شخصيتون ۽ خاڪا

شير ميربحر

هي ڪتاب سنڌ جي نامور ملهه پهلوان ۽ پنهنجي دور جي رُستمِ سنڌ شير ميربحر جي شخصيت بابت "شير ميربحر (فن ۽ شخصيت)" سائين مولائي ملاح جو ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل آهي، جيڪو مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران ڊسمبر 2014ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اسان ٿورائتا آهيون محترم مولائي ملاح صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book شير ميربحر

شير ميربحر: جديد سنڌ ۾ قديم سنڌ جي راند کي سُرخرو ڪيو (جاويد قاضي)

ڪير اگر منهنجون جڙون ڳولهيندو ته خبر پوندي آئون به ساهتي پرڳڻي ۾ لڀندم. ماسٽر چندر جي ٺارو شاهه، گوبند مالهيءَ جو ڊڀرو، لڇمڻ ڪومل جو ڪنڊيارو، اهو بهلاڻي ۽ هالاڻي، محرابپور، ڪنڊيارو ۽ نوشهروفيروز. هوند سنڌ مان جي اهو پرڳڻو ڪڍبو به ته سنڌ جهڙي لوڻ بنا اٽو ٿي پوندي. هوڏانهن اتر جون اٿلون، هيڏانهن لاڙ جون لهرون ساهتي پرڳڻو پيو ٻنهين پاسن جون اوٻراهيون ڪڍندو. انهن ۾ پنهنجي انبن جو ٻور ڀريندو، تند جهپندي جو ساز ڇيڙيندو جو وڃي دل کي لڳندو ته پڪ سمجهو ساهتي پرڳڻي جو پچي راس ٿيل هوندو. علم ۾ اسان ڪين گهٽايو، ادب ۽ شاعريءَ ۾ به پنهنجو مقام ڏٺوسين، موسيقيءَ ۾ به ڪمال ڪيوسين. رڌ پچاءُ کي به پنهنجا ذائقا ڏناسين ته راندين ۾ به سنڌ جو تاريخ جهلي بيهي رهياسين.
منهنجي هن پيش لفظن ۾ ٽي ذاويا آهن، هڪڙو ته ساهتي پرڳڻو ۽ ٻيو سنڌ جي قديم راند "ملهه" ۽ ٽيون ان راند جو املهه کيڏو "شير ميربحر" شير ميربحر کي نه رڳو مون ڏٺو هيو پر ميدان، ملاکڙن ۾ وڙهندي به ڏٺو هيو. پيٽ اگهاڙو، شلوار سو والن واريون پير بنا جتيءَ جي ۽ ميدان پڪو نه پر ڪلهه وانگر اکڙيل پائوڊر ڪيل مٽي، ها پر هي پٽڪو ضرور پائيندا هيا، ايترو ئي پٽڪي ۾ پگهر هوندو هو جيترو انهن جي شلوار ۾، هيڏانهن دهل ۽ شهنائين جو ڏونڪو بس پوءِ "مار ته متارو ٿئين" ۽ پوءِ مون ڏٺو هو شير ميربحر کي متارو ٿيندي. هو نواب شاهه ۾ به منهنجي گهر کان ويجهو هوندو هيو. ننڍي هوندي آئون انهن جي گهر به ويندو هئم. امڙ جا سندس گهر وارين سان قرب جا رستا هوندا هيا. شير جي گهر ٻاهران مينهن جا واڙا هوندا هيا سندس کاڌ خوراڪ به صدين پراڻي سنڌي روايت نيراڻي ۽ رات جو کير ضرور پيئندو هو.
سندس نالي جي ڪرت به عجيب آهي. "شير" معنيٰ "شينهن" مير معنيٰ "مير" بحر معنيٰ "سمونڊ" ڪو وڏو ڀڀوت دريا. معنيٰ هو هر لحاظ کان متارو هيو. نالي ۾ به متارو، ته ذات ۾ به متارو ته راند ۾ به متارو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جديد سنڌ ۾ ان قديم سنڌ جي راند کي سرخرو ڪيو. ڪابه ملهه ۾ اهڙي شيءِ ناهي جيڪا ملاوٽ ڏيکاري. ٻه پهلوان ٻک وجهندا، هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ لڳل شلوارن جي پلڻن ۾ ايئن هٿ وجهندا جو هٿ نڪري نه سگهي، ۽ پوءِ پنهنجن اگهاڙن پيرن کي ڪپهه جهڙي مٽيءَ ۾ کوڙيندا، ڪي پٽڪا پائي وڙهندا، ته ڪي پٽڪا لاهي وڙهندا. جيڪي پٽڪا پائي ملهه وڙهندا. مجال آ جو پٽڪو ڪري. مڙس پٽ تي ڍير ٿي سگهي ٿو پر پٽڪو پٽ تي نه پوندو. جيڪو کٽي سو ته پوءِ ڄڻ "هو جمالو" ٿيو وڃين. پوري ان ناچ جا تعلق ان پراڻي سنڌ جي ان راند ملهه سان آهن. "هو جمالو" جي اصل روح ميدان مارڻ سان آهي. نه ڄاڻ ڪيترا "هو جمالو" شير ميربحر کي نصيب ٿيا هوندا.
اصولي طور اهي ملهه وارا ملاکڙا لاباري لهڻ کان ستت پوءِ ٿيندا هئا. ميلا لڳندا هئا، ڏاندن جون ڊوڙون ٿينديون هيون. اٺن ۽ گهوڙن جون به ڊڪون ٿينديون هيون. هيڏانهن چيٽ جهليل هوائن ۽ انهن ۾ پيل پرون هوندوين هيون ۽ هوڏانهن بازاريون ريوڙيون، ڪشمش، ڏونگهيءَ (ناريل) جي مٺاين سان لت پت هونديون، ٻارڙن ۾ خوشيءَ جو سما هوندو هو. انهيءَ ساهتي پرڳڻي جو ٿئي اسانجو شير ميربحر، اڄ جڏهن نوجوان ليکڪ مولائي ملاح ان شخص کي هن ڪتابڙي ۾ سهيڙي رهيو آهي. سو سندس وڏو ڪم آهي. ان ايندڙ سنڌ جي ٻچڙن کي پنهنجي ماڳن ڏي وٺي وڃڻ لاءِ آئون سندس دعاگو آهيان.