لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

سومرن جو دؤر(1050ع – 1351ع)

سومرن جي دؤر کان اڳ سنڌ تقريباً ساڍن ٽن سون سالن تائين عربن جي قبضي ۾ رهي، جنهن سبب سنڌي ٻولي تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو. انهيءَ عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي عربي ٻولي پنهنجو پورو اثر ڄمائي چڪي هئي. سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي وڌڻ ويجهڻ جو ڪافي موقعو مليو. هن ئي دؤر کي “سنڌي ادب جو بنيادي دؤر” سمجهڻ گهرجي، ڇو ته هن کان اڳ سنڌي ادب جو ڪوبه مستند ثبوت ڪونه ٿو ملي.
هن دؤر ۾ سنڌ جا رومانوي داستان شروع ٿيا، جن کي قصي جي صورت ۾ ٻڌايو ويندو هو. شاهه لطيف جي ستن سورمين مان ڇهن جي قصن جو تعلق هن دوؤر سان آهي، جيڪي هي آهن: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياچ، ليلا چنيسر ۽ سهڻي ميهار. هنن قصن کي اڳتي هلي تمثيل طور استعمال ڪيو ويو، جيڪو رواج اڃا تائين به جاري آهي.
هنن قصن کي ڀٽن ۽ ڀانن ڳائي وڄائي تمام گهڻو مشهور ڪيو. ڪچهرين ۽ محفلن ۾ ڏاڍي سوز سان ٻڌائيندا هئا. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي مطابق ته هنن داستانن ۾ تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ شعر به چيو ويندو هو. ان اوائلي شعر کي “ڳاهه” چيو ويندو هو، جيڪو لفظ “ڳاءِ” يا “ڳائڻ” مان نڪتو. ڳاهه ابتدائي واقعاتي شاعري هئي. ڪجھه ڳاهون نموني طور ڏنيون وڃن ٿيون.
مثال: سسئي جڏهن ڪيچ جي واپارين کان وکر بابت پڇيو ته انهن جواب ڏنو:
“چوٽا چندن، ڪيوڙا، مون سان وکر جون ويهون
مل مهانگي آئون ڏيان، ٻيو کيٽي ٻيڻون.”
مومل راڻي جي قصي ۾، مومل جي ٻانهي 'ناتر' چوي ٿي:
“آئون ٻانهي راڻيون ٻيون، مون نيڻين نه ڀُل
سندي ڪاڪ ڪنڌيءَ، آهي ڪامٹين هُل”

رزميه شاعري
گھڻن عالمن جو خيال آهي ته ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات گهڻو ڪري رزميه شاعريءَ سان ٿيندي آهي. سومرن جي دؤر ۾ ڪيتريون ئي مشهور جنگيون لڳيون، تنهن ڪري رزميه شاعري ترقي ڪئي.
سومرن ۽ گُجرن جون لڙايون 1150ع کان 1250ع تائين ٿينديون رهيون. سومرن جا ساٿي سما هئا، جيڪي تمام سٺا مددگار ثابت ٿيا. هڪ جنگ کان پوءِ صلح ٿيو، ان وقت جي حاڪم، گُجرن کي سڱ ڏيڻو ڪيو. ڏونگر سومري ان سڱ جي مخالفت ڪئي ۽ گُجرن وري حملو ڪيو. گجرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏونگر، دودي ڏي ماڻهو موڪليو دودو اڳيئي دلوراءِ هليو ويو هو (هي اُهو دودو نه آهي، جنهن علاءُ الدين جي لشڪر سان مقابلو ڪيو هو).
ڏونگر جو قاصد هڪ چارڻ هو، جنهن کي جواب ۾ دودي چيو، “جي طاقت نه هجين، ته ڪنهن ٻانهيءَ جو سڱ ڏيئي کڻي صلح ڪن.“ چارڻ تمام چالاڪ ۽ سياڻو هو، جنهن ان جي جواب ۾ هي بيت چيو:
“جر نه کٽي ڪنگرين، راوَ نه ڳنڍين ويڻ،
گولي وڃي گُجرين، ته چُندا دودي ڀيڻ.”
سومرن ۽ علاُ الدين جي جنگ: هيءَ لڙائي 1313ع ۾ ٿي هئي. * “هن لڙائي بابت ڪافي ڳاهون ملن ٿيون. ڳاهن جي اوائلي شاعريءَ ۾ هڪ شاعر جو به ذڪر ملي ٿو، اُهو هو ڀاڳو ڀان. هي سومرن جو خاص شاعر هو. جڏهن جنگ لڳي ته ڀاڳو ڀان سومريون وٺي ڪڇ جي ابڙي سمي ڏانهن سام پوڻ لاءِ روانو ٿي ويو. سندس چيل ڪجھه ڳاهون هيٺ ڏجن ٿيون:
“ٻاٽي ٻاٽي ڏينهڙا، لڳايو ڀونگر راءِ سي
مڙدن آڻي مامرو، ٻڌو پڳ مٿي.”
چنيسر کي سندس زال مهڻو ڏيندي چوي ٿي:
چاچِي منهنجي ڪانڌ کي، چني چِٽائي ڏي،
اڳي هيوسين ٻه ڄٹيون، هاڻ ٽلي ٿيون سين ٽي.”
* هن جنگ بابت ڪن مورخن جو خيال آهي ته اها نه ٿي آهي ۽ علاءُ الدين خلجي ۽ دودي جي دؤر ۾ ڪافي فرق آهي.
چنيسر کي تمام گھڻي ڪاوڙ آئي.
“ڪاوڙ جي ڪارو ٿيو چڙيو چنيسر راءِ
ٻڌي ڪٽاريون ڪاتيون، سونهري سَروپا.”

