انگريزن جو دؤر: (1843ع - 1947ع)
انگريزن 1843ع ۾ ٽالپرن کي مياڻي جي ميدان تي شڪست ڏني ۽ سڄي سنڌ سندن قبضي ۾ اچي وئي. انگريزن جي پاليسي هئي ته عوام سان سڌي رابطي ۾ اچجي. سندن ان پاليسي جي ڪري سنڌي علم ۽ ادب کي به وڌڻ ويجهڻ جا ڪافي موقعا مليا. هن دؤر کي اسان هيٺين حصن ۾ ورهائي، مختصر جائزو وٺون ٿا:
1. صورتخطيءَ جو ٺهڻ
2. سنڌي نثر
3. سنڌي نظم
1. صورتخطيءَ جو ٺھڻ
انگريزن فارسي زبان جي جاءِ تي سنڌيءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو. 1851ع ۽ سَر بارٽل فريئر جيڪو ان وقت سنڌ جو ڪمشنر هو، اهو حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسر لازمي طور سنڌي پڙهن. ان ڪري سنڌي صورتخطيءَ جي تمام گھڻي ضرورت محسوس ڪئي وئي.
سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. جنهن عربي الف _ ب ۾ ٽٻڪن جو اضافو ڪيو ۽ هيٺيان خالص سنڌي اکر ٺهيا:
ٻ، ڀ، ٽ، ٿ، ف، ڳ، ک، ڌ، ڏ، چ، ڃ، ڇ، ڙ، جهه، گهه.
سنڌي الف _ ب لاءِ عربي خطِ نسخ رائج ڪيو ويو. سنڌي صورتخطي ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ادب تمام گھڻي ترقي ڪئي، پر سڀ کان وڌيڪ ترقي سنڌي نثر ڪئي.
2. سنڌي نثر
سنڌي ٻوليءَ ۽ نثر جي شروعات بابت ڪجھه اختلاف آهن، ڪي چون ٿا ته راجا ڏاهر جي لکيل خطن کي سنڌي نثر مڃڻ گهرجي. ٻيا چون ٿا ته شاھ ڪريم ۽ مخدوم نوح جي ملفوظات ۾ آيل فقرن کي سنڌيءَ جو ابتداثي نثر مڃڻ گهرجي. محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي مطابق سنڌي نثر جي شروعات آخوند عزيز الله، قرآن مجيد جو ترجمو ڪري ڪئي. بهرحال سنڌي نثري ادب جي باقائده شروعات انگريزن جي دؤر ۾ صورتخطيءَ ٺهڻ کان پوءِ ٿي. نثر کي موضوع جي لحاظ کان ورهائي. مختصر جائزو وٺون ٿا:
افسانو يا ڪهاڻي
ناول
ڊرامو
متفرقه نثر نويسي
افسانو يا مختصر ڪھاڻي
افسانو نثر جي اها صنف آهي، جيڪا هڪ ئي نشست ۾ ختم ڪري سگھجي.
اهو هڪ ادبي بحث آهي ته سنڌي افسانو سنڌي قصن جي ارتقائي شڪل آهي يا ٻين ٻولين تان ترجمي کانپوءِ ان جي اؤسر ٿي. بهرحال سنڌي افساني يا مختصر ڪهاڻيءَ جي ترقي تڏهن ممڪن ٿي سگهي، جڏهن سنڌي الف _ ب جڙي راس ٿي. 1915ع کان 1940ع جي دوران تمام گهڻا افسانا ترجمو ڪيا ويا. اهي افسانا گهڻو ڪري مقامي ٻولين يعني اردو، هندي ۽ گجراتي وغيره تان ترجمو ٿيل هئا. هن دور ۾ گوبند مالهي، هيرانند عيدناڻي وغيره وارن ترجمي جو صحيح حق ادا ڪيو. ان کان علاوه چيخوف، گورڪيءَ ۽ ٽالسٽاءِ وغيره جهڙن بين الاقوامي اديبن جا افسانا به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. 1940ع کان 1947ع جي دوران آزاديءَ جي موضوع تي افسانا لکيا ويا، جيڪي باغيانه خيالن سان ڀرپور هئا.
ناول
ناول انگريزي زبان جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي “ڪا نئين شيءِ” ناول ۾ هڪ کان وڌيڪ رخن تي لکيل هوندو آهي، جيڪي سماج جي اڪيچار مسئلن ۽ انساني جذبن ۽ خيالن جو عڪس هوندا آهن. سنڌي ناول جي شروعات 1870ع ۾ ترجمي سان ٿي. ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي انگريزي ناول “راسيلاس” جو ترجمو ڪيو. اصلوڪو ناول مرزا قليچ بيگ 1888ع ۾ ”دلارام” جي نالي سان لکي هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏني.
1923ع ۽ 1947ع جي وچ وارو دؤر سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو، جنهن جو اثر ناول تي به پيو. هن دؤر ۾ صاحب سنگهه شاهاڻي جو “بلو کوکر” ۽ عبدالرزاق ميمڻ جو “جهان آرا” ڪافي مشهور ٿيا. ان کان علاوه محمد عثمان ڏيپلائي، سنڌي ادب ۾ گھڻي کان گهڻا ناول به هن ئي دؤر ۾ لکيا. سندن ناولن جو موضوع گهڻو ڪري سماجي ۽ سياسي انقلاب هو. ان کانسواءِ ترجما به ڪافي تعداد ۾ ڪيا ويا.
ڊرامو
“ڊرامي جو مقصد قومي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي.“
سنڌي ڊرامي جي شروعات جناب مرزا قليچ بيگ ڪئي. پاڻ 1880ع ۾ “ليليٰ مجنون” ڊرامون لکيائون. ان کانپوءِ ديوان ڪوڙيمل، ڄيٺا نند، لوڪ سنگھه وارن ڪافي ڊراما لکيا. شروعاتي ڊرامي جو مرڪزي خيال تقدير پرستيءَ تي ٻڌل هو، پر پوءِ اڳتي هلي ڊرامي ۾ حقيقت پسندي ۽ انساني جدوجهد کي به اهميت ڏني وئي. 1984ع ۾ پهريون سنڌي ڊرامو اسٽيج تي ڪراچي ۾ پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون کلي ويون، جن سنڌي ڊرامي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار سٺي نموني سان ادا ڪيو.
اصلوڪن ڊرامن سان گڏ، انگريزي ۽ مقامي ٻولين تان به ڪيترائي شاهڪار ڊراما ترجمو ڪيا ويا.
1922ع ۽ 1947ع جي وچ واري دؤر کي سماجي مسئلن جو دؤر به چئي سگهجي ٿو. خانچند درياڻي، منگهارام ملڪاڻي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد اسماعيل عرساڻي ڪيترائي شاهڪار ڊراما لکيا، جن کي سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اسٽيج تي آڻي داد وصول ڪيو ويو.
مضمون نويسي
مضمون نويسي جو فن يورپ ۾ سورهين صديءَ ۾ شروع ٿيو. اوائلي مضمون نويس يا مضمون نويسي جو بنياد رکڻ وارا “مان ٽيسين” ۽ “بيڪن”هئا.
مضمون ۾ ليکڪ ڪنهن نقطي تي سهڻي نموني سان لکندو آهي، جنهن ۾ سنجيدگي سان گڏ مزاح پڻ ٿي سگهي ٿو. انداز بيان دلڪش ۽ زبان ۾ رواني هجڻ لازمي آهي.
سنڌيءَ ۾ مضمون نويسي جي ابتدا 1860ع ۾ٿي. جڏهن سکر کان اخبار ”تعليم“ نڪتي. ان کانپوءِ ديوان ڪوڙيمل جو طويل مضمون “پڪوپهه” شايع ٿيو.
مرزا قليچ بيگ مرحوم 1877ع ۾ بيڪن جا مضمون ترجمو ڪيا ۽ “مقالات حڪمت“ جي نالي سان شايع ڪرايا. ان کانپوءِ ديوان ڏيارام هيرانند وغيره وارن تمام سٺا مضمون لکيا ۽ ترجمو ڪيا. مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر دائود پوٽو، منگهارام ملڪاڻي، رام پنجواڻي وغيره هن دؤر جا وڏا مضمون نويس ٿي گذريا آهن.
متفرقه نثر نويسي
سفر نامه
سفر نامن لکڻ جي ابتدا به مرزا قليچ بيگ، لال چند امر ڏني مل ۽ ڀيرو مل آڏواڻيءَ وارن ڪئي.
آتم ڪھاڻي
مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪهاڻي “سائو پن يا ڪارو پنو” لکي، جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي. ٻيون به ڪجھه آتم ڪهاڻيون لکيون ويون، پر اهي سڀ ورهاڱي کان پوءِ ڇپيون.
