بَڙ جي ڇانوَ جهڙا وجود
“In youth the days are short, and the years are long. In old age the years are short and the days long.”
”جواني ۾ ڏينهن ننڍا ۽ سال وڏا ٿيندا آهن، جڏهن ته پيريءَ ۾ سال ننڍا ۽ ڏينهن ڊگها ٿي وڃن ٿا.“
سچ آهي ته پيرسني انسان جي عمر جو اهو حصو هجي ٿي جنهن ۾ وقت جمود جو شڪار ٿي پوندو آهي. جنهن ۾ وقت گذري به ناهي گذرندو. جيتوڻيڪ عمر جي گذري ويل ڳچ حصي جيان هن حصي ۾ به سالن جو سَڳو سرندو رهندو آهي، وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي، گهڙيءَ جو گهوڙو ڊوڙندو رهندو آهي. پر پوءِ به وقت ان ڪري بيٺل ڀاسندو آهي جو ان عمر ۾ ڪو ڪن ڏئي ٻڌڻ وارو ڪونه هوندو آهي. جيءُ ڪرڻ وارو ڪير به نه پر جهڻڪ ڏيڻ وارا گهڻا هوندا آهن. عمر وڌي ويندي آهي پر اهميت گهٽجي ويندي آهي. توجه ڏيڻ وارا گهٽ هوندا آهن، پر تنگ هرڪو اچي ويندو آهي.
اهي پيرسن جيڪي پنهنجي گهر ۽ ٻار وارا هجن ٿا انهن جي حيثيت گهر ۾ رکيل هڪ Extra کان وڌيڪ نه ٿي هجي. اهي پيرسن جيڪي لاوارث هجن ٿا، سي دنيا کي هڪ راهگذر سمجهي مجيد امجد جي هن شعر جا غماز بڻجي، هڪ سرد آه هڪ سڏڪو بڻجي وڃن ٿا ته:
”میں روز یہاں سے گذرتا ہوں کون دیکھتا ہے
میں کل جب یہاں سے نہ گذروں گا کون دیکھے گا۔“
پيرسن ماڻهن کي پينشن جيان زندگي به اڌ ۽ اڻ مڪمل ملي ٿي. جنهن مان ڪيترين ئي مراعاتن جي ڪٽوتي ڪري باقي بچيل ساهه پينشن طور کيس ملن ٿا. پيرسني انسان جي زندگيءَ جو اهو حصو آهي، جنهن ۾ زندگي ڄڻ ته بريڪ هڻي بيهي رهندي آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ Old Houses جو رواج مغرب جيان اڃا عام ڪونه ٿيو آهي، پر ان هوندي به هتي پوڙها پيءُ ماءُ ۽ پيرسن ماڻهو هڪ بار سمجهيا وڃن ٿا.
اشفاق احمد هڪ هنڌ لکيو هو ته ”مون هن کان پڇيو ته جواني ڀلي آهي يا پيري؟“ هن چيو، ”جوانن لاءِ پيري ۽ پوڙهن لاءِ جواني ڀلا آهي.“ مون چيو ”اهو وري ڪيئن؟“
هن وراڻيو، ”پوڙها جيڪڏهن جوان ٿي وڃن ته هو پنهنجون پهريون واريون غلطيون نه ورجائين ۽ جوان جيڪڏهن پوڙهن کي تجربي طور وٺن ته انهن جي جواني بي داغ ۽ بي عيب گذري.“
اها حقيقت آهي ته پيرسن ماڻهن جا وار اُس ۾ اڇا ڪيل ناهن هوندا. هنن جي اڇن وارن، چهري جي گهنجن ۽ ڏڪندڙ هٿن پٺيان هڪ دور جو درس هوندو آهي. جنهن منجهان نئون نسل چاهي ته گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو. اهي پيرسن، اها عمر جنهن جي تقدس، ادب ۽ احترام ۾”JosephCampbell“ چيو هو ته:
“As a white candle in a holy place so is the beauty of an aged face.”
مون هڪ هندي نظم پڙهيو هو ته هڪ گهر ۾ هڪ پوڙهي ماءُ ۽ سندس نوجوان پٽ ويٺا هئا، سامهون ڀت تي هڪ ڪانءَ به ويٺو هو. ماءُ پنهنجي پٽ کان پڇيو ”پٽ! هي ڇا آهي؟“ پٽ کيس وراڻيو، ”امان هي ڪانءُ آهي.“
ڪجهه دير کانپوءِ وري ماءُ پڇيس، ”ابا هي ڇا آهي؟“
پٽ جواب ڏنس ”امان هي ڪانءُ آهي.“
ٽيون ڀيرو وري ماءُ پڇيس، ”پٽ هي ڇا آهي؟“
پٽ وراڻيو، ”امان هي ڪانءُ آهي؟“
جڏهن ماءُ چوٿون دفعو پڇيس ته پٽ ڪاوڙ ۾ کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”ڪيترا دفعا ٻڌايو اٿمانءِ ته هي ڪانءُ آهي.“
ماءُ مرڪي چيس، ”پٽ جڏهن تون ننڍو هئين تڏهن هڪ ڀيري ائين ئي اچي ڪانءُ ويٺو هو ۽ تو مون کان چاليهه ڀيرا پڇيو هو ۽ مان چاليهه ئي ڀيرا تنهنجي پيشاني چمي توکي ٻڌايو هو ته ”پٽ هي ڪانءُ آهي.“
اهي جيڪي اسان کي جيءَ چئي جواب ڏيندا آهن، تن کي پيريءَ ۾ موٽ ۾ جهڻڪ ئي ملي ٿي. پهرين آڪٽوبر تي پوري دنيا ۾ گڏيل طور تي ”International Day of Older Persons“ ملهايو ويندو آهي، ته ڪو هڪ نه پر ڪيترائي پيرسن پنهنجي زندگيءَ بابت هن شعر جيان ضرور سوچيندا هوندا ته:
”دن کچھ ایسے گذارتا ہے کوئی
جیسے احسان اتارتا ہے کوئی۔“
انگريزيءَ جو هڪ نظم آهي ”خبطي پوڙهو“. جنهن ۾ هڪ اولڊ هائوس ۾ ترسيل هڪ پوڙهي هڪ نرس اڏو پنهنجي پيڙا ڪجهه هن ريت بيان ڪئي هئي ته:
”اي نرس! تون مون ڏانهن ڇا پئي ڏسين؟
تون ڇا پئي سوچين؟
هڪ خبطي پوڙهو جيڪو سياڻو ناهي
مان توکي ٻڌايان ٿو ته مان ڪير آهيان
ڪڏهن مان به ننڍو ٻار هئس
جڏهن مان سورنهن سالن جو ٿيس
ته مون کي پيار ٿي ويو
ويهن سالن ۾ مان گهوٽ بڻيس
چاليهن سالن جي عمر ۾
مان اولاد وارو ٿيس
جيڪا اولاد جوان ٿي مون کي ڇڏي وئي
هاڻي مان هڪ پوڙهو شخص آهيان
۽ فطرت ڏاڍي ظالم آهي
منهنجو جسم ڏڪندڙ آهي
دلڪشي ۽ طاقت موڪلائي وئي آهي
جنهن سيني ۾ ڪڏهن
دل ڌڙ ڪندي هئي
اتي هاڻي هڪ پٿر پيو آهي.“
پيري بڙ جي ڇانوَ جهڙي هوندي آهي. جيڪا اڃا به وقت گذرڻ سان گڏ گهاٽي ٿيندي ويندي آهي. پراڻو وڻ ۽ پيرسن شخص جنهن به گهر ۾ هوندا آهن اهو گهر ڪڏهن به نه ته موسمن ۽ حالتن جي تپش ۾ تپندو آهي نه ئي ڪڏهن هيڪلو ۽ هيڻو ٿيندو آهي. اهي ڀلي ڪجهه به نه ڪن پر انهن جي موجودگيءَ ئي وڏي معنيٰ رکندي آهي. انهن جو وجود ئي هڪ وڏي وٿ هوندو آهي.