“ڪوڙا ڪوڙي ڏيهه جا، تو ڪوڙا قول ڪيا،
سنڌ لڄايئه سومرن جي، ٻيو دانهه دودل لاءِ.”

“ارڙنهن ڌڪ ترار جا، لڳا ننگر مٿي ڏانهن،
پرَ ٽڪر ٽريو ڪين ڪي، پئي جبل ڪونه سماءُ.”

“سٿريون وجهن ٿا سومرا، جيئن لنب جو گاهه لڻن
دودو ماريو هو ڊوهه سان، آيو ڏولائو ڏيهن.“
ڀاڳو ڀان کان علاوه دودي _ چنيسر جي قصي تي ڪجھه ٻين شاعرن به ڳاهون لکيون آهن، جيڪي پنهنجي ساخت جي اعتبار سان سومرن جي دؤر جون لڳن ٿيون. سندن مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.
جڏهن چنيسر کي پڳ جي آڇ ٿي ته شاعر چيو:
“ويهه پڄاڻان پيءُ جي، آءُ چنيسر آءُ
ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ.“
چنيسر جواب ۾ چيو:
اَئين سعيو ڪريو سپاھه جو، ته گهمي اچان گهرانءُ
وڏي جا ورهين جي، پڇي اچان تنهن ماءُ.“
چنيسر جڏهن گهران ماءُ کان موڪل وٺي آيو ته پويان دودي کي پڳ ٻڌائي ڇڏيائون. چيائون ته جيڪو هر ڳالهه ۾ ٿو ماءُ کان صلاح وٺي، اهو حڪومت ڪين هلائيندو. چنيسر اچي ماءُ کي دانهن ڏني. ماڻس جواب ڏنو:
“مون ڄڻيو ماءُ پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءَ،
ويهي آتڻ وچ ۾، پانڌيون ڪتج ٽيهَه،
هائي صلاح ٿئي هيءَ، ته گهر ويهي ڳالهيون ڪرين.“
چنيسر مهڻا ٻڌي، دودي کان وير وٺڻ لاءِ قسم كنيو، دودي ڏي نياپو موڪليائين ته تخت مون کي ڏي نه ته علاءُ الدين جو لشڪر وٺي ايندوسانءِ، دودي پنهنجي وزيرن سان صلاحَ ڪئي ته چنيسر کي تخت ڏجي يا نه، تنهن تي هڪڙي وزير چيس:
“پيءُ پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ نه راند،
راڄ نه ڏجن منگيا، منگيا ڏجن ڏاند.”
دودي جو جواب ٻڌڻ کان پوءِ چنيسر، علاءُ الدين وٽ ويو ۽ چيائينس:
“پيءُ مرندي ڇڏيون، تو سانو ڄڻي،
مون ٿي آنديون تولئي. سي دودي جھليون،
مون ته اچي وسليون، هاڻي جيڪر رضا راءِ جي.“
علاءُ الدين پنهنجي سپه سالار ظفر خان کي لشڪر ڏيئي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. دودي پنهنجو ڀائيٽيو يعني چنيسر جو پٽ ننگر صلح لاءِ موڪليو. ننگر کي جواب مليو:
“آئين ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگھي ڏيو مون
سڀ پهرايان سومرا، آءٌ جهجهي ڏيان ڀونءِ
هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪر سڱ جو.”
ننگر سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ خونريز جنگ ڇڙي پئي. شاعر جنگ جو نقشو چٽيندي لکي ٿو:
“ننگر مغل پاڻ ۾، چڙهي ڏني چوٽ،
ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري، گهٹا ماريائون گهوٽ،
بنا پَر ۽ اوٽ، ننگر ماريو ماڳ ۾.“
“واچوڙي جيئن وچڙي، گيوڙ گوڙ ڪيا،
ڏهه لک ڏهن اڳرا، ماري خلق وڌا،
سوره سڀ ٿيا، ويري سڀ وڇڙي ويا.”
“او ابڙو آھِ اَڀڳ او ڏونگر ئي ڏيهه ٻيو،
او جوڻيجاڻو جڳ، جو سامن سونٺا نه کڻي.”