تنقيد ۽ تحقيق
هن دؤر ۾ تنقيد ۽ تحقيق تي ڪجھه ڪتاب لکيا ويا. تنقيد تي پهريون ڪتاب محمد فاضل شاهه “ميزان الشعر” جي نالي سان 1875ع ۾ لکيو. ان کان علاوه مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙيمل، ديا رام، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر گربخشاڻي وغيره وارا مشهور نقاد ۽ محقق ٿي گذريا.
3. سنڌي نظم
انگريزي دؤر جي شاعريءَ کي عالمن ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.
1. غير عروضي شاعري
2. عروضي شاعري
1. غير عروضي شاعري
هن دؤر ۾ غير عروضي شاعري ڪرڻ وارا گهڻو ڪري صوفي شاعر هئا. جن صوفيانه روايتن کي ئي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. انهن صوفي شاعرن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.
قادر بخش بيدل
قادر بخش هن دؤر جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. فارسي ديوان کان علاوه سنڌي شاعريءَ ۾ به ڪافي ذخيرو اٿس. سندس شاعري سچل سرمست جي زير اثر آهي. پاڻ تقريباً 20 ڪتاب لکيا اٿئون. جن مان ڪجھه نالا هيٺ ڏجن ٿا:
“ديوان منجاه الحقيقت“، “رموزالعارفين”، “وحدت نامه” “سرور نامه”، “ديوان بيدل.“
قادر بخش بيدل حق جي ڳولا ڪرڻ لاءِ ان ئي ديس جو ڏس ڏئي ٿو. جنهن جو ڏس هن کان اڳ ٻيا صوفي شاعر ڏئي چڪا آهن، يعني انسان جي پنهنجي اندر جي ڪائنات، يعني جنهن پنهنجو پاڻ پروڙيو، ان ڄڻ پنهنجو پرين پسيو. بيدل فرمائي ٿو:
“ڳولها ڪرين جنهن جي، سوئي تون سلطان،
پيهي پس تون پاڻ ۾، پنهنجي سونهن سڃاڻ،62
ناحق ٿيو نادان، ليئا وجهين لوڪ ۾.
عشق ۽ عقل ڪڏهن به هڪ جڳهه تي گڏ نه رهي سگهندا آهن. عشق جي تقاضا اها آهي ته محبت جي مچ ۾ اکيون پوري ٽپو ڏيڻو آهي. جيڪڏهن مهراڻ جي موج متل آهي ته ڪڏي ڪاهي پوڻو آهي، پر عقل انسان کي سنڀالي پير کڻڻ جي تلقين ٿو ڪري، پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ ٿو سيکاري، پر جڏهن عشق پنهنجا پر ٿو پکيڙي ته هوش ويچارو هوا ٿيو اڏاميو وڃي. بيدل فرمائي ٿو:
“عقل جو ويو اختيار، عشق انالحق جو دم ماريو.
عشق عقل جي لڳي لڙائي، عشق کٽي جنگ عقل هارائي،
هيڪل هڪ هسوارا، ڪيڏي ڪٽڪ کي بره ڀڄايو.“
قادر بخش بيدل ڪافيءَ جو به لاجواب شاعر هو. بيدل کي به ٻين بزرگن وانگر پهرين مجازي عشق جي چماٽ لڳي، جنهن هن کي حقيقت جي راهه ڏيکاري مجازي محبت ۽ انسان جيڪي ڪجھه ڀوڳي ٿو، ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ “ڪافي” بهترين ذريعو آهي. بره جي باهه جا اُلا ۽ درد جون دانهون ڪرڻ لاءِ “ڪافي” جو قالب نهايت موزون آهي. بيدل پنهنجي دل جي ڪيفيت پنهنجي ڪافيءَ ۾ هينئن ٿو بيان ڪري:
“ڪانگ لنوي مٺي لا ت
محب مسافر ڄاڻ ڪي ايندا.
جيڪس دانهون درد منهنجي جون،
پهتيون اتي پرڀات“
اٿم اميد هيئن نه ڇڏيندا،
درد فراقئون انهيءَ جي مونکي،
حالتون نيو هيهات،
وٽي وصال جي شال ونڊيندا.
“بيدل” بلڪل ٿيءُ نه ماندو،
سنجھه صبح ڪي رات
هو ته اچي تو سان هڪ ٿيندا.“
بيدل جو ڪلام فني توڙي فڪري لحاظ کان تمام گھڻين خوبين سان مالامال آهي. بيدل بيت ۽ ڪافيءَ کان علاوه قصيده ۽ مرثيه به چيا آهن.
