شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شير ميربحر: سنڌي ثقافت جو هڪ اهم اُهڃاڻ (انعام شيخ)

سنڌ دُنيا جو اهو خوشنصيب خطو آهي، جيڪو پنهنجي مخصوص ۽ موزون ارضياتي بيهڪ، آبهوا ۽ سياسي، سماجي ۽ شاندار ثقافتي روايتن جي ڪري دُنيا جي نامور مورخن، سياحن، جنگجوئن ۽ فاتحن جي لاءِ اُتساهه ۽ ڪشش جو سبب رهيوآهي. اهو هڪ الڳ الميو آهي ته سڪندر مڪدونيءَ کان محمد بن قاسم عربي، هلاڪو چنگيز خان، مدد خان پٺاڻ، ارغون ۽ تُرخان سفاڪن پنهنجي ظلمن سان هتي جي رهواسين تي جيڪي ويل وهايا، اُن تي تاريخ جو دامن اڄ به تار تار آهي. فاتح، مفتوح علائقن کي هميشه پنهنجي جاگير سمجهي لُٽيندا ۽ ڦريندا رهن ٿا ۽ اُنهن جي وسيلن تي پنهنجو حق دائمي ۽ قدرتي سمجهن ٿا، تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن بغدادي بددماغ، ارغوني يا ترخاني سفاڪ يا ڪابلي جنگجوءَ سنڌ ۾ انساني ڪوس ڪري پنهنجي تلوار جي ضرب سان هتي فتحون ماڻيون ۽ اُنهن جا وڏا جشن ملهايا ۽ سنڌين کي نيچ، ڪمزور يا ڪوڙيو سڏيو ته تاريخ جي لکندڙن وري سنڌ جي ماڻهن جي صبر، سهل پسندي، امن پرستي جا وڏا ڍُڪ ڀريا ۽ انهن کي تاريخ ۽ تهذيبن جو معمار ڪوٺيو آهي، جيڪو يقينن هن پر امن قوم جي شاندار تهذيبي سڀاءَ جي سوڀ آهي.
آمريڪا جي هڪ خاتون مصنفه تازو، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي "Dancing Shadows"جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ هُن ڪمال جا دليل ڏيندي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي تاريخ جا اڏيندڙ آهن ۽ دُنيا جي تقريبن سمورن تهذيبن جي ترقي جو مدار سنڌو سڀيتا جي تهذيب رهي آهي. خاتون مصنفه 1300 قبل مسيح ڌاري موئن جي دڙي جي پرامن ماڻهن جو هتان نڪرڻ جو بيان ٻُڌائيندي لکيو آهي ته گهرو لڙائيءَ جي ڪري هتان جا ماڻهو سنڌو ماٿري مان نڪري اناطوليا يا لڊيا (تُرڪي) پهتا ۽ اُتان اولهه روم (Etruscan) پُهتا، جتي هُنن سنڌو ثقافت جو بُنياد رکيو، رستن جي تعمير ڪئي، نيڪال جو نظام قائم ڪيو ۽ ونگن واري فن کي متعارف ڪرايو ۽ اهڙي طرح اهي ڀٽڪي نڪتل ماڻهو بعد ۾ آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ کان ٿيندا اوڀر يورپ تائين پکڙجي ويا ۽ اُتي هُنن رانگ رنگ ۽ ثقافتي سرگرميون شروع ڪيون ۽ سڄي دُنيا تي پنهنجو ثقافتي رنگ نڇاور ڪرڻ جي ابتدا ڪئي.