“اُڀُ سڀ ڪنهن اوچو، اُڀَ نه اوچو ڪوءِ،
مُئي به مٿي ٿئو، سورھ سر سندوءِ
شابس توکي هوءِ، جو سام نه ڏنئي هڏهين”

اَڙَ جھلي ابڙي، نَوَ ويهون ڏهه لک،
گهوڙي ڪنڌ نه ڦيريو، ماري گھڻي خلق.”
سومرن جي دؤر جو ٻيو به هڪ نامور شاعر هو، جيڪو ڪيراڪوٽ (ڪڇ) جو رهاڪو هو ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي درٻار ۾ شاعر هو. سندس نالو هو سمنگ چارڻ، جنهن کي هڪ دفعي “لاکي ڦلاڻيءَ”، “وڪيي ڏاتار” ڏانهن موڪليو ته بي موسمي پيرون وٺي اچ. سمنگ چارڻ جڏهن وڪيي وٽ پهتو ته ان هڪ گھيٽي جي ٽنگ تي پٽي پئي ٻڌي، تنهن تي سمنگ چارڻ چيو:
“ڦُلاڻي لاکي وٽ، مون وڏو ڪيو ٿي وات،
گھيٽن پٽيون ٻڌي، سو ڏيندو ڪهڙي ڏات.“
وڪيي ڏاتار کان پيرون گهرڻ مهل چيائين:
“آئون آيس توڏي، ٿر ڏونگر جهاڳي،
جي وڪيو ڄام اَپرادي، ڪُمندا پيرون ڏي”
وڪيي سمنگ کي جواب ۾ چيو:
“انبن لڳي نه ڪيري، ڄارين لڳي نه ڇٽ،
ور چارڻ ماٺ ڪر، جيسين اچي وٽ.“
(اي چارڻ جيسين موسم اچي. جيسين انبن کي ڪيري لڳي، جيسين وڻ ٻُور جھلين، تيسين ترس)
“وٽ اچي تيسين وِهان، تنهن کي لڳي وير،
جيءُ چارڻيءَ جو وڃي، سو واري ڏيندو ڪير.”
(جيڪڏهن آئون موسم اچڻ تائين هتي ترسي پوان ۽ منهنجو ساهھ هليو وڃي ته اهو ڪير ورآئي ڏيندو.)
همير سومري جي حڪمرانيءَ ۾ سمنگ چارڻ سمن جي ساراهه ۽ سومرن جي گلا ڪندو هو. سومرن جي گلا ڪندي چوي ٿو:
“سڄو ڦسي پيا سومرا، اڌ ڦسي پيا لوڪ،
جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته ليڙ پيائي لاٽون ڪري.”
“ستينءَ هو سوجهرو، اٺينءَ ٿي اونداهِ،
هميراڻي باهِه، وساڻي ورهن کان.”
(همير، سومرن جي اٺين پيڙهي جو حڪمران هو، هن کان پوءِ سومرن کان حڪومت ڦرجي وئي ۽ سما سنڌ جا حڪمران ٿيا.)

مذهبي شاعري
اسماعيلي فرقي جي ارڙهين امام پنهنجي هڪ داعي کي تبليغ لاءِ 1079ع ۾ سنڌ موڪليو. سندس تبليغ جي ڪري سومرا حڪمران ۽ ٻيا به ڪيترائي سنڌي مسلمان ٿيا ۽ اسماعيلي فرقو اختيار ڪيائون.
اسماعيلين تبليغ لاءِ سنڌي زبان کي وسيلو بنايو. هڪ مبلغ پير شمس سبزواريءَ جو شعر آهي:
“حق تون، پاڪ تون، بادشاهه، مهربان ڀي يا علي تون ئي تون
رب تون، رحمان تون، يا علي، اول آخر قاضي تون ئي تون.”
پير صدرالدين (1290ع _ 1409ع): پير صدرالدين تبليغ لاءِ جيڪا شاعري ڪئي. ان کي گنان(گيان) چيو وڃي ٿو. سندس مشهور گنان هيٺ ڏجي ٿو.
شاهه مڃيئڙو تن، جي صبحڙي جاڳن،
اُٿي الله نه گهرين بندا، تون سُتين ساري رات،
نڪو جهوري جيو جي، نڪو ثمر ساٿ،
شاهه مڃيئرو تن، جي صبحڙي جاڳن
ڪوٺا، منڊپ ماڙيون، گهر، گهوڙا ڀنڊار
ڪين نيا پاڻ سين، جيو چلنتي وار،
شاھ مڃئڙو تن، جي صبحڙي جاڳن
ڪيا تيئين ڪتيو، جڏهن ستو لوڪ،
تني پانهنجو ڪتي وڌو، ڳچيءَ ڳاڙهو ٿوڪ،
شاهه مڃيئرو تن، جي صبحڙي جاڳن
پير صدرالدين گنان چوڻ کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي ٻي وڏي خدمت اها ڪئي، جو هن “ خواجڪي سنڌي” ترتيب ڏني. ان ۾ چاليهه اکر هئا، جن جي وسيلي هو نون مسلمانن کي اسلام جا عقيدا لکي ڏيندا هئا. خواجڪي سنڌيءَ کي چاليهه اکري به سڏيو ويندو هو. صدرالدين جا گنان ۽ سندس چاليهه اکري اڃا به اسماعيلي خواجن ۾ رائج آهي.

