هڪ موت جو ماتم
”ڪافي وٺ“ هن اهو چئي ڄڻ مون کي هوش ۾ آندو هو.
ڪافي وٺندي چيومانس: ”ڀوري رنگ جون عورتون اڪثر تن تي ڪاري يا گهري رنگ جون شيون ڇو استعمال ڪنديون آهن؟“ هوءَ مرڪي پئي هئي. مون ئي ڳالهيو هو.
”شايد تو ڪڏهن محسوس نه ڪيو هجي ته تنهنجي تن تي ڪاريون شيون ڪيتريون ٺهنديون آهن، تون وڌيڪ وڻندڙ ٿي پوندي آهين. ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ تنهنجو برف جهڙو بدن ڪارن ڪپڙن کي لتاڙيندي ڏسڻ واري کي ڪهي رهيو هجي پر توکي اها ڪهڙي پروڙ ۽ ڪهندڙ کي ڪهڙي ڪل ته ڪسندڙ تي ڇا گذري رهيو آهي؟“
هن هڪ فاتحانه لاپرواهيءَ سان وراڻيو هو ته: ”مون کي خبر آهي.“
چيو هومانس: ”جيڪڏهن ائين آهي ته اوهان ڀوري رنگ جون عورتون ڪارن ڪپڙن، ڪاري چمپل، ڪاري چشمي ۽ ڪارين چوڙين وغيره سان گڏ پنهنجي لاءِ ساٿي چونڊڻ مهل ڪاري رنگ کي رد ڇو ڪنديون آهيون؟“
منهنجي ان سوال تي مرڪي وراڻيو هيائين ته: ”اهو ان لاءِ ته اسان ان ساٿيءَ کي زندگيءَ ۾ محبت لاءِ چونڊينديون آهيون ۽ اڇو رنگ محبت جي علامت آهي، ان لاءِ مان توکي ڪنهن جا رنگ متعلق هي لفظ ٻڌايان ٿي ته:
Blue is true – Yellow is Jealous
Green is Forsaken – Red is brazen
White is love – And black is death…!
چيو هومانس: ”توهان جي سوچ مطابق جيڪڏهن ڪارو رنگ موت جو اهڃاڻ آهي ته پوءِ ان کي مختلف شين جي صورت ۾ پهريو ڇو ٿا؟“
وراڻيو هيائين: ”موت کي پهرڻ جو ته مزو ئي پنهنجو آهي، زندگيءَ کي ته هرڪو پهري ٿو، پر مزو ته تڏهن آهي جو ماڻهو موت کي پهري.“
۽ پوءِ هن واقعي موت کي پهريو هو، هوءَ جيڪا ڪنهن به سمجهوتي کي ڪونه مڃيندي هئي، تنهن زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سمجهوتو ڪيو هو، پنهنجي عمر جي وچ واري حد ۾ هن ان شخص سان شادي ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر ڪندي هوءَ چوندي هئي ته ان لاءِ نفرت جو لفظ به تمام ننڍو آهي، ته تڏهن مون کي موت متعلق ڪنهن جاچيل هي جملا جيءَ سان جڙيل لڳا هئا ته:
In the midst of life, we are in death.
هن مون کي هڪ دفعي فون تي اها مجبوري ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن جي ڪري هن پنهنجي پکيءَ جهڙي زندگي کي هڪ صياد جي حوالي ڪري سراپا سمجهوتو بڻائي ڇڏيو هو.
ان کان پوءِ مون کي ان ڳالهه تي پورو ايمان اچي ويو هو ته اسان جي سماج ۾ ٻيو ته ٺهيو پر آڪسفورڊ جي ڊگري يافته عورت کي به ڪنهن نه ڪنهن وراڪي تي سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي. هتي خانداني، گهرو مسئلا، انائون، اهڙا ته طاقتور هجن ٿا جو چڱي ڀلي اعصابن جي مالڪ ماڻهوءَ کي به مصلحت واري واٽ وٺڻ تي مجبور ڪن ٿا. هوءَ، جنهن کي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو بلڪل به نه وڻندا هئا، سا جڏهن مونکي ملول ڏسندي هئي ته وفا ناٿن شاهيءَ جو هي شعر پڙهندي هئي ته:
ڇو ٿو پاڻ وتين ڊاهيندو،
ٻيهر توکي ڪير ٺاهيندو؟
سا الائي ڪنهن جي زندگي ٺاهڻ لاءِ پاڻ بلڪل به ڊهي وئي هئي، ۽ هن کي خبر هئي ته هوءَ ٻيهر ٺهي، جڙي ڪونه سگهندي، ان ڪري هن پاڻ کي ٺاهڻ به ڇڏي ڏنو هو. هن تن تي ڪاري رنگ جون شيون USE ڪرڻ به ڇڏي ڏنيون هيون ۽ ڪنهن کي جواب ۾ چيو هيائين ته، ”مئل ماڻهو ٻيهر موت ڪيئن ٿو پهري سگهي؟“