لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

آخوند محمد قاسم

آخوند قاسم علم عروض تي مڪمل دسترس رکندڙ شاعر هو. پاڻ 1806ع ۾ پراڻن هالن ۾ پيدا ٿيو ۽ 1881ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين. سنڌ جي روايتي عروضي شاعرن ۾ هن کي خليفي گل کان پوءِ سڀ کان اهم شاعر طور ليکيو وڃي ٿو. ڪن عالمن جو ته خيال آهي ته آخوند قاسم کي خليفي گل کان به وڌيڪ علم عروض جي نزاڪتن جي خبر هئي. هن جي شاعريءَ جو پڻ ديوان شايع ٿيل آهي، جنهن کي “ديوانِ قاسم” جي نالي سان سڏجي ٿو. هيءَ ديوان سڀ کان اول 1875ع ۾ شايع ٿيو. سندس ديوان کي مرزا قليچ بيگ پڻ نئين سر مرتب ڪيو. جنهن جي خاص خوبي يا انفراديت اها آهي ته مرزا صاحب پنهنجي مرتب ڪيل هن ديوان ۾ غزلن جا وزن پڻ ڄاڻايا. جڏهن ته هن شرح به لکي آهي. آخوند قاسم جو غزل ان حوالي کان به گھڻي اهميت رکي ٿو ته ان ۾ مڪمل استادانه رنگ جون جهلڪيون ملن ٿيون ۽ ڇاڪاڻ ته هي غزل جي ابتدائي شاعرن مان هڪ اهم شاعر جا غزل آهن، ان حوالي سان انهن جي حيثيت به بنيادي نوعيت جي آهي. هن جي غزل جي خوبين ۾ بندش جي پختگي, ٻوليءَ جي فارسي آميزي، غزل جي روايتي اخلاقي ۽ نصيحت آميز موضوعن جو نڀاء، عشق محبت جي معاملن جي گهڻ رنگائي شمار ڪري سگهجن ٿيون. هن جي حوالي سان شيخ عبدالرزاق راز لکي ٿو ته “موضوعاتي اعتبار کان قاسم گل جو رنگ اختيار ڪيو آهي، پر وٽس نه گل جهڙي جذبات جي شدت آهي ۽ نه وري عشق مجازي جو پراثر تصور. قاسم وٽ فڪر جي گهرائي گهٽ نظر ٿي اچي. قاسم جي شاعري ۾ عموماً جذبات، احساسات ۽ ڪيفيات جو عنصر گهٽ آهي، جنهن ڪري منجھس فڪري بلندي جي گھٽتائي محسوس ٿئي ٿي. سندس شعر ۾ ڪاريگري جو نمونو وڌيڪ آهي ۽ ان ڪري منجھس ٽيڪنڪ ۽ فني اصولن جي پختگي نظر اچي ٿي.“
قاسم جي غزل ۾ جيڪا حسناڪي ۽ سونهن آهي، ان جا هونئن ته ڪئين رنگ آهن، پر ڪجهه رنگ هنن شعرن مان به پسي سگهجن ٿا:
اڄ مروت ۽ وفا، منجھه آدمين آهي الڀ،
پڻ صداق ۽ صفا، منجھه آدمين آهي الڀ.