21 هين جون، جنم ڏڻ جي مناسبت سان ڀٽي جو سچو ساٿي، رستمِ سنڌ: شير ميربحر (مولائي ملاح)
رستمِ سنڌ جو پنهنجي قائد ڀٽوز سان اُنسيت جو به هڪ قدرت پاران عجيب ڳانڍاپو جوڙيل آهي؛ سنڌ راڻيءَ جو جنم ڏڻ ۽ سندس جنم ڏڻ هڪ ئي آهي. شايد ته اهو ئي سبب آهي جو، جنهن جي سڪ شير ميربحر کي محبت جي ديري مان ڇڪي اچي رت جي ديري، رتيديري آندو، ۽ پوءِ زماني به ڏٺو ته اهي محبت جا رشتا شير ميربحر رَت جي رشتن جيان ڪيئن نڀايا. آمريت جي ڪاري دور ۾ ورديءَ وارن جي وچ ۾ بيهي هن ڀٽو جي مظلوميت جا هوڪا ڏنا جنهن جي پاداش ۾ هن ڀوڳنائن کي پيريءَ تائين پئي ڀوڳيو. چوندا آهن ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ ناهن ٺهندا پر هي سنڌ جا ٻه اهڙا شينهن هيا جيڪي بين القوامي شهرت، سڃاڻپ رکڻ جي باوجود به هڪ ٻئي جا عاشق هيا.
ملڪ ۾ مڙهيل ايوبي آمريت وارن ڏهاڙن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جنرل ايوب کان بغاوت ڪري 30 نومبر 1967ع تي جڏهن ڊاڪٽر مبشر حسن جي گھر لاهور ۾ پنهنجي عوامي پارٽيءَ جو خاڪو ٽيبل تي رکيو ته اتي ويٺل ستن دوستن ان کي ان مهل ئي اکين تي رکي دل سان قبول ڪيو. جنهن کانپوءِ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام وٽ آيو؛ ته عوام به کيس دل جي اٿاهه گهراين سان ڀلي ڪار ڪيو. انهن ئي ڏهاڙن ۾ سنڌ جي سرزمين تي عوامي ميڙن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجين شهزور ادائن سان سنڌ جو هڪ ٻيو شير به گجگوڙ ڪري دنيا جي نامور پهلوانن کي للڪاري رهيو هو. هن جڏهن سنڌ جي شير جي لاهور ۾ ٿيل چنگھار ٻڌي ته ان وقت ئي هن اهڙي چنگھار کي سگھارو بڻائيندي پنهنجي چنگھار ۾ چيو ته: سنڌ جا ملاح ۽ مَلهه برادري به ڀٽو سان گڏ آهن. اهو سمو به ڄڻ ته اياز جي هن سٽن جي وراڻيءَ جيان هيو ته :
کير ٿر جي پٺيان ڪائي چنگھار آ ...!
هڪ طرف ڀٽو عوامي ميڙن ۾ پنهنجي خطاب، تقريرن جا جلوا ڏيکاري رهيو هيو ته وري ٻئ طرف عوامي هجومن ۾ رستم سنڌ پنهنجي طلسماتي شخصيت ۽ جسماني طاقت جا جوهر ڏيکاري ماڻهن جي من کي موهي رهيو هو، ۽ کين قومي ڪلچر جي ڌارا ۾ ميڙي، ڀٽو جي عوامي منشور جي پرچار ڪري رهيو هو. سنڌ جي قومي ڪلچر، ثقافتي راند ملهه جي سرموڙ رانديگر شير ميربحر پ پ پ جي جنم کان پنهنجي اولاد جي جنم تائين ڀٽوز سان محبت، سچائيءَ ۽ قربانيءَ جو جيڪو رشتو رکيو ان کي اڄ تائين شهاب ملاح رستمِ سنڌ جي عشق جيان ڏک سک ۾ نڀائيندو اچي پيو.