محمد حسين بيڪس (1856ع – 1881ع)
هيء نوجوان شاعر قادر بخش جو فرزند هو، جيڪو صرف 25 سال زنده رهيو. سنڌي ۽ سرائڪيءَ کان علاوه هنديءَ ۾ به شاعري ڪيائين. “ڪافي” تمام سٺي انداز سان چئي اٿس. سندس شاعري جو موضوع “محبت“ آهي. محبت جيئن ته نالو ئي آهي سڙڻ ۽ سور سهڻ جو، تنھن ڪري بيڪس به سور پرايو، پر ڪنهن کان؟ بيڪس پاڻ ئي جواب ٿو ڏئي:
“سناسين مان سور، بيڪس پرايو بره جو،
جوش وڌائون جان ۾، وڃي ٿو وهلور،
ڪو جو پرايم پور، سناسين جي ساٿ مؤن”
مجاز جي مهميز، بيڪس کي بيقرار ڪري ڇڏيو، محبوب جي جدائي برداشت ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. بيڪس پرينءَ جي رُسي وڃڻ تي کانئس پڇي ٿو:
“ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا؟
ڪڏهن موٽي ملندين راڻا؟
ڪاڪ ڪوماڻي،، ويل وهاڻي،
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا،
ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا؟”
بيڪس جڏهن مجاز جو ڏاڪو ٽپي حقيقت جي دنيا ۾ قدم رکيا ته اهو ڪجھه چيائين جيڪو کانئس اڳيان به چئي ويا هئا، يعني مخلوق جي ذري ذري ۾ خالق جو جلوو آهي. فرمائي ٿو:
“بنائي ساز صورت جا، وري تون لڪ لڪائين ٿو،
آئين آدم رکي نالو، ڪيڏو تو ڪيو ڪشالو،
وڄائي درد دمامو، پنهنجا پيارا ڪهائين ٿو”
مصري شاھ (1825ع – 1908ع):
مصري شاهه شاهه عنايت رضوي جي خاندان مان هو. هي به حسن ۽ عشق جو شاعر هو. سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:
“وسري ويا ٻئي جڳ، جڏهن دل جان سان دلبر ڏٺم،
دلبر مهتاب مک محبوب، جو محراب منهن ڏٺم
شيخ قاضي پاڪدامن، اي مشائخ مولوي
“ڪر نصيحت کي ڦٽو، هر جاءِ حاضر حق ڏٺم”
ان کان علاوه هن دؤر جا هيٺيان غير عروضي شاعر ناميارا هئا:
نانڪ يوسف، رمضان ڪنڀر، محمود كٽياڻ، پير اشرف شاهه، عثمان سانگي ۽ سانوڻ خاصخيلي وغيره.
2. عروضي شاعري
سنڌيءَ ۾ عروضي شاعريءَ جي شروعات نور محمد خسته، مرزا تقي ۽ مخدوم عبدالرؤف ڀٽي وارن اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي. عروضي شاعريءَ تي ايراني ماحول جو تمام گهڻو اثر پيو. ايراني تشبيهون ۽ روايتون جيڪي سنڌي ماحول لاءِ بلڪل اوپريون هيون، پوءِ به انهن کي زبردستي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ڪيو ويو. چند عروضي شاعرن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.
آخوند گل محمد هالائي
آخوند صاحب اهو شاعر آهي، جنهن پهريون ديوان مڪمل ڪيو. سندس شاعريءَ جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو.
”پيالا مي سندا ڏي، پر ڪري، محبوب متوالا،
ته مستيءَ ۾ محبت جي، ڪڍون هن هوش کي حالا.“
“ڏسڻ سان تنهنجي اي باغ _ حسن مون کي سرهاٽي گل
تنهنجو مک گل، زنو سنبل، منهنجي دِل جيئن گُلِ لالا.“
آخوند صاحب جي شاعريءَ ۾ مئخاني ۽ گل و چمن جو ذڪر ايراني شاعريءَ تان ورتل آهي، ليڪن هي پهريون عروضي شاعر آهي، جنهن غزل ۾ سنڌي ماحول کي داخل ڪيو.
