سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت جيڪي به نظريا ملن ٿا انهن تي عالمن جو اختلاف آهي. وڏا وڏا عالم، سنڌي زبان جو اصل نسل ڳولڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪندا رهيا آهن. هيستائين جيڪي نظريا مليا آهن اهي هڪٻئي کان ڪافي مختلف آهن. اڄ تائين جيڪي ٽي نظريا مليا آهن، انهن جو مختصراحوال هيٺ ڏجي ٿو:
(1) سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي
انگريزن جڏهن سنڌي الف _ ب ٺاهي راس ڪئي ته انهن اها جدوجهد شروع ڪئي ته سنڌي ٻوليءَ جو حسب نسب معلوم ڪجي. انهيءَ لاءِ پهرين ڪوشش سنڌي ٻوليءَ جي انــگـــريــز مــاهــر، ڊاڪــٽر ٽرمـــپ ڪئي. هن 1872ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جــــو گـــرامــــر ڇــپايــو (The Grammer of Sindhi Language) ان ۾ هن اهو نظريو ڏنو ته “سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي. يعني سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان پالي شؤر سيني، اپڀرنش ۽ وارچڊ اپڀرنش جي معرفت يارهين صدي عيسوي ڌاري هاڻوڪي صورت ورتي.“ هن نظريي جي پٺڀرائي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالم تقريباً مُني صديءَ تائين ڪندا رهيا. جن ۾ سرفهرست ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي هئا. سندن خيال موجب “سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لائق ڌيءَ آهي. سنڌي ۽ سنسڪرت جي صوتي ۽ صرفي هڪجھڙائي ثابت ٿي ڪري ته سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي.“
(2) سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد بابت ٻيو نظريو
اسانجي بزرگ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏنو. ڊاڪٽر صاحب 1959ع ۾ هڪ مقالو لکيو جنهن ۾ اها دعويٰ ڪيائون ته “سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي بلڪه سنسڪرت کان اڳ واري دؤر جي سنڌو – ماٿر جي قديم ٻولي آهي.“
ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو “ آثار قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بناءِ تي چئي سگهجي ٿو ته “سنڌ جي قديم ٻولي غالباً ڪا “سامي” زبانن جي سٿ مان هئي جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ “سنڌ جي ٻوليءَ” تي گھڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو ۽ ان بعد پالني ۽ پراڪرت جي ذريعي سنسڪرت جو.“
ڊاڪٽر صاحب جي نظريي مطابق سنڌي سامي صفت زبان آهي يا سامي زبانن جي خاندان مان آهي (عربي، عبراني، سرياني ۽ حبشي سامي زبانون آهن) پاڻ لکن ٿا، “سنڌ جو هي قديم تمدن، هڪ قسم جو سامي تمدن آهي نه ڪه آريائي. انهي ڪري چئي سگهجي ٿو ته قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا سامي صفت زبان هئي. جا سنڌ جي اوائلي زبان هئي. انهيءَ ٻوليءَ جا مسخ شده نشان موئن جي دڙي مان لڌل مهرن تي موجود آهن.“
ڊاڪٽر صاحب جي راءِ مطابق سنڌي، سامي زبانن ۾ عربي جي وڌيڪ ويجهو آهي. پاڻ لکن ٿا، “خاص سنڌ جي آڳاٽي ٻولي جي سٽاءَ ۾ سمير ۽ بابل جي تمدن وارين ٻولين ۽ سامي، صفت زبانن جا ڪئي اجزا شامل آهن.“
(3) سنڌي زبان جي بڻ بنياد بابت ٽيون نظريو
جناب سراج الحق ميمڻ ڏنو. پاڻ پهرين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نظرئي تي تنقيدي مقالو لکيائون، جنهن تي ٻنهي عالمن ٽماهي مهراڻ (1959ع کان 1962ع) ۾ ڪافي علمي بحث ڪيو. نيٺ سراج صاحب 1962ع ۾ پنهنجو نظريو ڏنو. سندس خيال مطابق، “سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه پر سنسڪرت سنڌي جي ڄائي آهي.“