رستم سنڌ شير ميربحر پ پ پ سان پنهنجي عملي محبت جو اظهار هيئن ڪيو، هن انهن ڏهاڙن ۾ پنهنجي ملاح برادريءَ ۽ مَلهه برادريءَ جون گڏجاڻيون ڪوٺائي انهن جي ساٿ ۽ سهڪار سان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو باقائدي اعلان ڪيو، جيڪا خبر انهن ڏهاڙن جي اخبارن ۾ هيئن هلي ته: "دادو 23 – ( نمائينده) رستم سنڌ شير ميربحر ۽ مشهور پهلوان درمحمد عالماڻيءَ پنهنجن شاگردن سميت پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي هنن پنهنجي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته: پ پ پ جو منشور عوام جو آواز آهي ۽ هيءَ پارٽي ئي هڪ واحد جمائت آهي جنهن جي وسيلي عوام کي پنهنجا حق حاصل، پلئه پئجي سگھن ٿا. هنن چيو ته اسان قائد عوام ذوالفقارعلي ڀٽي ۾ مڪمل اعتماد رکون ٿا ۽ سندس هر حڪم تي هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون هنن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن عوامي پارٽيءَ ۾ گھڻي کان گھڻا شامل ٿي ڀٽو جا هٿ مظبوط ڪن." ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ وري هڪ ٻئي بيان ۾ چيائين ته: "نواب شاهه 12 – ( ن- ـﻫـ ) سنڌ جا ملهه صدر ڀٽي سان گڏ آهن: سنڌ جي مشهور پهلوان شير ميربحر هڪ بيان ۾ قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته: "سنڌ جا سڀئي ملهه صدر ڀٽي جي پاليسين جي حمايت ڪن ٿا." اليڪشن جي ڏهاڙن ۾ هن ڀٽي جي باقائدي ورڪ ڪندي هي بيان جاري ڪيو ته: "ڪراچي 13 – (ن- ـﻫـ ) سنڌ جي مشهور پهلوان شير ميربحر هن بيان ۾ سڄي سنڌ ۾ پنهنجي ميربحر برادريءَ کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجا ووٽ پيپلز پارٽيءَ جي اميد وارن کي ڏئي قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪامياب ڪن ڇا ڪاڻ ته هو غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ پورهيتن جو مددگار آهي. هن چيو ته اسان مَلهه ۽ اسانجا شاگرد ڀٽي صاحب سان گڏ آهيون ۽ سندس حڪم تي پنهنجي جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون." 70 واري ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ لاهور کان ڪراچي ٽرين (ريل گاڏيءَ) ذريعي وڃي رهيو هيو ته شير ميربحر به ان ورڪ ۾ ساڻس گڏ هيو. (رئيس غلام مصطفي خان جتوئي به 1990ع وارين عام چونڊن ۾ پنهنجي ورڪ ۾ سنڌ جي لوڪ ڪلاسيڪل فنڪار جلال چانڊيو کي ساڻ کنيو هو) خيرپور ميرس 'ڊان' جي رپورٽر ۽ سينئرصحافي منصور ميراڻيءَ ٻڌايو ته: "مولائي! ڀٽو جڏهن محرابپور جنڪشن جي ريلوي اسٽيشن تي پهتو ته ان وقت تنهنجو مائٽ پهلوان شيرميربحر به ساڻس ٽرين ۾ گڏ هيو. اها ڳالهه کيس اکين ڏٺي شاهد محرابپور جي هڪ ڳوٺ جي رهواسي قومي ڪارڪن غوث بخش خاصخيليءَ ٻڌائي هئي.) رستم سنڌ پاران ڀٽي جي عوامي پارٽيءَ جي اهڙي کلئي عام حمايت ڪرڻ کانپوءِ ڀٽي جو ذڪر بلخصوص سنڌي ڪلچر سان پيار ڪندڙ سنڌي ماڻهن ۽ مهاڻن جي ذهنن، زبانن ۽ ڪچهرين ۾ اچارجڻ لڳو. اهڙي پرچار ڪرڻ سان هو عوام جي دلين تي ڇانئجڻ لڳو. جن دلين ۾ ڪالهه صرف رستم سنڌ سمائيل هو اتي اڄ، هاڻ هن سنڌ جي راڻي راج ڪيو.
سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ جي شير (ڀٽي) جي ڏنل عوامي حقن جي پيغام لاءِ، سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ جي شير (ميربحر) جڏهن عوامي هجومن ۾ بيهي گجگوڙ ٿي ڪيو ته، آمريت جا ڀاري برج لڏي ٿي ويا. ميلن ملاکڙن، اوتارن ۽ اوطاقن تي گڏ ٿيل ماڻهن جي انبوهه ۾ بيهي شير ميربحر جڏهن ڀٽي جي ڏنل عوامي پيغام جي پرچار ڪندو هيو ته سندس ڳالهيون عام ماڻهو توڙي پرستارن جي دل، دماغ ۾ پيهي وينديون هيون. هن وس ۽ وت آهر هر محاذ تي ڀٽو جو ساٿ ڏنو. ياد پيم ته: جڏهن ڀٽو جي حڪومتي دور آگسٽ 1973ع ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ آئي هئي ته، انهن ڏهاڙن ۾ شير ميربحر پنهنجي هڪڙي تڪڙي پريس ڪانفرنس ۾ عوام ۽ ملاح برادريءَ کي ٻوڏ متاثرين جي واهر لاءِ اپيل ڪئي هئي. اهو به چيائين ته هو بنا ڪنهن معاوضي جي ڪچي ۾ ٻوڏ جي ڦاٿل ماڻهن کي سُڪيءَ تي کڻي اچن. "(ڪنڊيارو 31 – (ن – ع ) رستم سنڌ شير ميربحر پنهنجي برادريءَ کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڏتڙيل ۽ ٻوڏ جي ستايل عوام جي خدمت ڪن ۽ درياءَ ۾ ٻيڙيون هلائڻ وارا ملاح اندر ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوبه معاوضو نه وٺن. هن چيو ته هو ملاکڙا ڪري انهن جي آمدني وزيراعظم جي امدادي فنڊ ۾ ڏيندو."
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي ڪلچر جو عاشق هيو جنهن ڪري ملهه راند کي پسند ڪندو هو. ڳالهه رڳو پسند تائين ئي دنگ نه ڪيو پر ڀٽي صاحب ملهه پهلوان شير ميربحر جو قدر به ڪيو، اهو شير جي شخصيت ۽ فن جو ڪمال به چئجي جنهن دنيا جي رنگينين کي ڇُهندڙ عاشق مزاج ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، اهو ئي سبب هيو جو ڀٽو صاحب سندس راند ڏسڻ جو ساڻس واعدو ڪيو هيو. پر اوچتو ٻاهرين ملڪ جي دوري سبب اها راند سندس اچڻ تائين ملتوي ڪئي وئي.
ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جڏهن ڀٽو کي قصوريءَ جي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ قيد ڪيو هيو ته هن ان ڏهاڙن ۾ به احتجاج ڪيو، ۽ جڏهن ڀٽي کي بيگناهه ڦاسي ڏئي سندس جسد خاڪيءَ کي رتيديري ڏانهن موڪليو ويو ته انهيءَ خبر سندس جيءَ کي جھوري وڌو. گھرڀاتين کان ويندي دوستن تائين سڀني سڄڻن سندس روح کي پهريون ڀيرو اهڙي انداز ۾ لُڇندي ڏٺو، جنرضياءَ جي آمريتي دور ۾ ڀٽي جو نالو وٺڻ به ڄڻ ته ڪاريهر تي پير اچڻ برابر هيو، هن شير سندس مارشل لا جي ڪابه پرواهه نه ڪندي اعلان ڪندي چيو ته: "نواب شاهه: 29 – ( پ – ر ) رستم سنڌ شير ميربحر پهلوان ظاهر ڪيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻارهي( ورسيءَ) تي سنڌ ۾ شاندار ملاکڙو لڳايو ويندو جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ناميارا پهلوان شريڪ ٿيندا، ملاکڙي جو نگران شير ميربحر هوندو. هن چيو ته شاهه لطيف، قلندڙ ۽ راڻيپور ۾ لڳندڙ ملاکڙن وانگيان شهيد ڀٽو جي ياد ۾ به سالانه ملاکڙو لڳايو ويندو." شهاب ملاح چواڻي ته: "پوءِ اهو ملاکڙو 18 مارچ 1980ع ۾ نئين ديري ۾ لڳرايو ويو هو جنهن جي نگراني پاڻ ڪيائين. جيڪا ڳالهه رڪارڊ ۾ اڄ به موجود آهي" شير ميربحر رڳو ملهه ئي نه پر هڪ سمجھدار راڄوڻو ماڻهو پنهنجي ڳوٺ جو پريو مڙس هيو ۽ پنهنجي اندر ۾ هڪ سماج وادي ۽ ڀٽي جو سچو سياسي ورڪر هيو؛ جنهن کي غريبن جي بکئي پيٽ سمهڻ ۽ انگ اگھاڙي جيون جو احساس هيو.
