لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

سنڌي افساني جي تاريخ

سنڌي زبان ۾ ادب جون جديد صنفون (ناول، ڊراما ۽ مضمون) انگريزن جي وقت ۾ ئي داخل ٿيون. اهڙيءَ طرح سان افسانو به تقريباً اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ شروع ٿيو، پر ان وقت جي افسانن کي سنڌي افسانن جو اوائلي دؤر ئي چئي سگھجي ٿو.

افساني جو پهريون دؤر (1851ع کان 1925ع)
1851ع ۾ سورٺ راءِ ڏياج، شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، وغيره جي نالي سان ڪهاڻيون لکيون ويون، انهن ڪهاڻين کي اسان باقاعده افسانو نٿا چئي سگهون، ڇو ته اهي افساني جي فني سٽاءُ کان ڪافي وانجهيل هيون.
1915ع ڌاري هندستان ۾ سماج سُڌارڪ تحريڪون شروع ٿيون، جن جو سنئون سڌو اثر سنڌي ادب تي پيو. ديوان ڪوڙو مل پهريون اديب هو، جنهن اهڙي قسم جا افسانا لکڻ شروع ڪيا ۽ ٻين ٻولين تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايا. هن ئي دؤر ۾ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جا رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن پرافسانه به ڇپبا هئا.
هن دؤر جي افسانن ۾ نمايان موضوع هي هئا
عورت جي بيوسي، ننڍپڻ جي شادي، گڏيل ڪٽنب، دقيانوسي ريتون رسمون وغيره.
سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي ظلم تان پردو کڻڻ لاءِ “ڄيٺمل پرسرام 1923ع ۾ “چمڙا پوش جون آکاڻيون” جي نالي سان افسانه لکڻ شروع ڪيا.
هن دؤر ۾ “علمي دنيا” نالي هڪ رسالو نڪرندو هو، جنهن ۾ عبدالله “عبد” ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ڪيترائي افسانه لکيا.

افساني جون ٻيون دؤر (1925ع کان 1940ع)
هن دؤر کي ترجمي جو دؤر به چئي سگهجي ٿو. هن دؤر ۾ هندي، اردو، بنگالي، گجراتي ۽ مرهٽي زبانن تان افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا. انهن سڀني افسانن ۾ آزاديءَ جي جدوجهد جو عڪس نمايان هوندو هو.
اهي افسانه گهڻو ڪري سندر ساهتيه، مسلم ادبي سوسائٽي، رتن ساهتيه منڊل وغيره ۾ ڇپبا هئا. مشهور ترجمو ڪندڙ هي هئا:
گوبند مالهي، هيرانند عيدناڻي، دوست علي، دلدار علي موسوي، مرزا نادر بيگ، جن برصغير جي اديبن جا افسانه سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا، اهي هي آهن:
ٽئگور، ڪرشن چندر، ابراهيم جليس، احمد نديم قاسمي وغيره. ان کان علاوه روس ۽ يورپ جي جن مشهور اديبن جا افسانه سنڌيءَ ۾ شايع ٿيا، انھن جا ڪجھه نالا هي آهن:
چيخوف، گورڪي، ٽالسٽاءِ موپا سان. . . . وغيره.
1932ع ۾ رسالو ماهوار “سنڌو” جيڪو شڪارپور ضلع جي “ميان جو ڳوٺ” مان شايع ٿيو. جنهن سنڌي افساني ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ۾ ترجمي جي بجاءِ اصلوڪن افسانن کي ڪافي فروغ مليو.
هن دؤر ۾ مرزا نادر بيگ طنز و مزاح جي رنگ ۾ معاشري جي اوڻاين کي چٽو ڪيو. لطف الله بدويءَ وري “غربت“ کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻايو. هن دؤر جو مشهور افسانه نگار امر لعل هنڱوراڻي هو، جنهن جو افسانو “ادو عبدالرحمان” ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي. مرحوم عثمان علي انصاري به هن دؤر جو مشهور افسانه نگار هو.

افساني جو ٽيون دؤر (1940ع کان 1947ع)
سنڌي افساني جو هي هنگامي دؤر هو. انگريز راڄ جي پڄاڻي هئي. آزاديءَ جون تحريڪون چوٽ چڙهيل هيون، جن جو اثر افسانن تي تمام گهڻو پيو. هن دؤر جا 90 سيڪڙو افسانه باغيانه خيالات ۽ آزاديءَ جي جذبن سان ڀرپور نظر اچن ٿا. هن دؤر جي افسانن جا موضوع هيٺيان هئا:
ڌارين جي حڪومت خلاف بغاوت، هندو مسلم ايڪتا، شاهوڪارن جا ڏاڍ، غُربت، بدحالي ۽ ڦرلٽ وغيره:
جيئن ته هي دؤر سياسي ڪشمڪش جو د‍ؤر هو، تنهن ڪري افساني جي فني سٽاءَ تي بلڪل توجهه نه ڏنو ويو، پر سڄو زور جذبات، جوش و خروش، تبليغ ۽ پروپيگنڊه وغيره تي هو. ان وقت ۾ واقعي اهڙن افسانن جي ضرورت به هئي، جيڪي جلد کان جلد قوم جي ستل جذبن کي جاڳائي سگهن.
پر هن دؤر ۾ ڪن افسانا نگارن فني لحاظ کان به ڏاڍو سٺو لکيو، انهن جا نالا هي آهن:
گوبند مالهي، گوبند پنجابي، سڳن آهوجا، ڪشن کٽواڻي، آسن اُتم چنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز وغيره.

