ وڏي احترام سان پيش ايندو هيو، ملهه جي قدر دانن جي تعريف ڪندي پاڻ چيائين ته: "مير علي ڏنو خان ٽالپر ڪوٽ ڏيجيءَ واري جي مون تي خاص مهرباني آهي آئون ان جو شڪر گذار آهيان، مير صاحب اسانجي اتر ۾ ملهه جي فن جو وڏو قدر دان آهي." شير، سان راڻيپور جي پيرن درگاه جي سجاده نشينن پير احمد شاهه جيلاني، محي الدين عرف ميران سائين ۽ ٻين جو بيحد پيار هيو. شير، ملهه جي ميدان ۾ ڪڏهن به پاڻ نه پڏايو ته مان ڪو هيڏو وڏو پهلوان آهيان، هن جي سادگي ئي هن جو حسن هئي، ڪنور ڀڳت جيان پرستارن، درويش فقيرن جو ٽولو ساڻس سدائين گڏ رهيو، جن ۾ بَرڙو فقير، بچو فقير ۽ مامو ولي محمد مير بحر ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا جيڪي سڄي حياتي سندس عشق ۾ ساڻس گڏ رهيا.
شير، ملهه جي دنيا ۾ انگن اکرن جو بادشاهه ملهه هيو، هن کي ويڙهه جي وڏي ڪا ڏات هئي؛ هن کي راند جي هر، داءُ، گُرَ، گھر ۽ انگ اکر تي ڪمال جو عبور حاصل هيو، هي اڪثر ڪري، 'پاهڻ، جاٺو، وارو ۽ اُکري مهريءَ' وارن گھرن، اکرن تي تمام گھڻو وڙهيو. ملاکڙي ۾ سندس ويڙهه سڀني رانديگرن کان نرالي هوندي هئي. ان زماني جا ماڻهو اڄ به سندس نالو کڄڻ تي هائي هائي ڪري ڊگھا، ٿڌا ساهه کڻي سندس يادن جون ڳنڍڙيو کوليندي روئي پون ٿا. ملهه ۽ ملاکڙن تي افسوس ۽ ارمانن ڀريا ويچار ونڊيندي چون ٿا ته: اڄ اهي نه پهلوان رهيا آهن ۽ نه ئي پهلواني، اڄ جو ملهه صلاح ڪري وڙهي ٿو، جڏهن ته شير، ڄاڻي ٻُجھي پهلوانن کي ميدان ۾ سڌا ڌڪ ڏيندو هيو؛ ان ۾ حڪمت عملي اها رکيل هيس ته، جئين ٻيو به کيس ائين ئي ڌڪ ڏئي، ته جئين عوام پهلوان کي پٽ تي پيل ڏسي انصاف ڪري، ڇو ته هڪ سٺو ڏسندڙ ئي سٺو جسٽس هوندو آهي؛ انهن ڌڪن ۾ ڪو به رک رکاءُ نه هوندو هيو.