ڀٽي جي شهادت کانپوءِ سنڌ جي سڪتي ورتل ڪيفيت کي ٽوڙڻ لاءِ، هن عوام کي ملاکڙي بهاني ڀٽي جي مزار تي گڏ ڪري؛ هڪ طرف جنرل ضياءَ جي آمريت کي ٺوڪر هنئين، ته وري ٻئي طرف عوامي ميڙ ۾ ليڊرن کي ان بهاني عوام سان مخاطب ٿيڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪيو، جنهن عوام کي مزاحمت لاءِ اتساهه ڏنو. جڏهن سال کان سڪايل ۽ ڏکايل ورڪر اهڙيءَ ريت اتي گڏ ٿيا ته: هو هڪ ٻئي کي ڏسي، ڀٽي جي غم جا اکين مان وهندڙ لڙڪن جا نيسارا روڪي نه سگھيا. هن اهڙو ڪردار ادا ڪري ڀٽي جي سچي ساٿي هجڻ جو حق ادا ڪيو. اهڙين ڪٺن حالتن ۾ ائين ملاکڙو مچائڻ، ماڻهو گڏ ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي؛ جنهن کي دنيا ڏٺو ۽ پابندي ورتل ميڊيا لکيو. اهو ڀٽي سان سندس سچي محبت جو ثبوت هو؛ جنهن وڙ ۽ ورثي کي اڄ تائين سندس لائق فرزند شهاب ملاح صوبائي صلاحڪار ضياءُ الحسن لنجار جي ساٿ سان ايمان جي سلامتيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو.
جنرل ضياءَ جي ڪارندن شيرميربحر کي آمريتي دور ۾ ڀٽي جي ورسي ملهائڻ جي سزا اها ڏني جيڪو ڀٽي صاحب سندس لاءِ وظيفو مقرر ڪيو هيو اهو هنن بند ڪري ڇڏيس، جنهن کي پوءِ ڪورٽ سڳوريءَ وڃي بحال ڪيو. اهو ئي نه پر هن جو صدارتي ايوارڊ وارو حق به کيس نه ڏنو.
شير ميربحر، سنڌ جي ڪلچر، قومي راند ملهه کي رڳو سنڌ ئي نه پر پوري دنيا ۾ به متعارف ڪرايو، هي هن ملڪ جو هيرو هجڻ جي باوجود به پاڻ کي سنڌ ڄائو، سنڌ جو شير، سڏائڻ تي زندگيءَ جو وڏو اعزاز سمجھندو هو. اهو ئي سندس پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ڪلچر سان عشق جو سچو اظهار آهي. ڪالهه 21 هين جون 1924ع تي سنڌ امڙ جي ڪُکِ مان جنم ورتائين ۽ اڄ هو ان ئي امڙ جي هنج ۾ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ هيٺ آرامي آهي. سندس سُورهيه جهڙي بهادري ڏيکارڻ تي سنڌ کيس جنم ڏڻ تي ياد ڪندي کيس سلام پيش ڪري ٿي.
( روزاني عبرت حيدر آباد، 20 جون 2014ع )