افساني جو نئون دؤر
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي افساني لاءِ بحران جو دؤر هو، ڇو ته پبلشر ۽ ليکڪ گهڻو ڪري هندو هئا، جيڪي هندستان لڏي ويا. انهن کان پوءِ افساني جي ترقي ڪافي حد تائين رُڪجي وئي. جيتوڻيڪ 1950ع ۾ ادبي ڪوششون به ٿيون ۽ رسالا به نڪتا، جن ۾ افسانه ڇپبا هئا، پر هنن رسالن ۾ سيکڙاٽ اديب لکندا هئا، جيڪي افساني جي فني باريڪين کان ڪافي ناواقف هئا.
سنڌي افساني جي زوال کي ڏسندي “سنڌي ادبي سنگت “ ڪراچيءَ طرفان ادبي ڪلاس منعقد ٿيا. جن ۾ افسانه پڙهيا ويندا هئا ۽ انهن تي تنقيد ڪئي ويندي هئي.
1950ع کان 1960ع: هن عرصي ۾ سنڌي افساني ڪافي ترقي ڪئي. هن دؤر جا مشهور افساني نگار هي هئا:
جمال ابڙو، غلام رباني، اياز قادري، جمال رند، سراج ميمڻ، حفيظ شيخ، ابنِ حيات، ع – ق شيخ، ثميره زرين، مراد علي مرزا، جمال رند، بيگم زينت چنا، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، بشير مورياڻي وغيره.
(1960ع کان 1990 تائين) 1960ع کان پوءِ سنڌي افسانو پنهنجي انتهائي خوشگوار دؤر ۾ داخل ٿي ويو. هن دؤر ۾ جن قلمڪارن پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريا، انهن مان چند هي آهن:
آغا سليم، نسيم کرل، غلام نبي مغل، علي بابا، امر جليل، طارق اشرف، رشيده حجاب، عبدالقادر جوڻيجو، حميد سنڌي، سراج وغيره.

هن دؤر ۾ هيٺيان مشهور “افسانن جا مجموعا “شايع ٿيا:
1. پشو پاشا: جمال ابڙو
2. آبِ حيات: غلام رباني
3. بلو دادا: اياز قادري
4. سونهن، پٿر ۽ پيار: طارق اشرف
5. نئون شهر: غلام نبي مُغل
6. عبرت ڪده (ٻه ڀاڱا): ابراهيم خليل
7. گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ: رشيد ڀٽي
8. اي درد هلي آءُ: سراج
9. شبنم، شبنم ڪنول ڪنول: نسيم کرل
10. اداس واديون: حميد سنڌي
1950ع کان پوءِ ٽه ماهي 'مهراڻ' ۽ 'نئين زندگي'، افساني جي ميدان ۾ تمام گھڻي خدمت سرانجام ڏني.
هن دؤر ۾ عالمي شهرت يافته اديبن جي افسانن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، جن جا ڪيترا مجموعا به ڇپيا، جن مان چند هي آهن:
1. آمريڪي ڪهاڻيون: سنڌي ادبي بورڊ
2. ديس ديس جون ڪهاڻيون: سراج، رباني
3. سپون (خليل جبران): فضل احمد بچاڻي
4. دنيا جا عظيم افسانا: سنڌي ادبي بورڊ
هن دؤر ۾ سنڌي افساني ترقيءَ جون ڪافي منزلون طئي ڪيون آهن. هن دؤر ۾ ڪافي نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ ڪيئي نوان رجحان سامهون آيا آهن.
هن دؤر ۾”حقيقت پسنديءَ” جو رجحان گهڻو نمايان رهيو. حقيقت پسندي هڪ وسيع لفظ آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي فڪري ڌارائون آهن. اسان جي ڪهاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاري سان گڏ مقاميت جو رنگ به ڪافي نمايان آهي.
مهتاب محبوب، غلام نبي مغل، نسيم کرل مرحوم وغيره ڪافي ڪهاڻيون مقامي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيون آهن. ان کان علاوه امر جليل جو هڪ پنهنجو اسلوب آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري قوميت جو رنگ جهلڪندو نظر اچي ٿو.
اسان جي افساني يا ڪهاڻيءَ ۾ “شعور” جو به ڪافي دخل آهي. اڳي ڪهاڻيون گهڻو ڪري خارجي پهلوئن کان متاثر ٿي لکيون وينديون هيون، پر هن دؤر ۾ “داخلي” ڪيفيت تي به ڪافي زور ڏنو ويو. انهن ڪهاڻيڪارن ۾ آغا سليم جو نالو نمايان آهي. هن افساني ڪردارن جي محسوسات کي تمام سهڻي انداز سان بيان ڪيو آهي.
افسانه نگاري جي فن ۾ اسان جي افسانه نگارن “نفسياتي حقيقت نگاري” کي به نه وساريو آهي. مهتاب محبوب، نور الهديٰ شاهه ۽ آغا سليم جي ڪردارن ۾ نفسياتي پهلو ڪافي چٽا آهن. نورالهديٰ شاهه خاص ڪري بيوس ۽ لاچار عورت جي نفسيات تي تمام گهڻو لکي، داد حاصل ڪري چڪي آهي.

