سارا شگفته: هٿن مان ڪِريل دعا
”یہاں تو قید کی کھڑکیاں کھولتے کھولتے
میرا بدن اٹکنے لگا ہے
ہر نقاد، غیر نقاد
میرے بدن میں بھونکنا چاہتا ہے
پھر اپنی سانس جتنا کفن
میرے لئے الا پتا ہے
میرا سب سے بڑا گناہ یہ ہے
کہ میں عورت ہوں۔“
ڪنهن تمام خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي ته شاعري ڪيفيت ۾ رهڻ جو نالو آهي، رڳو واقعا بيان ڪرڻ کي داستان گوئي چئبو آهي. سارا داستان گونه پر شاعره هئي. هوءَ جنهن ڪيفيت مان گذرندي هئي ان کي ڪاغذ تي لکندي هئي جيڪا شاعري بڻجي ويندي هئي. شاعري جيڪا گونگن جذبن کي زبان عطا ڪرڻ جو نالو آهي. سارا پنهنجي ڪنهن به جذبي کي بي زبان رهڻ نه ڏنو. هن اظهار ڪيو، برملا اظهار ڪيو، ڪنهن به سماجي، قانوني، رواجي، تهذيبي ۽ مذهبي پابندي جي پرواهه ڪرڻ بنا اظهار ڪيو.
”عزت جا ڪيترائي قسم آهن
گهونگهٽ، چماٽ، ڪڻڪ
عزت جو سڀ کان وڏو حوالو عورت آهي
گهر کان وٺي فوٽ پاٿ تائين
ڪجهه به اسان جو ناهي
عزت اسان جي گذاري جي ڳالهه آهي.“
سماج جي سوچ تي، رواجن ۽ روين تي چڀندڙ ۽ چٿرون ڪندڙ هيءَ شاعري صرف ساره شگفته ئي ڪري سگهي ٿي. سندس لفظ نشتر هئا، ڇو ته پنهنجي مختصر حيات ۾ هن سورن کي هر روپ ۾ ڏٺو. اهنج توڙي ايذاءَ سندس دل جي اڱڻ ۾ رانديڪن جيان وکريل هوندا هئا.
”انسانن جا داغ ڌوئندي ڌوئندي
منهنجا هٿ ئي ڪارا ٿي ويا آهن
مان ضميرن کان وڌيڪ جاڳي پئي آهيان
خاموشي منهنجي دل آهي
پر مان سمنڊ جيان گوڙ ڪرڻ چاهيان ٿي
مان اگهاڙي سج کان وڌيڪ سهڻي آهيان
پر ڪاري چادر ۾ ويڙهيل آهيان.“
سارا شگفته، امرتا پريتم کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”پکين جون لاتيون ئي منهنجو جنم ڏينهن آهي.“
سچ اهو آهي ته سارا جو روح سرمست هو. هن جي سيني ۾ جهڙوڪ پکين جي دل پيل هئي. جن پکين کي کڻي سون جي پڃري ۾ ئي ڇو نه قيد ڪيو وڃي، ڀلي من پسند خوراڪ ڇو نه ڏني وڃي، ڪيتريون ئي مٺيون ٻوليون ڇو نه ٻوليون وڃن، پر پوءِ به پکي قيد ۾ خوش ناهي هوندو. جهڙوڪ هوءَ آسمان جو ڪو ٽٽل تارو هئي جيڪو ڌرتيءَ تي ڪٿي به فٽ نه پئي آيو. پنهنجي زندگيءَ جي سفر ۾ هن عورت جي هر روپ ۾ زندگي ڏٺي. پر هر روپ ۾ هوءَ پائمال ٿيندي رهي. ڪنهن به روپ ۾ هن کي جوڳو مان ڪونه مليو. هر روپ هن جي روح تي انيڪ رهنڊون پاتيون. هوءَ ڌيءَ رهي هڪ اهڙي پيءَ جي جنهن جي موجودگيءَ ۾ به هن يتيمن جيان گذاريو. کيس پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ گرهه به ڳڻيل ملندا هئا. ڄڻ هن کي کاڌو نه خيرات ملندي هئي. گهر جي ڇت مينهن جي هڪ ڪڻيءَ جو وزن به نه کڻي سگهندي هئي. بک ۽ ڏک ننڍپڻ کان سندس ساهيڙيون رهيا.
هوءَ ڀيڻ به هئي، پر ڀائرن کيس هميشه بد جو چٽوئي سمجهيو.
