ساحر جي امرتا
دھوئیں کی لہر پر تصویر رقص کرتی رہی،
وہ سگریٹوں کے تسلسل میں یاد آتا رہا۔
ان امرتا پريتم بابت ڪنهن ٿي ڄاتو ته 31 آگسٽ 1919ع تي جنم وٺندڙ اها ڇوڪري هڪ ڏينهن ادب جي آسمان جو امر ستارو بڻجي اُڀرندي. امرتا پريتم جي مشهوريءَ جا کوڙ سارا حوالا آهن. هن جا نظم، ناول، ڪهاڻيون، ساحر لڌيانوي، سندس همراز مڙس امروز ۽ سندس دوست شاعره ساره شگفته، انهن مڙني حوالن سان امرتا پريتم کي ننڍي کنڊ ۾ چڱي طرح سڃاتو وڃي ٿو.
امرتا پريتم جي پهرين شادي 1935ع ۾ لاهور جي انارڪلي بازار جي مشهور واپاريءَ جي پٽ سان ڪرائي وئي هئي، جيڪا گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهي ۽ جلد ئي سندن عليحدگي ٿي وئي، زندگيءَ جا آخري چار ڏهاڪا امرتا امروز سان گڏ گذاريا.
امرتا پريتم جي نظمن جو پهريون ڪتاب ”امرت لهرين“ جي نالي سان، 16 سالن جي عمر ۾ 1936ع ۾ شايع ٿيو، اِن عمر ۾ اهڙي پڪي شاعري ڪري امرتا پريتم پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو هو. جيتوڻيڪ شروع شروع ۾ امرتا هڪ رومانوي شاعري ڪئي، پر پوءِ جلد ئي سندس شمار ترقي پسند ليکڪن ۾ ٿيڻ لڳو.
1947ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ هن پاڪستان ڇڏي ڀارت ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي هوءَ هڪ ماهوار ادبي رسالي ”ناگ مڻي“ جي ايڊيٽر به رهي.
امرتا پريتم ڪيتريون ئي دل کي ڇهندڙ ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ مونا ليزا، ترشول، سگريٽ ڪا ٽڪڙا، کچڙي، تيسري عورت ۽ ڇمڪ ڇلو وغيره يادگار ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جا هي مجموعا پڌرا ٿيا: ”ڪهانيان جو ڪهانيان نهين“ ۽ ”ڪهانيون ڪي آنگن مين.“
برصغير جي هن بردبار ليکڪا جي ڪيترين ئي ڪهاڻين کي فلمي روپ ڏئي سئنيمائن جي زينت به بڻايو ويو، جن ۾ ”ڊاڪو“ ۽ ”بنجر“ فلمون قابل ذڪر آهن. سندس هڪ نظم جو ٽڪرو آهي:
"پرچھائیاں پکڑنے والو
چھاتی میں جلنے والی آگ کی
پرچھائیاں نہیں ہوتیں۔"
امرتا پنهنجي سرجيل ادب جي ڳچ حصي ۾ عورت جي حقن جي علمبردار طور اُڀري سامهون آئي. پاڪستان جي شاعره ساره شگفته مٿان ٿيندڙ ظلمن کي جنهن ريت هِن بيان ڪيو. اهو وساڻ جوڳو ناهي. امروز جي امرتا، جنهن جي سيني ۾ ساحر جي سڪ جو سمنڊ ڇوليون هڻندو هو، تنهن ساحر جي سِڪ ۾ لکيو هو ته:
”مان توسان ملنديس ضرور
ڪڏهن ۽ ڪٿي، اهو مان نه ٿي ڄاڻان
شايد مان تنهنجي تصور جو عڪس ٿي اڀران
يا ٿي سگهي ٿو
مان بهارن جي روپ ۾ اچان
۽ برف ٿي وسي پوان
جنهن مان تمندڙ پاڻيءَ جا ڦڙا
تنهنجي جسم تي پون
۽ مان پنهنجي سموري ٿڌاڻ
تنهنجي گرم ڇاتيءَ تي ڇڏيان
ڪڏهن ۽ ڪٿي اهو مان نه ٿي ڄاڻان
پر مان توسان ملنديس ضرور.“
امرتا جي خيالن ۾ انتها جي اونهائي آهي. هن زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي تمام ويجهي کان ڏٺو هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس نثر توڙي نظم ۾ زندگيءَ جو هر رخ، هر روپ پنهنجي پوري جوهر سان موجود آهي. هن جي مشهور ناولن ۾ ڊاڪٽر ديو، ڪورا ڪاغذ، اڻونجاهه ڏينهن، ساگر ۽ سپيون، رنگ جا پتا، دل جون ڳليون، تيرهون سج ۽ جلاوطن وغيره شامل آهن. جڏهن ته سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”امرت لهرين“ ۽ ”ايڪ ٿي انيتا“ کي گهڻي پذيرائي ملي. سندس زندگيءَ ۾ ئي سندس آتم ڪٿائن جا ٽي ڪتاب پڌرا ٿيا، جيڪي ”ڪالا گلاب“، ”رسيدي ٽڪٽ“ ۽ ”اڪشرون ڪي سائي“ آهن. 31 آگسٽ امرتا پريتم جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو هڪ اهڙي ليکڪا جو جنم ڏينهن آهي، جنهن تي اڄ به قلم قبيلو ناز ڪري ٿو. هيءَ عظيم ليکڪا 31 آڪٽوبر 2005ع تي گذاري وئي.