1990ع کان پوءِ سنڌي افسانو
1990ع ڌاري جڏهن سوويت يونين ٽٽو تڏهن سنڌي افساني کي هڪ وڏو ڌچڪو لڳو. جيڪي وڏا اديب 1960ع کان وٺي لکندا رهيا هئا انهن مان ڪن افسانو لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻين لکڻ گهٽائي ڇڏيو. پراڻن لکندڙن مان حميد سنڌي ثابت قدم رهيو، سندس چار مجموعا 1990ع کان پوءِ ڇپجي چڪا آهن. سندس افسانو “مرين ته آرهڙ ۾ مرجان“ هڪ شاهڪار افسانو آهي. ان کان علاوه رسول ميمڻ، عبيد راشدي، پرويز ۽ غلام نبي مغل پڻ هن دور ۾ به لکندا رهيا آهن.
وڏن لکندڙن جي خاموشيءَ جي ڪري هڪ خال پيدا ٿيو، جنهن کي ڀرڻ لاءِ ڪيترائي اڳتي وڌيا ۽ کوڙ سارا افسانا لکجي ويا. 1990ع کان 2009ع تائين تقريبن 90 کن افسانن جا مجموعا ڇپجي چڪا آهن. سال 2000ع ۾ ڪاوش گروپ طرفان وڏن افسانه نگارن کان افسانا لکرائي “ڪهاڻي” جي نالي سان مجموعو ڇپايو ويو، جيڪو سيد زوار نقوي مرتب ڪيو.
هن دور جي ڪجھه اهم افسانا نگارن جا نالا هي آهن: حميد سنڌي، اخلاق انصاري، طارق قريشي، رفيق سومرو، طارق عالم ابڙو، محمد صديق مڱيو، زيب سنڌي، ممتاز بخاري، فاروق سولنگي، رزاق سهتو، اختر رند، منظور جوکيو، منور سراج، رسول بخش درس، عزيز ڪنگراڻي، پرويز، پير عبيد راشدي، نسيم پارس گاد، ماڪن شاهه رضوي، سليم چنا، منظور ڪوهيار وغيره.
عورت افسانا نگارن پڻ هن دور ۾ ڪافي افسانا لکيا، جن مان ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر تهمينا مفتي ۽ ريٽا شهاڻي اهم آهن.
هندستان ۾ پڻ ڪيترن ئي اديبن هن کيتر ۾ پاڻ ملهايو، جن ۾ ٺاڪر چاولا، ڄيٺو لالواڻي، رتنا گوديا رولاڪ، گوبند خوشهالاڻي، لڇمڻ ڀنڀاڻي ۽ ريٽا شهاڻي کي خصوصي اهميت حاصل آهي.
هن دور ۾ محمد صديق مڱيي، افسانا نگاري ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سندس ٻولي عوامي ۽ ٻاجھاري، سندس ڪردار ڳوٺن، گهٽين، بس اسٽاپن ۽ بازارن مان کنيل آهن، جيڪي هر وقت انهن گناهن جي سزا ڀوڳي رهيا آهن جيڪي انهن ڪيا ئي نه آهن. سندس افسانن کي حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري جو تسلسل چئي سگهجي ٿو.
1990ع کان پوءِ اسان جي ادب ۾ جديديت جي تحريڪ کان متاثر ٿي ڪافي افسانا لکيا ويا آهن، جن ۾ رسول ميمڻ، اخلاق انصاري، منور سراج ۽ نسيم پارس گاد بيحد اهم آهن. هنن پنهنجن افسانن ۾ انسان جي ويڳاڻپ ۽ داخلي پيڙا کي موضوع بنايو آهي ۽ علامتن، عڪسن، تخيل ۽ ڪنهن حد تائين پيچيده ٻوليءَ جي ذريعي ڪردارن جي نفسياتي عڪاسي ڪئي آهي.
هي دور اڃا جاري آهي ۽ هر سال افسانن جا نوان مجموعا ڇپجي رهيا آهن. اميد ته سنڌي افسانو اڃا گھڻي ترقي ڪندو.