اهو رڳو مثال طور ڪنهن هڪ مورخ يا ليکڪ جي بيان جو خلاصو ڏنو ويو آهي، پر جيڪڏهن تاريخ جا ورق ورائي ڏسنداسين ته ڪيترن تاريخدانن پاران اهڙا سوين هزارين بلڪه لکين مثال ڏنا ويا آهن، جن ۾ سنڌ کي تهذيبي ۽ ثقافتي طور شاهوڪار ديس قرار ڏنو ويو آهي ۽ جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت، اُتان جي ماڻهن، ذاتين پاتين، ادب، فن تعمير، رهڻي ڪهڻي، رانگ رنگ، سماجي روايتن، مُعاشي لڳ لاڳاپن، وڻج واپار ۽ راند ين روندين جا تذڪرا ڪيا ويا آهن، ظاهر آهي ته دُنيا انهن مان متاثر ٿي آهي ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي تذڪرن هيٺ آڻي بحثن جو موضوع بڻايو، پنهنجي روايتن ۽ سماجي قدرن سان اُنهن جي ڀيٽ ڪئي ۽ اُن کي هاڪاري نظر سان ڏٺو ، تنهنڪري اُن تعريف کي سکڻو يا اجايو نه سمجهيو وڃي، اهو سنڌ ۽ اُن جي رهواسين لاءِ ميراث مثل آهي، اُها تعريف نه ڪنهن جي پرچي يا وڏيري ۽ ڀوتار جي سياسي سفارش تي نه ڪئي وئي آهي، اُهو سنگ ميل عبور ٿيو آهي ته فقط ئي فقط سنڌ جي هيروز جي ڪاوشن سبب عبور ٿيو آهي، جن بي رعايا، بنا لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ پنهنجي بي پناهه ۽ خداد صلاحيتن جي بدولت وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ سنڌ جي ادب، ثقافت ۽ سڀيتا جو شان ۽ مان اوچو رکيو، تنهنڪري اهو سموروCredit سنڌ جي قومي هيروز ڏانهن وڃي ٿو. پر وڏي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اڄ، سنڌ جي اُن بين القوامي سطح تي جُڙيل شاندار ثقافتي ۽ تهذيبي عمارت ۽ تعارف کي تهس نهس ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر اسين بيوس ۽ لاچار بڻيل آهيون، اسان دُنيا کي اهو ٻُڌائڻ ۽ اپيل ڪرڻ کان به لاچار آهيون ته اسان جي قومي ۽ ثقافتي ورثي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.سرڪاري توڙي خانگي سطح تي قائم ادارا، انجمون ۽ ائسوسيئشنز تماشو ڏسي رهيون آهن ۽ رڳو "مال ميڙڻ" جي مرض سڄي سماج کي لُولو لنگڙو ڪري ڇڏيو. قومي ٻڌي، ايڪي ۽ مُخلصيءَ جي هينئر اُها حالت آهي جو ماضي ۾ فردن پاران سرانجام ڏنل ڪم کي بچائڻ لاءِ قائم ڪيل ادارا به بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن يا بڻايا ويا آهن.
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته دُنيا اڳيان، سنڌ جو شاندار ثقافتي تعارف جوڙڻ لاءِ سنڌ جي قومي هيروز جو وڏو ڪردار آهي. اُنهن جو ذڪر يا درجه بندي ڪندي، ڪنهن ڪُنڊ، موڙ، يا پئراگيراف ۾ شير ميربحر جو ذڪر به ضرور ٿيڻو آهي، جنهن پنهنجي قدرتي صلاحيتن جي بدولت پنهنجي شعبي ۾ سنڌ جو نالو روشن رکيو، نه رُڳو سنڌ جو نالو روشن رکيو پر جهڙوڪر پنهنجي حصي ۾ آيل قومي قرض به چُڪائي ڇڏيو. شير ميربحر جنهن شعبي سان لاڳاپيل رهيو اُهو شعبو سالها سالن کان پذيرائي لاءِ واجهائي رهيو آهي پر سرڪاري سطح تي مختلف کاتن ۾ ڪروڙين رُپيا بجيٽ هوندي به اُن شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪو ٻوٽو نه ٻاريوويو آهي، ڏيهي قومي سطح تي ملهه جا مقابلا، فيسٽيولز منعقد ڪيا وڃن ٿا نه ئي پرڏيهي سطح تي هن راند کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن، جنهن ڪري ملهه جي راند جي واڌ ويجهه ۽ اُن کي هٿي وٺرائڻ جو واحد وسيلو رُڳو خانگي سطح تي ٿيندڙ ميلا، ملاکڙا بچيا آهن، جيڪي به تقريبن ساليانن بُنيادن تي منعقد ڪيا وڃن ٿا، سرڪار جي اُنهن کي ڪا به پُٺڀرائي حاصل نه آهي، ڪنهن ملاکڙي ۾ ڪو سرڪاري ڪامورو آيو ۽ پهلوانن ۾ ٻه رُپيا گهور جا ورهائي ويو ته واهه نه ته مُڙئي خير، نتيجي طور ملهه جي راند عالمي سطح تي ناماچاري حاصل نه ڪري سگهي آهي، جنهن جو پڻ سنڌ جي ثقافت کي وڏو نقصان رسي رهيو آهي، ورنه دُنيا جي پهلوانن ۾ زور آزمائي جا هينئر جيڪي مقابلا ٿي رهيا آهن، اسان اوهان اُهي ملهه جي راند وسيلي ٿيندي ڏسي سگهون ها ۽ دُنيا هن شعبي ۾ سنڌ جا ڳُڻ ڳائي ويهي ها، تنهن هوندي به شير مير بحر جهڙن پهلوانن ۾ ملهه جي راند کي مقبول بڻائڻ لاءِ وسان نه گهٽايو. پنهنجي هڙون وڙون به ڏئي ملهه جي راند جي دلچسپي برقرار رکي اهو ئي سبب آهي جو اسان اڄ به عوامي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ تماشبين جي صورت ۾ ماڻهن جا انبوهه ڏسون ٿا، جيڪي نه رُڳو پنهنجي پهلوانن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا بلڪه هن تنگ دستي جي دور ۾ ڪامياب پهلوانن کي انعام اڪرام به ڏين ٿا، جيڪو يقينن قدرداني جو وڏو مثال آهي.