ڳيچ
ڳيچ جيڪي اڄڪلهه شادين يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳايا ويندا آهن، انهن جي شروعات به سومرن جي دؤر ۾ ٿي. هن بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو، ”ڳاهه کان علاوه ڳيچ قديم سنڌي شاعريءَ جو ٻيو قسم آهي. ڳيچ لفظ به ڳاءِ مان نڪتو آهي. ڳاءِ ڪوهستاني عورتن ۾ اڃان به مروج آهي. هن لفظ کي بعد ۾ ڳاج، گاڄ، ڳاچ يا ڳيچ چيو ويو. ڳيچ کي اڄڪلهھ سِهرو به چيو وڃي ٿو.“ ڳيچ لوڪ شاعريءَ جو هڪ قسم آهي ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري شاعر جي خبر نه پوندي آهي، پر تنهن هوندي به سومرن جي دؤر جي هڪ شاعره جو نالو ملي ٿو، جنهن جو نالو “مرکان” هو. سندس ڳيچ جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“هيءَ ڪانڊيرڙي لس،
هيءَ واسرڙي وس
آئون کلندي ڪڏندي اچان
قرهيل ڏٺم سک پار ۾
آئون کلندي ڪڏندي اچان
ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾
آئون کلندي ڪڏندي اچان

هن دؤر جو ادبي جائزو
1. هن دؤر ۾ رومانوي داستان شروع ٿيا، جيڪي اڳتي هلي تمثيل طور استعمال ٿيڻ لڳا.
2. هن دؤر ۾ رزميه شاعريءَ جي شروعات ٿي.
3. گنان چيا ويا (هنن گنان ۾ اسلامي اصولن سان گڏ اخلاقي هدايتون ۽ دنيا جي بي ثباقيءَ جو ذڪر ملي ٿو. هن مان ثابت آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ روحانيت ۽ تصوف جي شروعات اوائلي دؤر کان ٿي چڪي هئي.)
4. هن دؤر ۾ لوڪ ادب جي صنف ڳيچ جي شاعري ملي ٿي.
5. خواجڪي سنڌي يعني چاليهه اکري لکي وئي، جيڪا نظم لکڻ ۾ تمام گھڻي مددگار ثابت ٿي.
6. هِجو گوئي جا به آثار ملن ٿا.

هن دؤر جي شاعريءَ جون فني خوبيون
1. هن دؤر ۾ جيڪي بيت يا ڳاهه چيا ويا آهن، اُهي هندي ڇند _ وديا جي صنف “دوها ڇند” جي طرز تي ملن ٿا. دوها ڇند ۾ هر بيت ۾ ٻه سٽون ٿين ٿيون ۽ قافيو هر مصرع جي آخر ۾ ايندو آهي.
2. ڪي بيت سورٺا ڇند موجب به مليا آهن. هنن بيتن ۾ به ٻه سٽون ٿينديون آهن، پر انهن جو قافيو ٻنهي سٽن جي وچ تي ايندو آهي.
3. ڪجھه بيت دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند جو ميلاپ آهن.
4. هن دؤر ۾ ٿورڙا بيت ٽن سٽن وارا به مليا آهن. جن جي پهرين سٽ دوها يا سورٺا ڇند واري، ٻي سٽ دوها ڇند واري ۽ ٽين سٽ وري سورٺا ڇند واري آهي. بيت جو هي ڍانچو تمام گهڻو مقبول ٿيو. شاهه لطيف کان علاوه ٻين ڪيترن شاعرن به هن سٽاءَ کي استعمال ڪيو. موجوده بيت به هن سٽاءَ مطابق ئي آهي.
5. اسماعيلي داعين جا چيل گنان اڳتي هلي وائيءَ ۽ ڪافيءَ جو بنياد بنيا، جن ۾ پهرين مصرع ٿلهه ۽ وراڻي جو ڪم ڏئي ٿي.