شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

سنڌ ۾ ملهه جي ترقي، شير ميربحر (انٽرويو: عمرالدين بيدار)

شير ميربحر سنڌ جو هڪ اهڙو مڃيل ملهه آهي، جنهن 1939ع کان 1962 تائين لڳاتار ٽيهه سال ملهه وڙهي. کٽياڻ، پتافي ۽ چوٽير شيديءَ جي ملهه وڙهڻ واري رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو. شير جي شروعاتي ملهه سکڻ ۽ تربيت وٺڻ جو هنڌ دليپوٽا تعلقه نوشهروفيروز آهي. يعني هو هر جمعي تي شام جو لڳندڙ ملاکڙي ۾ پنهنجي هڪ جيڏن نوجوانن سان ملهه وڙهندو هو ۽ ملهه جو فن سکندو هو. هن جو چاچو ٻيلي کاتي جو جمعدار ۽ وچولي درجي جو سٺو ملهه هو، جنهن هن جي خاص طور سنڀال ۽ تربيت ڪئي. نتيجي ۾ هو اهڙو هوشيار ۽ قابل پهلوان ٿي ويو جو سنڌ جي ٽن نسلن تائين لڳاتار ملهه جو چئمپين رهندو آيو. هو اڄڪلهه ملهه راند جي لاءِ سنڌ ۾ پاڪستان سرڪار طرفان مقرر ڪيل ڪوچ آهي ۽ سندس ڪم ملهه جي صحيح صورت کي قائم رکڻ ۽ سيکڙاٽ ملهن جي رهنمائي ڪرڻ آهي، جنهن کي هو خوش اصلوبي سان نڀائي رهيو آهي، هو سنڌ صوبي لاءِ ٺاهيل ملهه ايسوسيئيشن جو خاص صلاحڪار به آهي.
آغا صدرالدين، جيڪو سنڌ اسپورٽس ڪنٽرول بورڊ جو نائب صدر ۽ ملهه جو حقيقي سرپرست آهي، تنهن وٽ شير ميربحر وقت بوقت سنڌ اسيمبلي آفيس ۾ ايندو رهيو، تنهن ڏينهن هو جڏهن اتي آيو ته ساڻس ملاقات ڪري سندس خيالات قلم بند ڪيا ويا جن مان ڪي خاص هت ڏجن ٿا:
سوال: معلوم ٿيو آهي ته حڪومت، ملهه کي اولمپڪ راندين وانگر دنيا اڳيان پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. اوهان ان باري ۾ ڪهڙو ڪم سر انجام ڏيندا؟
جواب: آءُ سنڌ حڪومت جي هدايتن تي هر ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي تعاون سان وڏن شهرن ۾ ملاکڙا لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪري رهيو آهيان. ان کانسواءِ ملهه ايسوسيئيشن جي مکيه عهديدارن جو هڪ اجلاس جلد ڪراچيءَ ۾ گهرايو ويندو، جنهن جي صدارت آغا صدر الدين ڪندو. هن موقعي تي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. ان بعد ايندڙ نومبر ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪي ايم سي گرائونڊ تي هڪ وڏو ملاکڙو لڳرايو ويندو ته جيئن ڪراچيءَ جي ماڻهن کي ملهه راند جي ڪجهه واقفيت ٿئي ۽ ملهه جي مقبوليت ۾ به واڌارو اچي.
سوال: اهو ملاکڙو ڪهڙي نوعيت جو هوندو؟
جواب: اهو ملاکڙو بين الاقوامي نوعيت جو هوندو. ان ۾ شرڪت لاءِ جپان، ايران، ۽ ٻين ملڪن جي ملهن کي دعوت ڏني ويندي.
سوال: ملاکڙن کي وڌيڪ مقبول ۽ آسان بنائڻ لاءِ توهان وٽ ڪي رٿون آهن؟
جواب: هاڻي ملاکڙن تان ٽئڪس معاف ڪيو وڃي ۽ ملاکڙا منعقد ڪرائڻ جي اجازت ملهن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي نه ڏني وڃي. موجوده وقت ڀٽ شاهه تي ميلي جي موقعي تي ملاکڙي ڪرڻ جو ٺيڪو رڳو هلنديءَ وارن ۽ اڻ ڄاڻ شخصن کي ڏنو وڃي ٿو . اها ڳالهه ملاکڙن جي ترقيءَ لاءِ هاڃيڪار آهي. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو ٺيڪيدار رڳو پئسا ميڙڻ لاءِ گهٽ درجي وارن ملهن کي ويڙهائين ٿا ۽ وڏن ملهن کي نظر انداز ڪيو ڇڏين جنهن ڪري ملهه جي فن ۽ سنڌ جي قديم ثقافت جي اعليٰ نشان جي اوسر کي ڌڪ رسي ٿو.
سوال: ڀٽ شاهه ۽ قلندر جي ميلن تي ٿيندڙ ملاکڙن بابت توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
جواب: آءُ انهن هنڌن تي ٿيندڙ ملاکڙن کي ملهن جي لاءِ يونيورسٽيون ٿو سمجهان، انڪري اتي ملهن جي رهڻ ۽ ڪوچ (مون) لاءِ مستقل رهائش جو انتظام ڪري ڏيڻ کپي، اتي سنڌ جي بهترين ملهن کي اچڻ کپي ته جيئن ٻيا انهن کي ڏسي ملهه راند ڏانهن راغب ٿين.
سوال : ان لاءِ اوهان وٽ ڪهڙيون رٿون آهن؟
جواب: آءُ چاهيان ٿو ته ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ملهه سيکارڻ جا سرڪاري سرپرستي هيٺ آکاڙا قائم ڪيا وڃن، جتي هن راند جي ڪجهه ڀلوڙ ۽ سيکڙاٽ ماڻهن کي ملهه جو فن سيکاريو وڃي.
سوال: اوهان گهڻن سالن ۾ ڪيترا شاگرد ٺاهيا؟
جواب: مون پهرئين جوڙ جا ڏهه ملهه تيار ڪيا جن ۾ غلام قادر لغاري، در محمد علي عالماڻي، دودو گوپانگ، شير گوپانگ، مولا بخش ٻوڪ، ظفر مير بحر (منهنجو پٽ)، تڳيو، رمضان ميتلو، قادر علي گوپانگ وغيره آهن. ويهارو کن ٻئين جوڙ جا ملهه آهن.