سنڌي تمدن تي بحث ڪندي ثابت ڪيو اٿن ته “سنڌ جا ماڻهو اولھه طرف يعني بابل ۽ ميسوپوٽميا وارن خطن ڏانهن پنهنجي زبان ۽ تهذيب کڻي ويا ۽ اتي انهن کي ڦهلايائون. سندن خيال موجب، بابل ۽ سمير جي تهذيب جو سنڌي تهذيب تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو، بلڪه بابل ۽ سمير جي تهذيب تي سنڌي تهذيب يعني موهن جي دڙي واري تهذيب جا اثرات نظر اچن ٿا.“
پنهنجي نظريي جي پٺڀرائيءَ لاءِ سراج صاحب آمريڪي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر نوح ڪريمر (Dr. Noah Cramer) جي کوجنا جو حوالو ڏئي ٿو. سراج صاحب پنهنجي ڪتاب 'سنڌي ٻولي' ۾ لکي ٿو “ڊاڪٽر نوح ڪريمر آمريڪا جو هڪ مشهور عالم ۽ سميري تمدن جو وڏو ماهر مڃيو وڃي ٿو. سندس تصنيفون جڳ مشهور آهن ۽ سرجان مارشل جهڙن عالمن جي صف ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. هو صاحب پينسلوانيا يونيورسٽي جي عجائب گهر ۾ “سميريالاجسٽ” مقرر ٿيل آهي. هن صاحب جو چوڻ آهي ته سميري تمدن ۾ جيڪي مٽيءَ جي تختين تي لکيل اهڃاڻ آهن. انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اتي جا ماڻهو ڪنهن اهڙي تمدن کي “دلمون” سڏيندا هئا جو سندن اوڀر پاسي هئي، جنهن جي لاءِ هنن جي دلين ۾ ساراهه ۽ عقيدت مندي جا جذبات هوندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جوخيال آهي ته اهو اشارو موهن جي دڙي جي تهذيب ڏانهن آهي. مهرون سمير ۾ لڌيون آهن ۽ موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان ڪي سميري شيون پڻ لڌيون آهن، اهو ڏيکاري ٿو ته انهن ٻنهي تهذيبن جي وچ ۾ تجارتي ۽ تمدني رابطو هو.“
مٿيون بيان اهو ظاهر ٿو ڪري ته سنڌي تمدن سامي تمدن کان گهڻو مٿانهين ۽ قديم هئي، جنهن لاءِ هنن کي مذهبي عقيدت هئي.
سنڌي ٻوليءَ بابت جيڪي ٽئي نظريا آهن اهي هڪٻئي کان ڪافي مختلف آهن، يعني پهرين نظريي مطابق سنڌي سنسڪرت جي ڌيءَ آهي. ٻي نظريي مطابق سنڌي سنسڪرت جي ماءُ آهي. انهن نظرين جي متعلق ڪيترائي عالم ڇنڊ ڇاڻ ڪندا رهيا آهن. ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته سنڌي ڪنهن به طرح سان سنسڪرت جي ڌيءَ نه آهي. هن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ هيٺيان دليل ڏنا وڃن ٿا:
1) سنڌي ٻوليءَ مان جيڪڏهن سنسڪرت فارسي ۽ عربي جا لفظ خارج ڪيا وڃن ته به ايترا لفظ بچن ٿا جن سان پورو مڪالمو ترتيب ڏئي سگهجي ٿو.
2) جڏهن آريه هندستان ۾ داخل ٿيا هئا ان وقت انهن پنهنجون بيٺڪون غالباً ملتان ۽ ڪشمير وٽ قائم ڪيون ۽ هن ايراضيءَ جون پنهنجون ٻوليون ھيون جيڪي پوءِ ايراني آرين جي اچڻ ڪري ايراني اثر هيٺ آيون. سنسڪرت ان وقت گنگا جمنا دوآبي ۾ پنهنجون ارتقائي منزلون طئه ڪري رهي هئي ۽ اتان جي مقامي ٻولين تي پنهنجو اثر ڇڏي رهي هئي. سنڌ ۾ ان وقت قديم سنڌي رائج هئي ۽ 600 قبل مسيح تائين سنڌ تي جيڪو اثر پوندو رهيو اهو ڪشمير ۽ ملتان واري علائقي مان داردي ٻولين جو هو.
3) سنسڪرت وارو خيال ان تي ٻڌل آهي ته هندستان جون جملي ٻوليون سنسڪرت مان نڪتل آهن جنهن ڪري هر ڪنهن ان جو عڪس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گماني دليل گهٹا ڏنا اٿن.
4) سنڌي گرامر سنڌي کي سنسڪرت ۽ ان مان نڪتل ٻين ٻولين کان الڳ ڪري ٿو.
5) سنڌي جي سنسڪرت مان نڪرڻ کي تقويت هندن، مذهب جي بنياد تي ڏني. پاڻ چيائون “سنڌي يا ته سنسڪرت مان نڪتل آهي يا ته عربي مان پر جيئن ته عربي ٻاهران آئي آهي ان ڪري سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
مٿئين بحث کان پوءِ پهرئين نظريي کي رد ڪرڻ کان سواءِ چارو ڪونهي يعني اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڌيءَ نه آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا جو 1967ع ۾ ٽماهي مهراڻ ۾ هڪ تفصيلي مقالو ڇپيو. پاڻ لکن ٿا، “ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ زبانن جي تقابلي مطالعي لاءِ جن اهم جزن جي اڀياس ۽ ڀيٽ جي ضرورت آهي اهي آهن:
(1) صوتي هڪجهڙايون (2) لفظن جي ڌاتن جون هڪجهڙايون (3) ڪردنتن جي بناوت جا هڪجھڙا اصول (4) اسمن ۽ فعلن جي گردانن ۾ هڪجهڙايون (5) ضميرن ۽ حرفن ۾ هڪجھڙائي: مطلب ته اگر ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾ اهي سڀ هڪجهڙايون موجود هونديون ته پوءِ چئبو ته يا ته هڪ زبان ٻي ءَ مان ڦٽي نڪتي آهي يا ٻئي (يا وڌيڪ) زبانون ڪنهن هڪ ئي ساڳئي بنياد جون شاخون آهن؛ يعني هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن. سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون بيشمار هڪجهڙايون موجود آهن، تنهن ڪري انهن هڪجهڙاين جي اصول موجب، سنسڪرت ۽ سنڌي به ڪنهن هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتل پيو لڳن.“
هاڻي جيڪڏهن سنڌي ۽ سنسڪرت جو بڻياد ساڳيو آهي ته پوءِ اها بنيادي ٻولي ڪهڙي هئي؟ انهيءَ سوال جو جواب ديوان ڀيرو مل جي ڪتاب ۾ ملي سگھي ٿو. ديوان صاحب سنسڪرت لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي لکي ٿو. “سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي 'ڪره' جنهن جي معنيٰ آهي ڪيل، ‘سم‘ هڪ اڳياڙي آهي جنهن جي معنيٰ ‘چڱو‘، تنھن ڪري ســــــــم + ڪـــــرت (ســنــســڪــرت) ٻولي معنيٰ چڱي يا صاف ٿيل يا سڌاريل (Polished or Refined) ٻولي.“
ديوان صاحب جي وضاحت مان اهو نقطو واضح ٿئي ٿو ته سنسڪرت ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي سڌاريل شڪل آهي يعني اصل ٻولي نه آهي. ديوان ڀيرو مل ٻئي هند پراڪرت لفظ جي معنيٰ سمجهائيندي لکي ٿو، “پراڪرتيءَ جي معنيٰ پيدا ٿيل ٻولي، پراڪرت جي هڪ معنيٰ آهي قدرتي (Natural) ۽ ٻي معنيٰ اٿس “اصلوڪي ٻولي” (Original) پرڪرتيءَ جو ضد آهي “وڪرتي” جنهن جي معنيٰ آهي “بگڙيل صورت“
ڪاڪي ڀيرو مل جي وضاحتن تي ڊاڪٽر الانا صاحب تبصرو ڪندي لکي ٿو، “ٻنهي لفظن – پراڪرت ۽ سنسڪرت – جي وصفن جي جائزي کان پوءِ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته “سڌاريل يا صاف ٿيل يا اجاريل ٻولي (سنسڪرت) مان قدرتي يا اصلوڪي ٻولي (پراڪرت) ڦٽي نڪتي هوندي؟ پر حقيقت ۾ ته پاڻ اصلوڪي يا قدرتي ٻوليءَ (پراڪرت) مان صاف ٿيل يعني سڌاريل يا اجاريل ٻولي يعني سنسڪرت ڦٽي نڪتي هوندي، ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته سنسڪرت پراڪرت جو اصلي بنياد نه آهي، پر سنسڪرت ته پاڻ پراڪرت جي سڌاريل ۽ اجاريل صورت آهي. يعني پراڪرت، سنسڪرت جواصلي بنياد آهي.“
”يورپ ۽ هندستان جا ڪيترائي ماهر انهيءَ راءِ جا آهن ته هند و پاڪ جون جملي ڏيهي ٻوليون، پراڪرتن جون ئي بدليل صورتون آهن ۽ نڪي سنسڪرت جون بدليل صورتون. يعني ته سڀئي ڏيهي ٻوليون پراڪرتن مان ئي ڦٽي نڪتل آهن. جيڪي عوامي يعني روزمره واريون ٻوليون هيون. ٻين لفظن ۽ ائين چئبو ته سڀني ڏيهي ٻولين جي ماءُ سنسڪرت نه، پر قديم پراڪرت آهي.“
مٿيئن بحث مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته پراڪرت ڪا هڪ ٻولي ڪانه هئي. پر ان جا ڌار ڌار لهجا هئا، جيڪي ڌار ڌار خطن ۾ ڳالهايا ويندا هئا. انهن لهجن مان هڪ لهجي، برهمڻن جي اثر هيٺ عالمانه صورت ورتي. اهو لهجو برهمڻن تائين ئي محدود رهيو ۽ پوري برصغير ۾ ڦهلجي نه سگهيو ۽ نه وري ڪنهن دؤر ۾ ڪو عوامي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ڳالهايو ويندو هو.
ڊاڪٽر الانا لکي ٿو، “ماهرن جي بيان ڪيل نظرين جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ نه آهي. پر سنڌي، سنسڪرت ۽ لهند، ٽنهي جو اصلي بنياد، قديم پراڪرت جي هڪ ئي لهجي، يعني اڌيچيه لهجي جو هڪ محاورو، “وراچڊ اپڀرنش” آهي. هن پوري بحث جو نتيجو هيٺ چارٽ جي صورت ۾ ڏجي ٿو: