لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

خليفو کل محمد گل هالائي

سنڌي غزل ۾ خليفي گل جي حيثيت هڪ بانيڪار شاعر واري آهي. سندس جنم 1808ع ۾ ٿيو، جڏهن ته هن 1855ع ۾ وفات ڪئي. هو عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ سندس خاندان پڻ وڏو علم جو صاحب هو. جيتوڻيڪ گل کان اڳ ئي غزل جي شروعات ٿي چڪي هئي، پر خليفي گل ئي ان جا صحيح معنيٰ ۾ خدوخال واضح ڪيا ۽ ان کي هڪ وڌيڪ معياري ۽ بهتر رنگ روپ ڏنو. بقول شيخ عبدالرزاق راز جي ته “غزل ۾ هن خالص سنڌي قدرن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ غزل ۾ فارسيت جي بدران سنڌيت کي ڪم آندو آهي. سنڌي ماحول، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي مزاج کي غزل ۾ سموهڻ جي هڪ وڏي ڪوشش ڪئي آهي. اجنبيت ۽ غيريت مٽائڻ جو سعيو ڪيو آهي. حيثيت جي اعتبار کان ته غزل فارسي هيئت جي مطابق آهي، پر فڪري ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سندس غزل سنڌيت جي بلڪل قريب آهن.” گل هڪ لحاظ کان غزل جي روايتي گهاڙيٽي کي تھ نھ ڇيڙيو، پر ان جي ٻوليءَ کي ضرور مَٽايو ۽ ان ۾ سنڌي رنگ پيدا ڪرڻ جي ڀرپور شعوري ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ هو ان جي شروعات ڪندڙ هو، تنهن ڪري هو سنڌي غزل کي مڪمل سنڌي بڻائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ ڪٿي ڪٿي هن پاڻ به فارسي ترڪيبون ۽ تشبيهون ڪم آنديون آهن.
ڏسڻ سان تنهنجي اي باغِ حسن مون کي سِرئا ٽي گل
تنهنجو مک گل، زلف سنبل، منهنجي دل جيئن گلِ لاله.
تنهنجي ڏٺي بُت بحر ٿيو، منجھه شوق شادي شهر ٿيو،
ٿيا ذوق حاصل جانِ من، دلڙي کلي ٿي باغ باغ.
گل جي غزل جو هڪ اهم ۽ سڀ کان اهم پاسو اهو ئي آهي، ته هن غزل جي روايتي اصطلاحن، ترڪيبن ۽ مزاج کي تبديل ڪيو. ان کان علاوه هن غزل جي اهم خوبي تغزل کي به قائم رکيو، جنهن سان غزل جي نفاست ۽ ترنم جو حسن به برقرار رهيو. غزل کي سنڌي مزاج مطابق بڻائڻ واري گل جي پهرين وک کي منزل تائين وٺي وڃڻ جو ڪم اياز ڪيو ۽ هن غزل جي مزاج کي بلڪل ۽ قطعي بدلائي ڇڏيو.
گل سنڌيءَ جو پهريون صاحبِ ديوان شاعر هجڻ ڪري به سنڌي غزل جي روايت ۾ نهايت اهم آهي. هن فارسي ۽ عربيءَ بجاءِ خود سنڌي الف _ ب جي اکرن تي رديف قائم ڪيا ۽ انهن مطابق ديوان تيار ڪرڻ جو ڪارنامو ڪيو. جيتوڻيڪ هن اصلاحي ۽ اخلاقي موضوعن کي به غزل جو حصو بڻايو آهي، پر هن غزل جي ڪلاسيڪل موضوعن عشق ۽ تصوف کي ئي مرڪزي حيثيت ڏني.