لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

استاد بخاري

مظلوم قومن جي ماڻهن جو هڪ الميو اهو به آهي ته هر ننڍيءَ وڏيءَ ڳالهه تي جلدي مايوس ٿي ويندا آهن. اها مايوسي ۽ ماٺ واري ڪيفيت ڏاڍي خطرناڪ هوندي آهي. انهيءَ حالت مان قوم کي جيڪڏهن جلد نه ڪڍيو ويندو آهي ته اها ڪيترائي سال پوئتي رهجي ويندي آهي. انهيءَ حالت مان ڪڍڻ لاءِ دانشور ۽ اديب جيڪو ڪجھه تخليق ڪندا آهن، انهيءَ کي “اتساهيندڙ ادب” چيو ويندو آهي.
استاد بخاري جي شاعري جو وڏو حصو اتساهه پيدا ڪندڙ شاعري تي مشتمل آهي. انتهائي حساس ۽ ذهين شاعر هجڻ جي ڪري سندس هٿ هميشه سنڌي قوم جي نبض تي رهيو آهي. هن جڏهن به ڏٺو آهي ته ماڻهو مايوسيءَ جي غار ۾ گھلبا ٿا وڃن ته هن پنهنجي شاعريءَ کي استعمال ڪري ماڻهن ۾ نوان جذبا پيدا ڪيا آهن ۽ انهن کي پنهنجن حقن وٺڻ لاءِ هر دم همٿايو آهي. چوي ٿو:
سون بازر مان ڳنهي وٺبو آ،
فيض مرشد کان پني وٺبو آ،
جو به سمجهو ته اوهان جو حق آ،
حق مڙسيءَ سان ڇني وٺبو آ.
ڪوڪا پائي پيرن منجھه، تير سجائي سينن منجھه،
ڏنڀ سهائي رڳ رڳ تي، وڌ اڳتي او وڌ اڳتي.
جاڳو جاڳو ٻانگ اسان جي، در در ٺڪ ٺڪ ڏانگ اسان جي،
ڳائي ڳائي نيٺ بخاري، ڳوٺ اٿاري وجهنداسين.
استاد بخاري هڪ باشعور شاعر آهي. هو نه صرف اسان جي قومي مسئلي کي کولي سمجهائي ٿو پر ان مسئلي جو حل به ٻڌائي ٿو ۽ ان لاءِ همت به پيدا ڪري ٿو، چوي ٿو:
“هٿين خالي اسين ظلم سان لڙنداسين، لڙڻ ڏسجو،
اميد آهي، يقين آهي ته کٽينداسين، كٽڻ ڏسجو.
جبل ايندا اڳيان، جبل جا سينا ڏاري وجهنداسين،
بحر حال اسين منزل ڏي وڌنداسين، وڌڻ ڏسجو.
استاد اهو به ٻڌائي ٿو ته اسان ڪڏهن وڌنداسين، ان لاءِ هو ڪو وقت نٿو ٻڌائي پر اهڃاڻ ٿوڏي. چوي ٿو:
“اٿن اولڙ، گجن گوڙون، وهن واهڙ،
تڏهن سمجهو ته ڪجھه تڙپيا اسين آهيون.“
استاد جي سموري شاعريءَ ۾ مهراڻ واري موج آهي، فڪر جي گوناگونيءَ سان گڏ ان ۾ بي انتها رواني به آهي. مثلاً:
ڪجھه جاچ ڪبي، ڪجھه سوچ ڪبي، ڪجھه ماٺ ڪبي، ڪجھه شور ڪبو،
ڪجھه هوش ڪبو، ڪجھه جوش ڪبو، ڪجھه غور ڪبو، ڪجھه زور ڪبو.
هر حالت ۾، هر صورت ۾، هن حالت کي، هينئن ڪرڻو آ،
جي هينئن نه ٿيو، پوءِ هونئن ڪبو، جي هونئن نه ٿيو ڪجھه اور ڪبو.
استاد پنهنجي شاعري ۾ ڪيڏارو به زبردست نموني سان چيو آهي. هن سنڌي قوم جو رت ڪيترائي دفعا وهندي ڏٺو آهي. هن سنڌين کي ڌڪ پچائي وڙهندي به ڏٺو آهي. سنڌين جي بهادري بابت چوي ٿو:
“سنڌي شير ببر، گجن گولين وچ ۾
ڇڄن ڪين ڇپر، وسن مينهن رُهيون ڪري
-
پوءِ پيا ڪڍجو پار، پهريان ڳڻ ڳڻي وٺو،
بهادريون بيباڪيون، ڪري ڪير شمار،
حيلا هوش هزار، ڪَٺا هڪڙي ڪونڌ ۾.
استاد ماٺ جو دشمن آهي. هو چوي ٿو ته هر وقت ڪجھه نه ڪجھه ڪندا رهو ڇو ته ماٺ ڄڻ موت جي ڀيڻ آهي. حق وٺڻ لاءِ جيڪڏهن وڙهڻ جي سگهه نه آهي ته واڪا ڪرڻ ته نه ڇڏيو! چوي ٿو:
ساڙيو ماٺ سڙيون، کوڙ مري ويون ماٺ ۾!
لايو ڌم ڌڙيون هوