ڪالم / مضمون

تاريخ جي تھہ خاني مان

سڪندر عباسيءَ جو ھي ڪتاب سپنن جي تلاش ۾ نڪتل ننڊ جو سفر آھي. سڪندر عباسي ان ڪھاڻيءَ جو تخليقڪار آھي جيڪا تاريخ جي ھر دور ۾ جنم وٺي ٿي، اھا ڪھاڻي عشق لا حاصل ناھي، اھا ڪھاڻي ناممڪن جي جستجو آھي. سڪندر عباسي نثر ۾ نظم سرجيندو آھي، ھن جا لفظ ڪاغذ جي ڪونئري بدن تي روح سان رقص ڪندا آھن.
Title Cover of book تاريخ جي تھہ خاني مان

غالب جون ڳالهيون

شايد مشتاق احمد يوسفي ئي چيو هو ته ”مرزا غالب اهو واحد شاعر آهي جيڪو جيترو سمجهه ۾ نه ايندو آهي اوترو ئي وڌيڪ مزو ڏيندو آهي.“
تاريخ جي مستند شاهدين مطابق مرزا اسد الله خان غالب 27 ڊسمبر 1797ع ۾ ڪالا محل، شهر آگري رياست ڀرت پور هندوستان ۾ اک کولي.
سخن جي دنيا اوڻويهين صديءَ کي ”غالب جي صدي“ قرار ڏئي ٿي. جڏهن ته ان کان اڳ واري صدي يعني ارڙهين صديءَ کي ”مير تقي مير جي صدي“ ڪوٺيو وڃي ٿو. مير تقي مير جنهن کي مرزا غالب پنهنجو روحاني استاد تسليم ڪيو هو.
آگري کي الوداع چئي، مرزا غالب جڏهن دهليءَ جي ڌرتيءَ تي پنهنجي شاعريءَ جي شهنشاهت قائم ڪرڻ آيو هو ۽ گهٽين ۾ گهمندو هو، ته هڪ ڏينهن ائين گهٽين ۾ گهمندي هن هڪ فقير کي مير تقي مير جو ڪلام ڳائيندي ٻڌو...
”پتا پتا بوٹا بوٹا حال ہمارا جانے ہے،
جانے نہ جانے گل ہی نہ جانے،
باغ تو سارا جانے ہے۔“

تڏهن مرزا جي وات مان بي اختيار واهه نڪري وئي ۽ ان ئي وقت مير تقي مير جي شعر جو معترف ٿيندي مرزا غالب تسليم ڪيو ته:

”ریختے کے تم ہی استاد نہیں ہو غالب،
کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میر بھی تھا۔“

اوڻويهين صديءَ جو هي عظيم شاعر مرزا اسد الله غالب جڏهن آگري مان لڏي اچي دهليءَ ۾ لڏو لاهي ويٺو ته کيس خبر پئي ته شاهي قلعي ۾ فقط ابراهيم ذوق جي شاعريءَ جو راڄ آهي جيڪو ڪنهن به ٻئي شاعر کي پير کوڙڻ ڪونه پيو ڏئي. درٻاري شاعريءَ ۾ پيش پيش ابراهيم ذوق درٻار جو دادلو هو ۽ دهليءَ ۾ مرزا غالب کي سندس شاعريءَ تي داد ڏيڻ ته پري جي ڳالهه ڪو سندس شعر ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هو. هڪ دفعي مرزا غالب کي قلعي ۾ هڪ مشاعري ۾ دعوت ڪلام ته ضرور ڏني وئي، پر اتي ابراهيم ذوق ۽ سندس ساٿي شاعرن مرزا غالب سان توهين آميز ورتاءُ ڪيو. جنهن کان پوءِ مرزا غالب کي ابراهيم ذوق تي ڏاڍي چڙ هئي، ته هن کان گهٽ حيثيت وارا شاعر قلعي ۾ شاهي قالينن تي فخر وچان ڪنڌ مٿي ڪري هلي رهيا آهن ۽ هن تي درٻار جا دروازا ئي بند آهن.
هڪ ڀيري مرزا غالب پنهنجي هم خيال دوستن سان بازار ۾ هڪ هنڌ ويٺو هو ته ٺيڪ ان وقت ابراهيم ذوق جي شاهي سواري جو اتان گذر ٿيو. سندس وڏائي ۽ فخر ڏسي مرزا غالب وڏي واڪ چيو ته:
” بنا ہے شاہ کا مصاحب پھرے ہے اتراتا۔“

ان جملي تي ذوق کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هن اها شڪايت بادشاهه تائين پهچائي. جلد ئي قلعي ۾ مشاعرو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ غالب کي به دعوت ڏني وئي. مشاعرو شروع ٿيڻ وقت بادشاهه ظفر، خاص مرزا غالب کي تنبيهه ڪندي چيو ته هو سندس استاد ابراهيم ذوق جي شان ۾ گستاخي نه ڪري. ان جي جواب ۾ مرزا غالب وراڻيو ته هن ذوق جي شان ۾ ڪابه گستاخي ڪونه ڪئي آهي، بس هن تي ان وقت پنهنجو شعر پئي پڙهيو جنهن وقت بازار مان ذوق گذري رهيو هو. غالب جو اهو ڪوڙ پڪڙڻ لاءِ کيس چيو ويو ته جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته هو هن محفل ۾ اها پوري غزل پڙهي ٻڌائي.
مرزا غالب جيڪو ڪمال جو حاضر دماغ هو تنهن ان وقت ئي پوري غزل جوڙي ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو.

”بنا ہے شاہ کا مصاحب پھرے ہے اتراتا،
وگر نہ اس شہر میں غالب کی آبرو کیا ہے۔“

شروع شروع ۾ جڏهن دهليءَ ۾ مرزا غالب کي ٻڌڻ وارو ڪير به نه هو ۽ مرزا غالب مفلسيءَ ۽ بي قدريءَ جي اٿاهه سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو هو، تڏهن هڪ دفعي هن بالا خاني ٻاهران بيٺي اندران طوائف نواب جان جو ڳائڻ ٻڌو، جيڪا سندس ئي ڪلام ڳائي رهي هئي:

”ہاں وہ نہیں خدا پرست جاؤ وہ بیوفا سہی،
جس کو ہو دین و دل عزیز اس کی گلی میں جائے کیوں۔“

پنهنجو شعر پهريون ڀيرو ڪنهن ٻئي جي واتان ٻڌي مرزا غالب ٻهڪي پيو ۽ خوش ٿي پنهنجي ڪتب فروش دوست کي چيائين ته: ”جنهن شعر کي بازار ۾ فقير ۽ بالاخاني ۾ طوائف ڳائي اهو شعر ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي.“
مرزا غالب جي لاءِ مشهور آهي ته هو انب کائڻ جو ڏاڍو شوقين هو. هڪ دفعي سندس گهڻن انبن کائڻ واري عادت تي ڪنهن مٿس ٽوڪ ڪندي، انب کڻي هڪ گڏهه جي آڏو اڇلايا... گڏهه انب کي ڏسي مُنهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. ان شخص طنز مان کلندي مرزا غالب کي چيو، ”ڏسو مرزا صاحب گڏهه به انب ڪونه ٿا کائن.“
تنهن تي حاضر جواب مرزا غالب کيس مرڪي وراڻيو ته:
”گڏهه ئي ته آهن جيڪي انب نه کائيندا آهن.“
دهليءَ ۾ مرزا غالب کي مڃتا ڏياريندڙ طوائف نواب جان جي دلي خواهش هئي ته مرزا غالب دهليءَ جو سرتاج شاعر ٿي اڀري. ان ڏس ۾ هن مزارن تي باسون به باسيون هيون. پنهنجي ٻنهي هٿن جي ترين تي ”مرزا“ ۽ ”غالب“ مينديءَ سان لکندڙ نواب جان جي دلي حسرت هئي ته سندس محبوب شاعر مرزا غالب سندس ڪوٺي تي قرب جا قدم ڀري اچي ۽ هوءَ سندس ئي ڪلام سندس سامهون ڳائي. پر مرزا غالب چاهيندي به ڪڏهن سندس ڪوٺي تي پنهنجو ڪلام ٻڌڻ ڪونه اچي سگهيو. نواب جان اها حسرت دل ۾ کڻي دهليءَ مان هلي وئي.
نيٺ هڪ ڏينهن مرزا غالب جا پير پنهنجو پاڻ نواب جان جي ڪوٺي ڏانهن وڌڻ لڳا. هو ڏاڪڻيون چڙهي مٿي آيو. پر ڪوٺي تي ڪوبه ڪونه هو. ويراني واسو ڪري چڪي هئي. ڪوٺي جي ڀتين تي چوڌاري مرزا غالب جا شعر لکيل هئا:
”عشق مجھ کو نہ سہی، وحشت ہی سہی
میری وحشت تیری شہرت ہی سہی
یار سے چھیڑ چلی جائے اسد
گر نہیں وصل تو حسرت ہی سہی۔“

هڪ محقق ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته مون کان ڪو جيڪڏهن پڇي ته هندوستان کي مغلن جي سلطنت ڇا ڏنو؟ ته مان جواب ۾ ٽي نالا کڻندس. (1) غالب (2) اردو ۽ (3) تاج محل.
اوڻويهين صديءَ جي هن عظيم شاعر، غالب جيڪو صرف اوڻويهين صديءَ جو ئي نه پر غالب هر صديءَ جو شاعر آهي، هر صديءَ جي سخن تي غالب آهي.
مرزا غالب زندگيءَ جو گهڻو عرصو مفلسيءَ ۾ گذاريو. هو ”پيئڻ“
جو تمام گهڻو شوقين هو. ڪابه شام هن جي ”پيئڻ“ کان خالي ڪونه هوندي هئي. هڪ دفعي مفلسيءَ کيس ايترو ته اچي سوڙهو ڪيو جو وٽس ”پيئڻ“ لاءِ مئه ڪونه هئي. هو ڏاڍو اداس هو، آذان جو آواز ڪن تي پيس. مسجد طرف ويو، مسجد ۾ داخل ٿيو، وضو ڪرڻ لڳو، ٻئي طرف سندس هڪ دوست کي خبر پئي ته مرزا غالب بلڪل خالي آهي. هو شراب جي بوتل کڻي اچي پهتو. بوتل کي ڏسي مرزا غالب مسجد کان ٻاهر اچڻ لڳو. هڪ نمازيءَ پڇيس مرزا ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟ نماز ته پڙهندو وڃ.
مرزا وراڻيس، ”جنهن مقصد لاءِ نماز پڙهڻ آيو هيم اهو ته پورو ٿي ويو.“
”مئہ سے غرض نشاط ہے کس رو سیاہ کو،
اک گونا بے خودی مجھے دن رات چاہئے۔“

دهليءَ ۾ قيام پذير ٿيڻ کان پوءِ مرزا غالب جنهن جاءِ تي رهڻ لڳو هو، ان کي بعد ۾ مرزا غالب جي حويلي جو نالو ڏنو ويو آهي. غالب جي حويلي قديم دهليءَ ۾ واقع آهي. کيس سرڪاري ورثو قرار ڏنو ويو آهي. حويليءَ جي ڀتين تي غالب جون تصويرون ٺهيل آهن. سندس شاعري لکيل آهي. حويليءَ کي عجائب گهر جو درجو عطا ٿيل آهي. هن عجائب گهر ۾ حقيقي زندگي جي جسامت وارو غالب جو مجسمو به آهي جنهن جي هٿ ۾ حقو آهي. غالب جو مجسمو ناليواري مجسمه ساز ڀڳوان رام پوري تراشيو آهي.
**