شيرميربحر ساهتي پرھڻي ۾ درياءَ شاهه جي ڀِڪَ تي قائم ڳوٺ موسي ديري ۾ هڪ آفيسر جي گهر پيدا ٿيو پر طبعيت ۾ فقيريءَ وارو عنصر شامل هئس. نامياري اديب غلام رباني آگري جي هم ڪلاسي هن سُهڻي ٻار چار درجا سنڌي پرائمري پڙهڻ کان پوءِ رواتي تعليم ته ڇڏي ڏني، پر پهلوانيءَ جي فن ۾ سندس دلچسپي تر جيتري به گهٽ نٿي.ڪچڙي جواني کان ئي ملهه جي راند ۾ دلچپسي ورتي ۽ ملاکڙن ۾ زورآزمائي جو سلسلو شروع ڪيو ۽ پنهنجي حياتي جي آخري ايامن يعني پنهنجي وصال واري سال 1985ع تائين تادم اُن ورونهه سان واڳاپيل رهيو. هن ملاکڙي جي فن کي ٻهراڙيءَ جي لڪل ڪُنڊن مان ڪڍي شهر جي روشن اسٽيڊيمن تائين پهچايو ۽ ان دوران هُن سنڌ کان وٺي ملڪي سطح تي منعقد ٿيندڙ ملاکڙن ۾ بحرو ورتو ۽ پنهنجي ڪرشماتي پهلوانيءَ ۾ نون داون پيچن ۽ هنرن جو اضافو ڪري پهلوانيءَ جي فن جا نوان نڪور جا جلوا ڏيکاريا. خاص طور قلندر لال شهباز، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، بلڙي شاهه ڪريم، گاجي شاهه گنج بخش، بهليل شاهه بُخاري ۽ سمن سرڪار جي ملاکڙن ۾ خوب بهرو ورتو ۽ پنهنجي جوڙ ۽ دور جي مشهور پهلوانن انب شيدي، هوشو شيدي، هينڊل مڪراني، قلب علي جتوئي، مٽر شيدي، مُلان شيدي، بکر شيدي ۽ ٻين سان وارو وار مقابلا ڪيا ۽ ڏسندڙن اڳيان حيران ڪُن ڪرتب ڏيکاريا، سندس مشهوريءَ جو هڪ مثال اهو به آهي ته مڃتا طور پنهنجي دور جي وزيراعظم مسٽر ذوالفقار علي ڀُٽي کيس 1974ع ۾، ملهه جي راند جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو. مان سمجهان ٿو ته اهو سندس پهلوانيءَ جي قدردانيءَ جو سرڪاري سطح تي اڪيلو مثال آهي. ڇاڪاڻ جو جنرل ضياءَ اچڻ شرط نه رڳو سندس سرڪاري وظيفو بند ڪيو پر سندس عهدو به ختم ڪري کيس مختلف مرضن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
هڪ پهلوان کان سوا شير ميربحر هڪ انتهائي نيڪ سيرت انسان، دوستن جو دوست، با اخلاق ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي شخص به هئو. ساڻس هروقت دوستن ۽ درويشن جو سٿ رهندو هئو ۽ کيس جيڪا به آمدني ٿيندي هئي سان دوستن ۽ ضرورتمندن تي خرچ ڪندي ڀڳت ڪنور رام وانگر خوش پيو ٿيندو هئو. هن کي پنهنجي وطن ۽ ان جي چرند پرند سان به وڏو پيار هوندو هئو، انهيءَ ڪري ملهه جي فن کي به هن سنڌ لاءِ عزت ۽ امتياز جو سبب بنايو.
شير مير بحر جهڙن پهلوانن کي ڀيٽا طور ٻه اکر يا ڪو مضمون لکڻ ڪافي نه آهي، اُنهن سان وفاداري يا قدرداني تڏهن ٿيندي جڏهن اسان سندن ڇڏيل فن کي تڪميل تي پُچائڻ لاءِ پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺون يا اهڙا ادارا، انجمنون ٺاهيون جيڪي ملهه جي راند سميت سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ يا انهن کي پذيرائي وٺڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. مان سمجهان ٿو ته ادارن کي ڇڏي ڪري شخصي طور به اهو فريضو سرانجام ڏئي سگهجي ٿو، پر ڳالهه نيت جي سچائي ۽ مخلصي جي آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ذات ۾ سچائي سان سنڌ جي ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ ڪنهن ٽڪي پئسي جي ڪوشش ڪنداسين، مان سمجهان ٿو ته اهو ئي شير ميربحر جهڙن ڪردارن سان وفا ۽ سچائي جو ثبوت ٿيندو ۽ سندن روحن سان انصاف ٿي سگهندو باقي سنڌ سرڪار يا اُن جي ادارن کان اهڙي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، اهي ادارا ۽ کاتا رُڳو سرڪاري عملدارن جي ڀڀ ڀرڻ لاءِ جهڙوڪر قائم ٿيل آهن، جن جو سنڌ جي ثقافت يا تهذيبي ورثي کي بچائڻ لاءِ، ڄڻ ڪو واسطو ئي نه آهي.