شير، جي جهڙي راند سهڻي هئي تهڙو ئي پاڻ به سهڻو هيو، سندس باڊي، جسامت جي بيهڪ اهڙي ته سهڻي هئي جو کيس تن بدن تي هر لباس ٺهندو هيو، هن جو لباس ان دور ۾ پنهنجي فن جي حوالي سان عام ماڻهن کان ماپ، سائيز ۽ سلائيءَ ۾ ٿورو مختلف هوندو هيو، جنهن ۾ شلوار 30 کان 40 وال، ويهوراڻي (ڪپڙي جو قسم) هرک جي قميص 4 کان5 وال ۽ 6 پائونڊ چائنا جي بوسڪيءَ واري پڳ، پٽڪو، جيڪو 14 کان 16 هن والن تائين هوندو هيو. شلوار ٻن حصن ۾ هوندي هئي جيڪا ڌوئڻ مهل هيٺان چوتي/ ٻچيءَ کان کلندي هئي، پائڻ کان پهرين ان کي مصريءَ جي پاڻيءَ سان ڌوئي ڪلف ڏئي ڪڙڪ ڪيو ويندو هيو ۽ پائڻ مهل ان کي وڏي ڪاريگيريءَ سان چُڻي ان جا چُڻَ، گُھنج ٺاهيا ويندا هيا. هي ماحول ۽ موسم جي مناسبت سان به لباس پائيندو هيو، سرڪاري محفلن ۾ پينٽ شرٽ، ڦل سوٽ، گرم موسم ۾ وري شڪارپوري گلي تي پهراڻ پائيندو هيو. قميص تي 6 کان 8 سونا ٻيڙا، بٽڻ لڳل هوندا هيس ۽ ٻانهن ۾ پاتل گھڙيءَ، واچ ۾ وري سُونو پٽو پيل هوندو هيس. پيرن ۾ ڊگھو نوڪدار بوٽ (جنهن کي ان وقت ۾ شو بوٽ به چوندا هيا) ڪڏهن ڪڏهن ته شوقيه طور هٿ جو ٺهيل چمڙي جو بوٽ به پائيندو هيو. شير، سٺي لباس سان گڏ سٺي سواريءَ جو به شوقين رهيو، وٽس چڙهڻ، سواريءَ لاءِ هڪ اعلى نسل جي گھوڙي هوندي هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ هن 1968ع ۾ 64 ماڊل وليز جيپ پڻ ورتي جيڪا پنهنجي ڀاءُ غلام قادر ميربحر کان سکڻ بعد پاڻ هلائيندو هيو.
هن جي خوراڪ اڄ ڪلهه جي پهلوانن کان تمام گھٽ هوندي هئي، رات جو کير ڪلو کان ٻه ڪلو، صبح جو سنڌي گيهه پاءُ کان ڏيڍ پاءُ تائين گرم ڪري پيئندو هيو، گيهه نه ملڻ جي صورت ۾ مکڻ پڻ اوتري ئي مقدار ۾ واپرائيندو هيو. گوشت ۾ مڇي زندگي ڀر نه کاڌائين، ننڍپڻ کان وٺي نه وڻندي هيس، ان ڳالهه تي هو پاڻ به کلندو هيو؛ ۽ کلي چوندو هيو ته، يار! ڏسو ته سهي مان ميربحر ٿي ڪري مڇيءَ کان محروم آهيان، باقي تريل پلو وڏي چاهه سان کائيندو هيو.
شير، پهلوان کان علاوهه پنهنجي برادريءَ ۾ ڳوٺ جو پَريو مُڙس پڻ هيو، 1960ع صدر ايوب جي حڪومت ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ هي پنهنجي ڳوٺ مان ميمبر چونڊيو ويو. شير، اهو خوشنصيب شخص هيو جنهن زندگيءَ جي ڪنهن به محاذ تي شڪست نه قبولي، هي ملهه جي ميدان کان وٺي عشق جي ميدان تان ٿي قانون/ ڪورٽ جي ڪٽهڙي مان به فتح حاصل ڪري آيو. شهاب ملاح چواڻي ته: 'اولهه پاڪستان جي زماني ۾ صدر ايوب جي حڪومت ۾ نوابشاهه جي ڊپٽي ڪمشنر حميديءَ جڏهن کيس 110 ۾ چالان ڪرايو ته ان ڪيس جي پيروي ڪورٽ سڳوريءَ ۾ هن ڦل سوٽ پائي پاڻ ڪيائين، جنهن ڪيس کي پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪڍي ڇڏيو هيو هو.'
شير، کي زندگيءَ جي گذرسفر لاءِ پنهنجي 50 ايڪڙ زمين هئي جيڪا اڄ به ديهه ڳهڻو ڀاڳت سڳيون، يونين ڪائونسل سڳيون ضلع خيرپورميرس ۾ موجود آهي. جنهن ۾ 'شير ميربحر فروٽ فارم' به لڳل آهي. اها 50 ايڪڙ زرئي زمين رياست خيرپور ميرس جي پريزيڊنٽ (ملهه جي پارکو) ميرعلي ڏني خان ٽالپر جن ڏني هئي. جنهن لاءِ سندس فرزند شهاب ملاح چواڻي ته: "اها رياست طرفان آسان قسطن تي ملي هئي جنهن جون مرحوم پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي سڀ قسطون ادا ڪيون ."
شير، کي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ به ملهه جي مستقبل بابت اونو رهيو، هي چاهيندو هيو ته ملهه پهلوان جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ انجي زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا بهتر گذارڻ لاءِ سرڪار ڪي اُپاءَ وٺي اهڙو ڪو ادارو قائم ڪري جتان ملهه پهلوانن جي مالي سهائتا ٿي سگھي، هن سنڌ جي ثقافتي راند سان سرڪار جي بي ڌيانيءَ، ويساهه گھاتين جهڙن روين کي ويجھي کان ڏٺو هو جنهن ڪري هن کي هر وقت ان جو اُلڪو رهيو. شير، اڪثر گھر ڀاتين ۽ دوستن کي چوندو هيو ته: يار افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ملهه پهلوان جي پڇاڙي ڪانهي، ملهه اڪثر ڪري پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ وڏيرن جي اوطاقن ۽ درگاهن تي ٽُڪر ڀوري لاءِ ترسيل، محتاج ڏٺا آهن.
هن کي زندگيءَ ۾ هڪڙي حسرت رهي جيڪا پوري نه ٿي سگھيس، هو چوندو هيوته: "آئون سنڌ جو عالمي ليول جو قومي رانديگر آهيان، ان لاءِ صدارتي ايوارڊ منهنجو حق آهي جيڪو مونکي ملڻ گھرجي." بي حس حڪمران ٽولي هن کي سنڌي هجڻ جي سزاطور اهڙو مانُ اڄ (هي آرٽيڪل لکجڻ) تائين ڪونه ڏنو. ڪاش! هي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي سان وابسته هجي ها ته هن کي زندگيءَ ۾ ئي سڀ ايوارڊ ملي چڪا هجن ها.
رستم سنڌ، اڄ به اسانکي، سنڌ جي کيتن ۾ کڙيل گلابن، ڪڻڪ جي سونهري سنگن جي حُسن ۽ انبن جي پڪل ٻور جي خوشبوءِ ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻارڙن جي نيڻن ۾ مُرڪندي نظر اچي ٿو. هو جسماني طرح اسان کان وڇڙيو ته ضرور آهي مگر 'سرڪار وانگي' وسريو ناهي.!
اي سنڌ جا شير! تون اڄ به سنڌ، سنڌي ماڻهن جو ناقابلي شڪست هيرو آهين، اڄ توکي سنڌ سنڀاري ٿي. وڇڙيو آهين، وسريو ناهين، توکي تنهنجو جنم ڏڻ مبارڪ هجي. اي سنڌ جا شير! اڄ سنڌ سموري توکي، اياز جي هنن سٽن ۾ يادن جي ڀيٽا ڏيندي چئي رهي آهي ته:
ڇرَ تي ڇَڏيئي پيرڙا، ڪري هنج اُڏار،
سڄڻ تنهنجي سار، صديون رهندي ساهه ۾!
(اياز)
اسانجو شير، سڄي حياتي ملهه جي ميدان ۾ ناقابلِ شڪست، سنڌ جو سرموڙ ملهه پهلوان رهيو. وقت جو مؤرخ جڏهن به سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جي تاريخ کي رقم ڪندو ته؛ هو شير جي بهادريءَ جا ورق پڙهڻ کانپوءِ، اهي ئي لفظ لکندو ته: ها ايوب، شير واقعي ئي شير هيو!
جکرو جوڙي، پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو،
ڪيهَرَ جِئَن ڪَرُ کڻي، مُڇون مَلُهه موڙي،
سمونڊ جئن سيِرَ ڪَيو، ٿو ٻار جئن ٻوڙي،
گھوٽ چڙهيو گھوڙي، پيچِيُنِ لائي پيچرا.
(ڀٽائي)