هوءَ محبوبا به رهي، هڪ نه پر ڪيترن ئي ساڻس عشق جو اظهار ڪيو، انهن مان هر هڪ سندس محبت ۾ آسمان مان تارا لاهي اچڻ جو دعوائون ڪيون. پر محبت جڏهن به حقيقت بڻجي سندس سامهون آئي ته محبت تان سندس ويساهه کڄندو ئي ويو. هوءَ زال به رهي، هڪ دفعو نه پر پورا چار ڀيرا هوءَ مختلف مردن سان نڪاح جي ٻولن ۾ ٻڌجندي رهي. چار مرد مختلف وقتن تي سندس مجازي خدا رهيا پر انهن مان ڪو هڪ به ان لائق نه هو جنهن جي هوءَ مجازي خدا طور تعظيم ڪري سگهي.
”محبوب“ ”مڙس“ ٿيندي ئي ڊيڄاريندڙ روپ ۾ سندس سامهون ايندا رهيا. هوءَ ماءُ به رهي انهن ٽن ٻارڙن جي جيڪي سندس ڪک مان پيدا ٿيا پر کانئس الڳ ڪيا ويا. هڪ ماءُ جي روپ ۾ هوءَ رڙندي رهي... ٻار کسجڻ واري واقعي ته سارا خط ۾ امرتا پريتم کي سڄي ماجرا لکي موڪلي هئي.
جڏهن عدالت ۾ اڳوڻي مڙس کان پنهنجا ٻچڙا حاصل ڪرڻ لاءِ سارا شگفته پنهنجي ئي ڪردار ڪشي ڪندي بيان ڏنو هو ته:
”جج صاحب! هي شخص بلڪل سچ چئي رهيو آهي مان آوارا به آهيان، بدڪردار به آهيان ۽ مان قبول ٿي ڪريان ته هي ٻار مون کي هن شخص مان ڪونهن. انهن ٻارڙن جو پيءُ ڪو ٻيو آهي، ان ڪري عدالت مون کي اجازت ڏئي ته مان اهي ٻار اصل والد تائين پهچايان.“
عدالت ۾ جيڪي به الزام سارا تي لڳايا ويا اهي هن فراخدليءَ سان پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيا ۽ عدالت ٻار سارا جي حوالي ڪري ڇڏيا.
سارا شگفته جا ٻه شعري مجموعا (1) آنکين (2) نيند ڪي رنگ“
شايع ٿيا. جڏهن ته سارا شگفته جي شاعري کي اسد علوي انگريزي ۾ ترجمو به ڪيو جن ۾ The Colours of Sleep. جڏهن ته امرتا پريتم سارا شگفته تي ٻه ڪتاب (1) ايڪ ٿي سارا لکيو جيڪو 1990ع ۾ شايع جڏهن ته ٻيو ڪتاب ”مين سارا“ 1994ع ۾ شايع ٿيو.
سارا شگفته جي زندگي تي شاهد انور ڊرامو به لکيو جيڪو آل انڊيا ريڊيو تان نشر ڪيو ويو هو جنهن جو نالو هو ”سارا ڪا سارا آسمان“ جڏهن ته گهڻن ماڻهن کي خبر ڪونه آهي ته سارا شگفته جي حياتيءَ تي انور سن رائي به هڪ ڪتاب لکيو ”ذلتون ڪي اسير“ پر جيتري گهرائپ ۽ پنهنجائپ سان سارا تي امرتا پريتم لکيو، جنهن خوبصورتي سان سندس ڪيس امرتا پريتم پيش ڪيو آهي، اهو ڪو ٻيو ڪري ناهي سگهيو.
سارا شگفته جي لاءِ سندس همراز امرتا پريتم گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جنهن تي هڪ ڪتاب ”ايڪ ٿي سارا“ ڇپيو هو. امرتا پريتم هڪ هنڌ لکي ٿي ته:
”مان آسمان منجهان هڪ تارو ٽٽندي ڏٺو جيڪو تمام تيز رفتاريءَ سان آسمان جي ذهن ۾ هڪ ٻرندڙ ليڪ ڪڍندو آهي، ماڻهو چوندا آهن ته سچ ئي چوندا هوندا ته هنن ڪيترائي ڀيرا ٽٽل تارن جي گرم خاڪ زمين تي ڪرندي ڏٺي آهي. مان به هن ٽٽل تاري جي گرم خاڪ پنهنجي دل جي اڱڻ ۾ وسندي ڏٺي آهي. ان تاري جي ٽٽڻ وقت آسمان جي ذهن ۾ جيڪا ڊگهي ليڪ ڪڍجي وئي هئي اها سارا شگفته جي نظم هئي، نظم زمين تي ڪريو ته خدا ڄاڻي ان جا ڪيترا ٽڪرا هوا ۾ وڃائجي ويا پر جيڪا خاڪ مان هٿ سان ڇهي ڏٺي هئي ان ۾ ڪيترائي ٻرندڙ اکر هئا جيڪي مان ميڙي ڪاغذ تي رکيا هئا.“
سارا شگفته پنهنجي جنم، پنهنجي هن دنيا ۾ اچڻ کي هن تلخيءَ سان بيان ڪيو هو ته ”مان هٿن مان ڪريل دعا آهيان.“