غلام محمد شاھ گدا
غلام محمد گدا جي شاعريءَ ۾ غزل، قصيدا، مثنويون ۽ قطعا اچي وڃن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ عشقيه رنگ غالب آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ ۾ هو بلڪل بي باڪ ٿي ٿو وڃي. چوي ٿو،
“اسان ڪيو عشق جو اظهار، پنهنجن ۾ پراون ۾،
اسان ڪيو عقل جو انڪار، پنهنجن ۾ پراون ۾.“
پنهنجي محبوب کي پنهنجي احساسات کان آگاه ڪندي التجا ڪري ٿو.
مٺا ڪر مون سان، مٺائي جون ڳالهيون،
رقيبن سان ڪر تون، ڪَڙائي جون ڳالهيون.“
مير عبدالحسين سانگي
هي ٽالپر گهراڻي جي آخري حڪمران مير نصير خان جو پوٽو هو. هي بنگال ۾ انگريز عورت منجهان پيدا ٿيو ۽ 1863ع ۾ وطن واپس آيو.
هن جا سنڌيءَ ۾ ٽي ديوان آهن، جيڪي غزل جي اعليٰ شاعريءَ سان ڀرپور آهن. غزل ۾ جيڪو مقام سانگي رکي ٿو، اهو هن دؤر جي سڀني شاعرن کان مٿانهون آهي. پنهنجي استاد “گدا” وانگر پنهنجي عشق جو حال اورڻ مهل هي صفا بي باڪ ٿيو وڃي. چوي ٿو:
“جنهن مون کي ٿي ڏٺو، چيو تنهن چريو چريو،
پنهنجي پرينءَ ڏي مون جي، ڏٺو ٿي وريو وريو”
“اداڙي آهيون اسين عاشق مزاج،
آهي سِرَ اسان جي تي، وارن جو تاج”
مرزا قليچ بيگ
مرزا قليچ بيگ بنيادي طور نثر نويس هو، پر عروضي شاعري به ڪئي اٿس، زماني جي بي ثباتيءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
“چڱائي ۽ انصاف جي ڪِٿِ به يار،
اڄوڪي زماني ۾ ڪانهي پڇار.
وڏا اڄ ننڍن جا ٿيا زيردست،
سخي سڀ بخيلن اڳيان ٿيا خوار،
ذليلن جي در تي رُلن ٿا شريف،
ٿا منجھه بند _ آزاد ڏسجن هزار.“
ان کان علاوه عروضي شاعريءَ ڪرڻ وارا تمام گھڻا شاعر هئا. جن مان هيٺيان ڪافي مشهور آهن.
مير حسن علي خان، آخوند محمد قاسم “هالائي“، حافظ حامد “ٽکڙائي”، محمد هاشم “مخلص”، حافظ محمد هارون “دلگير” وغيره.
هن دؤر جو ادبي جائزو
1. هِن دؤر جو وڏو ڪارنامو سنڌي صورتخطيءَ جو ٺهڻ آهي.
2. هن دؤر ۾ سنڌي نثري ادب جي باقائده شروعات ٿي.
3. سنڌي افسانو، ناول ۽ ڊرامو پهريون ته ٻين ٻولين تان ترجمو ڪيا ويا، پر طبعزاد پڻ سهڻي نموني ۾ لکيا ويا.
4. مضمون نويسي به سٺي ترقي ڪئي.
5. نثر جي ٻين صنفن جهڙوڪ سفرنامو، آتم ڪهاڻي، تنقيد ۽ تحقيق به سٺي ترقي ڪئي.
6. عروضي شاعريءَ تمام گھڻي انداز ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ گھڻو ڪري ايراني ماحول جي عڪاسي هئي، تنهنڪري اها شاعري صرف پڙهيل لکيل طبقي تائين محدود رهي، عوام جي دلين ۾ گهر ڪري نه سگهي.
7. غزل پنهنجي عروج کي پهتو، غزل جا ديوان وجود ۾ اچي ويا. آخوند گل محمد هالائي، غلام محمد گدا، مير عبدالحسين سانگي، مرزا قليچ بيگ وغيره وارا هن دؤر جا سٺا غزل گو شاعر هئا.
8. صوفيانه شاعري به سٺي انداز ۾ ٿي. بيدل، بيڪس ۽ مصري شاهه هن دؤر جا وڏا صوفي شاعر هئا.
9. بيت - ارتقائي منزلون طئه ڪري پنهنجي عروج تي پهتو.
10. عشقيه شاعريءَ جي اظهار لاءِ “ڪافي” کي بهترين ذريعو سمجهيو ويو.