چنڊ، چاهتون ۽ شاعر
شيخ اياز جيڪو سچ به ته سنڌي ادب جي وشال آسمان جو اهو سدا چمڪندڙ چنڊ آهي، جنهن جي ڪري شاعري جي چانڊاڻ مان ابد تائين شاعريءَ جي شاهراهن جا انيڪ نوان مسافر چانڊوڪيون چورائيندا رهندا. اياز اسان جي ڌرتيءَ جو اهو سهڻو چنڊ آهي، جنهن جي سونهن آسمان جي چنڊ کي شرمائڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ جنهن جي اظهار لاءِ مان ڪنهن شاعر کان سندس هي سٽون اڌاريون وٺي شيخ اياز کي ارپڻ چاهيان ٿو ته:
"او چندا او چاند رات کے مسافر!
میرے چاند کی چاندنی سے کیا تم شرماتے ہو
تیری چاندنی تو رات میں دنیا کو پرنور رکھتی ہے
میرے چاند کی چاندنی دن رات برستی ہے۔۔۔"
هاڻي ڳالهه جڏهن چنڊ جي ئي هلي پئي ته ڇو نه پاڻ هن ڪالم ۾ اياز جي انهن شعرن جو ذڪر ڪريون جنهن ۾ چنڊ کي هن همراز، همدرد ۽ دوست ڪري اندر جو حال اوريو آهي.
”تون مان آهيون يار، او چنڊ
اڄ تو رلون گڏ راتيون
تنهنجو منهنجو گهاءُ به ساڳيو
صدين جو سوداءُ به ساڳيو
ٻئي اوندهه تي وار، او چنڊ
اچ ته رُلون گڏ راتيون.
اياز کي خبر آهي ته چنڊ به هن جيان راتين جو رولاڪ آهي، جيڪو وشال آسمان تي هيترن سارن ستارن جي ساٿ ۽ سنگت ۾ به هيڪلو هوندو آهي. ستارن جي سنهڙي روشنيءَ سان سينگاريل آسمان تان اڪيلو اداس بيٺل چنڊ، هڪ عاشق، هڪ شاعر کي اڃا به اداس ڪري ڇڏيندو آهي. تڏهن هڪ عاشق، هڪ شاعر جي اندر ۾ پيل وڍ پاسا ورائيندا آهن. اهي اڌما اظهار جا رستا ڳوليندا آهن، تڏهن شيخ اياز ان ئي چنڊ کي قاصد بڻائي کيس پرينءَ لاءِ پيغام ڏيندو آهي ته:
”چوءَ منهنجي چنڊ کي، رهي وڃي رات
ڏئي وڃي ڏات، سرچي منهنجي ساهه کي“
تڏهن ايئن ان چنڊ کي اداس اکين سان چمندي ماڻهو رات مان ڏينهن ڪري اٿندو آهي، پر چنڊ کيس سندس پرينءَ جو پتو آڻي ڏيڻ کان قاصر هوندو آهي ۽ تڏهن اياز نراسائيءَ مان آرس ڀڃي اٿي ٿو ۽ ڪوري ڪاغذ تي سندس قلم وهڻ لڳي ٿو ته:
”ستارن جي سيج تي ستس ساري رات
پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنهن چنڊ کي“
ماڻهو، جنهن جو من جڏهن چنڊ جهڙي پرينءَ جي ڪنول چهري کي چمي وٺندو آهي تڏهن سندس دل جي دنيا ئي بدلجي ويندي آهي ۽ ان خوشيءَ کي اياز هنن سٽن ۾ سمائي ٿو ته:
”ڪنهن ڪنول کي چميو هو مون رات،
هڪ سٺو گيت ٿي لڳي پرڀات“
ماڻهو انهن سڀني محبتي احساسن کي حقيقت جي روپ ۾ پسڻ چاهيندو آهي. اهي لاتيون جيڪي هو پرينءَ سان روبرو ڪرڻ چاهيندو آهي، اهي راتيون جن ۾ پرينءَ کانئس پري نه هجي، جنهن ۾ هو چنڊ جهڙي پرينءَ کي چمي سگهي ۽ ان وسيلي ماڻهو اياز جي هنن سٽن جو عڪس ٿي پوندو آهي ته:
”بهشت چاهي، دوزخ چاهي، ڇڏي اهي ويچار
مٺڙي مٺڙي ننڊ پرينءَ جي پاس ۾ ڪر يار“
دراصل شيخ اياز جا شاعريءَ ۾ مينهوڳيءَ سان وهنتل مٽيءَ جهڙو هڳاءُ آهي. اوهان ڪڏهن برسات کان پوءِ ڪچي مٽيءَ مان اٿندڙ سرهاڻ کي محسوس ڪيو آهي؟ ڪچي مٽيءَ جي ڪومل، ڪنواري ۽ ڪونئري بدن تي جڏهن برسات جون بوندون ڪرنديون، تڏهن ان سهڻي سنگم مان سرجندڙ، اها مينهوڳيءَ سان واسيل خوشبو دنيا جي هر پرفيوم جي سرهاڻ کان سرس ڀاسندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڪڪرن جي ڪُک مان ڪرندڙ مينهن ڪڻيون ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي محبت مان چمنديون آهن تڏهن اها ٻهڪي اٿندي آهي ۽ ان مان به ماڻهو کي مدهوش ڪندڙ اهو ئي هڳاءُ ايندو آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي محبوب جي بدن مان ايندو آهي، جيڪو پرينءَ جي پگهر مان ايندو آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به اهو ئي سڳنڌ سمايل آهي، جيڪو سڄڻ جي سرهي ساهه مان ايندو آهي. شيخ اياز جي شاعري نه فقط هن دور جي پر هر دور جي شاعري آهي. اياز جي شاعري ڪنهن ڪنيا جي ڪيل پهرين پيار جهڙي اڻ وسرندڙ آهي، اها محبوب جي مکڙي تان ورتل پهرين مٺيءَ جهڙي آهي.