عورت ، عشق ۽ ڏاهپ
”عورت تنهنجو نالو بيوفائي آهي.“
پر ڪوبه خيال حتمي ناهي هوندو. شيڪسپيئر جي ان خيال کي رد ڪندي هڪ مفڪر اها ڳالهه چئي ته:
”عورت هڪ وڏي طاقت آهي، ايتري وڏي طاقت جو ”مرد“ پيدا ڪندي آهي.“
جڳ مشهور ڏاهي افلاطون جي عورتن متعلق مثبت راءِ هئي، هن جو خيال هو ته ”عورت لاءِ سماج ۾ هر دروازو کليل هجي، کيس هر ميدان ۾ همٿائجي.“
جڏهن ته ان معاملي ۾ ارسطو جا خيال مختلف هئا، ارسطو چوندو هو ته، ”عورت اڃا ان معيار تي پهچي ڪونه سگهي آهي، هو مرد جيتري باصلاحيت بلڪل به ناهي.“
سياست جو سنگين ميدان هجي، توڙي ادب جون انوکيون البليون راهون، سياستدانن، اديبن، ڏاهن، دانشورن، شاعرن توڙي فلسفين جي زندگيءَ ۾ عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي، پوءِ ڪن جي زندگيءَ ۾ ڪنهن عورت مثبت اثر ڇڏيو آهي ته ڪنهن منفي.
ساغر صديقي هڪ صوفي منش درويش شاعر هو، هو جنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو، اها هڪ تندور واري جي ڌيءَ هئي. ساغر صديقي جي والد صرف ان سبب جي ڪري ساغر جي شادي ان ڇوڪريءَ سان نه ڪرائي ۽ مالڪن ان ڇوڪريءَ جي شادي ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏي. ساغر به پنهنجي گهر جون آسائشون ۽ آرام ڇڏي داتا جي نگريءَ ۾ رهڻ لڳو.
جڏهن سندس محبوبا کي اها خبر پئي ته اها کيس ڳوليندي ڳوليندي اتي اچي نڪتي ۽ اچي ساغر سان ملي ۽ کيس گڏ هلڻ لاءِ چيائين، گڏوگڏ ساغر کي اهو به ٻڌايائين ته مون کي منهنجي مڙس هٿ به ناهي لاتو ۽ اسان جي محبت جي داستان ٻڌي مون کي طلاق ڏئي آزاد ڪيو اٿائين. مان تو وٽ آئي آهيان، اسان هاڻي هڪٻئي کي ماڻي سگهون ٿا، تنهن تي ساغر کيس وراڻيو ته:
”بندہ پرور کوئی خیرات نہیں
ہم وفائوں کا صلہ مانگتے ہیں۔“
فلسفي جي دنيا جي هڪ مشهور شخصيت سسرو پنهنجي زال کي طلا ق ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن کيس ٻيهر شادي ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته هن جواب ڏنو، ”ڪوبه شخص هڪ ئي وقت هڪ سٺو مڙس ۽ هڪ سٺو فلسفي ٿي نه ٿو سگهي.“
فلسفي سقراط جي زال هڪ چيڙاڪ عورت هئي هوءَ سقراط کي مار به ڏيندي هئي. هڪ دفعي ته هن حد ڪري ڇڏي ۽ سقراط جي مٿان چانهه لاءِ رکيل ٽهڪندڙ پاڻي هاري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري سقراط جو اڌ چهرو سڙي ويو هو. اها سڄي ماجرا معلوم هوندي به سقراط جو هڪ نوجوان شاگرد سقراط وٽ آيو ۽ چيائينس ته استاد محترم مان شاديءَ جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. اوهان جي ڇا صلاح آهي؟
سقراط کيس جواب ڏنو ته توکي شادي ڪرڻ گهرجي. نوجوان کي زال جي ماريل سقراط جي ان جواب تي حيرت ٿي. نوجوان چيس ته استاد محترم توهان مون کي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهيا آهيو!؟ حيرت آهي.
ان تي سقراط مرڪي جواب ڏنس ته جيڪڏهن تنهنجي زال سٺي هوندي ته هوءَ توکي زندگيءَ ۾ ڪامياب بڻائي ڇڏيندي. پر جيڪڏهن تنهنجي زال منهنجي زال جهڙي هوندي ته تون فلسفي بڻجي ويندين. منهنجي زال مون کي غير متاثر رهڻ جو فن سيکاريو آهي.
جڏهن هندوستان تي غير شادي شده وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جي حڪومت هئي ۽ مخالف ڌر جي عورت اڳواڻ سونيا گانڌيءَ سندس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري سندس حڪومت گوڏي ڀر ويهڻ واري هئي. تڏهن هڪ جلسي ۾ تقرير دوران واجپائي جي شاعر دوست سريندر شرما واجپائي کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته اڄڪلهه تنهنجي حڪومت کي جيڪو خطرو آهي اهو فقط هڪ ”عورت“ سونيا گانڌي جي ڪري آهي. پر جيڪڏهن تون شادي شده هجين ها، ته هڪ عورت اڳواڻ تنهنجي لاءِ ايترا ڏچا پيدا ڪري ڪونه سگهي، تون ايترو بيوس نه هجين ها، ڇو ته هڪ عورت (زال) سان رهي رهي تون عورت جون حرفتون سمجهي وٺين ها، تون عورت جي ادائن ۽ اٽڪلن مان ڪافي واقف هجين ها.
اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن به عورت جو هٿ پٺيان نه هجڻ ڪري واجپائي نه ته سٺو شاعر ٿي سگهيو ۽ نه ڪامياب حڪمران.
اهو مڃيو ويندو آهي، اهو تسليم ڪيو ويندو آهي ته معروف شاعرن نواب مرزا داغ دهلوي جي اها شاعري ئي امر آهي، شاهڪار آهي جيڪا هن 48 سالن جي عمر ۾ هڪ عورت جي عشق ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ڪئي هئي. جيڪو عشق هن ڪلڪتي جي هڪ مني ٻائي حجاب سان ڪيو هو. جڏهن دهليءَ ۾ مرزا غالب جي شاعريءَ کي نه ڪو سمجهڻ وارو هو ۽ نه ڪو کيس شاعر تسليم ڪرڻ وارو هو تڏهن هڪ طوائف نواب جان محفلن ۾ سندس ڪلام ڳائي، سندس شاعري ماڻهن تائين پهچائي هئي. ۽ صرف ايترو ئي نه پر مرزا غالب جي شعرن سان عقيدت جي حد تائين عشق ڪندڙ نواب جان درگاهن تي باسون باسي مرزا غالب جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهريون هيون ته سندس شاعر مرزا غالب هڪ ڏينهن دهليءَ جو سرتاج شاعر بڻجي وڃي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن دعائن رنگ لاتو ۽ مرزا غالب جو ڪلام گهٽي گهٽيءَ ۾ گونجڻ لڳو هو ۽ شهرت ۽ ڪاميابي ڪنهن نرتڪيءَ جيان ڇير ٻڌي نچڻ لڳي هئي، تڏهن مرزا غالب دل جي گهرائين سان اهو تسليم ڪيو هو ته سندس ان ڪاميابي پٺيان ان عورت نواب جان جو هٿ آهي.
اردو ادب جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي جنهن کي ادبي دنيا ۾ ”ميرا جي“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس اصل نالو ثناء الله هيو پر، هڪ بنگالي ڇوڪري ”ميرا سين“ سان سندس اهڙو عشق لڳو جو ثناء الله ان ڇوڪري ”ميراسين“ جو نالو ئي پنهنجو تخلص بڻائي ڇڏيو ۽ ثناء الله مان ”ميرا جي“ طور مشهور ٿي ويو. کيس ميرا سان ايترو ته لڳاءُ هو جو هو پنهنجي قميض اندر هندو مالائون پائيندو هو ۽ جڏهن اڪيلو ٿيندو هو ته اهي مالائون هٿ ۾ کڻي هر هڪ داڻي تي ”ميرا- ميرا...“ جو ورد ڪندو هو.
ساحر لڌيانوي کي ايتري شهرت سندس شاعري ڪونه ڏني هئي جيتري مشهوري هن کي امرتا پريتم جي عشق بخشي. ساحر کي ”ساحر“ بنائڻ واري امرتا پريتم هئي. جيڪا ساحر جا اڌ سڙيل سگريٽ ٻيهر دُکائي پيئندي پيئندي پنهنجي دل ۾ ساحر جي عشق جي دُکندڙ دونهيءَ کي دکيل رکندي هئي ۽ ان عشق ۾ ئي امرتا هي شعر سرجيو هو ته:
”سائين! مون کي پنهنجي چلم مان
ٿورڙي چڻنگ ڏي، مان تنهنجي اگربتي آهيان
مون کي تنهنجي درگاهه تي
هڪ گهڙيءَ لاءِ ٻرڻو آهي.“
جڳ مشهور مفڪر ”نٽشي“ پنهنجو عقل، علم فهم فقط هڪ عورت کي متاثر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. اها عورت جرمني جي هڪ تعليم يافته عورت ”سلومي“ هئي، جنهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ، جنهن دل ۾ گهر ڪرڻ لاءِ ”نٽشي“ ڏاهپ جا ڏونگر ڏوريا مختلف ملڪن ۾ سندس پٺيان ويو، سلومي کي متاثر ڪرڻ لاءِ ”نٽشي“ پاڻ کي وڏي عقل ۽ علم وارو بنائڻ جا جتن ڪيا، نٽشي کي سلومي جي محبت ملي يا نه ملي، پر ان هڪ عورت ”سلومي“ جي ڪري دنيا کي ”نٽشي“ جهڙو علم ۽ عقل وارو شخص مليو.
اردو شاعر جگر مراد آبادي پنهنجي شاعري کي پنهنجو ڪمال نه پر ان شهرت کي پنهنجي محبوبا سان منسلڪ ڪندي اهو اعتراف ڪري ڏنو هو ته:
”میرا کمال شعر بس اتنا ہے اے جگر
وہ مجھ پر چھا گئے میں زمانے پر چھا گیا۔“