لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

مهاڳ: سنڌي ادب جو جائزو

ادب ۽ ادب جي تاريخ بظاهر ٻه ڳنڍيل، پر اصل ۾ قطعي ڌار ڌار موضوع آهن. ادب لاءِ جذبي ۽ تخيل کي جيڪا مرڪزي حيثيت حاصل آهي، ادب جي تاريخ لکڻ مهل انهن ٻنهي کان بچڻ ايتروئي لازمي ٿي پوي ٿو. تخليقي ادب ۾ ذاتي رايي ۽ Emotions جو وڏو مُلهه آهي ۽ تاريخ ۾ انهن کي بلڪل به دخل ڪونهي، ان لاءُ تنقيد وانگر بلڪل Rational ٿيڻو پوي ٿو. ان ڪري ئي چوندا آهن ته ادب جي تاريخ لکندڙ وٽ هڪ سٺي محقق ۽ سٺي نقاد، ٻنهي جون خوبيون هجڻ ضروري آهن ۽ ڪنهن به هڪ شيءَ جي کوٽ کيس کاهيءَ ۾ ڪيرائڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. ڇو ته تحقيق، تنقيد کان سواءِ عام معلومات کان وڌيڪ اهم نه آهي ۽ تنقيد، تحقيق کان سواءِ هوا ۾ اڇليل لٺ برابر آهي. اڪبر ۾ هڪ محقق واريون خوبيون به اتم درجي جون آهن ته وٽس ڪنهن نقاد واري عقابي اک به پَسي سگهجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو، سندس لکيل “سنڌي ادب جو مختصر جائزو” نه فقط ادب جي عام پڙهندڙ ۽ مقابلي جي امتحانن ۾ ويهندڙ شاگردن جو پسنديده ڪتاب رهندو آيو آهي، پر خود سنڌي ادب جي مستقل شاگردن توڙي استادن به ان کي اهم حوالي طور، سالن کان ڪم پئي آندو آهي.
اها ڳالهه هونئن ته هر علمي تحرير تي جيئن جو تيئن لا ڳو ٿئي ٿي، پر گهٽ ۾ گهٽ تاريخ جو، تعصب، پسند ناپسند ۽ ذاتي وابستگين کان مٿانهون هجڻ بيحد ضروري آهي، پر بدقسمتي چئجي جو، اسان وٽ وڌ ۾ وڌ تعصب جو شڪار تاريخ ئي رهندي آئي آهي ۽ سموريون دشمنيون تاريخ جي ڪتابن ۾ ئي پاڙڻ جي ڪوشش ٿيل ملندي. تاريخ ادب جي هجي يا ڪنهن سماجي علم جي، شهرن جي هجي يا شعبن جي، توهان کي اڪثر تيليون ٿنڀ ۽ اڪثر ٿنڀَ تيليون ئي ڏسڻ ۾ ايندا. اسان وٽ ذهني پستي ۽ علمي زوال جا سهڻا مثال ڏسڻا هجن ته تاريخ جا ڪتاب اٿلائڻ ئي ڪافي ٿيندو. ان صورت ۾ اها توقع ڪيئن ڪجي ته، اسين فقط ۽ فقط ڪنهن به ادبي تاريخ وسيلي پنهنجي سماج جي ذهني سفر جي ڪٿا ۽ ان جي تخليقي حاصلات کي مڪمل طور سمجھڻ جي اهل بڻجي سگهنداسين؟ ٻئي طرف اهوبه سچ ئي آهي ته، اسان وٽ گهڻو ڪري ته ادبي تاريخون به، تاريخون پڙهي لکيون ويون آهن. جڏهن ته ادب جي تاريخ ۾ تيستائين انصاف ممڪن ئي نه آهي، جيستائين خود تخليقن مان سڌيءَ ريت استفادو نٿو حاصل ڪيو وڃي. گذريل ڪجھه سالن دوران جهڙيءَ ريت ادبي تاريخن جي نالي ۾ انتهائي غير معياري، غير علمي، ناڪاره، ناقص ۽ بازاري ڪتاب سامهون آيا آهن، تن ماڻهن جو تاريخ جي ڪتابن تان ويساهه ئي کڻائي ڇڏيو آهي. انهن ڪتابن ۾ نه فقط انگن اکرن ۽ معلومات جون بي تحاشا غلطيون آهن، پر غلط ڪاريون به ٿيل آهن ۽ انهن جا ليکڪ ڪاروباري پبلشرن جي گهرج ۽ خواهش مطابق سالوڊ پيپرن ۽ گائيڊن نما تاريخ جا ڪتاب لکي، پوري 'خلوص' ۽ 'نيڪ نيتيءَ' سان ادبي تاريخ مٿان منڌيئڙن تي منڌيئڙا لڳائڻ ۾ رڌل آهن. اهڙين تاريخن ۾ ڪئين نهايت معمولي ۽ ٽئين درجي جي ليکڪن جو ذڪر ته “عظيم ليکڪ” طور ٿيل ملندو، پر صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي وقت ۽ دور جي روح ۽ ڌڙڪنن کي پنهنجيءَ تخليق ۾ سمائيندڙ سچن فنڪارن کي يا ته “وغيره وغيره” جي کوهه ۾ اڇليو ويو آهي يا وري کين بلڪل غير اهم ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ادبي تاريخ جنهن ذميداري، سنجيدگي، ايمانداري ۽ علمي گهرائيءَ جي گهرجائو آهي، اهڙيون بازاري ادبي تاريخون ان کان بلڪل وانجهيل ملنديون. ان ڪري اڪبر ڏاڍو سٺو ڪيو آهي، جو هن پنهنجي ڪتاب کي ادب جي تاريخ بجاءِ “سنڌي ادب جو مختصر جائزو” سڏيو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ جائزو ڪئين ادبي تاريخن کان گهڻو معياري ۽ ڀرپور آهي ۽ اهو پڙهندڙ جون کوڙ اُڃون اجهائي ٿو ته ڪي منجهس ڀڙڪائي به ٿو، جيئن اهو وڌيڪ علم ۽ فهم لاءِ ٻين ڪتابن ۽ هن جائزي جي اصل ماخذن جو به رخ ڪري. هن جائزي جي سڀ کان اهم خوبي ان ۾ موجود تنقيدي نڪتهءِ نظر ۽ ليکڪ جو ڪنهن به قسم جي تنگ نظريءَ کان آجو هجڻ آهي. جڏهن ته هر باب جي آخر ۾ هر هڪ دور يا صنف جي خاص خاص ڳالهين کي جنهن مختصر ۽ بيحد جامع نموني نڪتن جي صورت ۾ نمايان ڪيو ويو آهي، تنهن هن ادبي جائزي کي ڪنهن به ادبي تاريخ کان مختلف ئي نه، معتبر بڻائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ اڪبر مختلف بابن ۾ ڪتاب جي مواد کي وس آهر اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ موجوده زماني تائين اڀري آيل اهم شاعرن ۽ افسانه نگارن کي به هن ۾ شامل ڪيو اٿس، پر پنهنجيءَ نوڪريءَ جي مصروفيتن سبب هو ان کي گهڻو ڌيان ۽ وقت نه ڏئي سگهيو آهي. جيڪڏهن هو هرهڪ ادبي دور ۽ صنف جي تاريخي پسمنظر ڏيڻ سميت نثر جي صنفن جهڙوڪ تنقيد، آتم ڪٿا/يادگيريون، سوانح عمريون، خاڪا، سفرناما، ادبي خط وغيره ۽ نظم جي ڪجھه وڌيڪ صنفن جهڙوڪ نظم (مختلف گهاڙيٽا)، گيت، هائڪو وغيره کي به هن ڪتاب ۾ شامل ڪري ها ته يقينن ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ها – پر هن مهل به هيءُ ڪتاب ڪنهن به صورت ۾ گهٽ اهم نه آهي ۽ جنهن مقصد تحت لکيو ويو هو، اهو مقصد هيءُ بخوبي پورو ڪري ٿو. خاص طور سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن ۾ ويهندڙ شاگردن لاءِ ته هيءُ ادبي جائزو سدائين هڪ مددگار ۽ بهترين دوست هجڻ جوحق ادا ڪندو رهندو.
اسان وٽ ادب جون لکيل اڪثر تاريخون نج ادب جون ئي تاريخون آهن ۽ انهن کي پڙهڻ سان ايئن محسوس ٿيندو ته ادب هڪ اهڙو ٻوٽو آهي، جيڪو ڄڻ ته خلا ۾ ڦٽي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ ئي وڌندو ويجهندو رهي ٿو. جڏهن ته ادب پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، معاشي، تهذيبي ۽ فڪري حالتن ۽ عنصرن منجهان ئي تحريڪ ۽ قوت ماڻي ٿو. هو سموري حرارت ۽ زندگي سماج منجهان ئي حاصل ڪري ٿو. ان ڪري ادب کي فقط ادب جي طور تي کڻڻ ۽ ان جي تاريخ کي ٻين سماجي ۽ معروضي معاملن کان الڳ ڪري ڏسڻ زيادتيءَ برابر آهي. ان ڪري سنڌي ادب جي ارتقا جي هڪ تاريخ يا جائزو اهڙو به لکجڻ کپي، جنهن لاءِ هرهڪ دور جي ذهني، شعوري، سياسي، اقتصادي ۽ فڪري ارتقا کي آڏو رکيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ادب پنهنجي دور جي شعور ۽ جذبي جو تخليقي اظهار آهي ۽ جذبو ۽ شعور ڪنهن مخصوص زمان، مڪان، سماجي سرشتي ۽ ڪلچر ۾ ئي اسرن نسرن ٿا. ادب تي سياسي ۽ فڪري تحريڪن کان سواءِ مذهبي، سائنسي، تهذيبي ۽ تاريخي عنصرن سميت جديد دور ۾ خود ميڊيا جي اثرانداز ٿيڻ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، جو اهي ادب جي ظاهري ساخت، اندروني جوڙجڪ توڙي تخليقي جوهر جي تعين ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻئي طرف اسان وٽ سنڌ توڙي هند ۾ اڄ تائين هڪ به اهڙي ادبي تاريخ نه لکي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ٻنهي ملڪن ۾ لکجندڙ سنڌي ادب جي ارتقا تي گڏيل نموني روشني وڌي وئي هجي. سنڌ ۾ لکجندڙ ادبي تاريخون فقط سنڌ جي ادب کي ئي سڀ ڪجھه ڪري ليکين ٿيون ۽ هند ۾ لکيل ادبي تاريخن کي فقط هند ۾ لکيل ادب ئي “سنڌي ادب” نظر آيو آهي. ان ڪري اسان پنهنجي ئي ادب جي مجموعي ارتقا ۽ صحيح چهري ڏسڻ کان محروم رهندا اچون ٿا. جيتوڻيڪ اڪبر هن جائزي ۾ ڪجھه هنڌن تي اهڙي سرسري ڪوشش ڪئي آهي، ته ادب کي پنهنجي دور ۽ سماجي حالتن جي پسمنظر ۾ ڏسجي، پر هو ان تي ڪو خاص ڌيان ان ڪري به نه ڏئي سگهيو آهي، جو هن جائزي لکڻ مهل هن فقط پڙهندڙن جي مخصوص حلقي، جيڪو مقابلي وارن امتحانن ۾ دلچسپي رکي ٿو، تنهن کي ئي ذهن ۾ رکيو آهي. البته هند جي سنڌي ادب کي هن به ايئن ئي نظر انداز ڪيو آهي، جيئن باقي مورخن ڪيو آهي.
اڪبر هڪ ادبي مورخ جي معيارن کي ان ڪري به بهتر نموني پورو ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته لکڻ مهل هو گھڻيءَ حد تائين علمي ۽ معروضي انداز اختيار ڪندي ڏسجي ٿو – ٻيو ته هو فلسفي ۽ تنقيد جو شاگرد آهي ۽ اهي ٻئي شعبا ادب کي سمجهڻ، ان جي کول اکيل ۽ تخليق جو پيرو کڻڻ ۾ جيتري مدد ڏئي سگهن ٿا، ايتري شايد ئي ڪي ٻيا شعبا ڏئي سگهن. تنهن ڪري ئي ڪجھه هنڌن تي هن جي گهڻ طرفي نگاهه کي چٽيءَ ريت محسوس ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ادب بابت ههڙي مختصر پر بيحد اهم ادبي جائزي لکڻ ۾، ان ڳالهه به اڪبر جي گھڻي مدد ڪئي آهي ته، هو ڪو روايتي افسانوي اديب يا شاعر نه آهي. ان ڪري ئي سندس تحرير عام ادبي تحريرن وانگر اجائي تخيل پسنديءَ يا مبالغي کان به محفوظ آهي ته بي جا جذباتيت کان به بچيل نظر اچي ٿي، جيڪي ٻيئي ڳالهيون تحقيق ۽ تنقيد ۾ منصفيءَ آڏو وڏيون رنڊڪون آهن. اڪبر ڪنهن روايتي ادبي ازم يا نظرياتي وابستگيءَ ۾ به ڪو گھڻو يقين نٿو رکي، جيتوڻيڪ هو هر عقلي ۽ منطقي ڳالهه کي پسند ڪري ٿو ۽ ان جي صحيح هجڻ لاءِ دليل به پيش ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه هن کي فلسفي جي شاگرديءَ سيکاري آهي. خود هن جو ڪتاب “فلسفي جي مختصر تاريخ” پڻ ادب ۽ ان ۾ موجود مختلف فڪري ۽ تخليقي تحريڪن کي سمجهڻ جي ڏس ۾ ڪافي ڪم اچڻ جهڙو آهي. ان ڪتاب ۾ هن ڪئين جديد ۾ قديم فلسفين بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ تخليق جي محرڪن ۽ دنيا جهان جي ادب تي اثر انداز ٿيندڙ تنقيدي نظرين جي پڻ ڪافي ڪمائتي معلومات ڏني آهي.
اڪبر هيءُ ادبي جائزو ان دور ۾ لکيو هو، جڏهن اڃا خود هن جو اڀياس ايترو گهڻ طرفو ۽ گهرو نه ٿيو هو. گھڻي قدر ته هي اهي نوٽس آهن، جيڪي هن پاڻ ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا هئا ۽ پوءِ انهن کي مرتب ڪري، ڪتاب جي شڪل ڏني هئائين. جيڪڏهن هو وقت ڪڍي، هرهڪ ڇاپي تي نئين سر نگاهھ وجهي ۽ ڪتاب ۾ موجود ڪجھه ڪچاين ۽ غلطين کي دور ڪري، ادب جي ڪجھه رهجي ويل پاسن ۽ اهم ليکڪن جي ڪم تي به نگاهه وجهي ۽ ان کي اپ ڊيٽ به ڪندو رهي ته، هن ڪتاب جي اهميت ته وڌندي ئي وڌندي، پر پڙهندڙن جي پڻ تمام گھڻي مدد ٿي پوندي ۽ اهي بازاري ڪتابن ڏانهن واجهائڻ کان بچي پوندا.


اسحاق سميجو
سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو
12.01.10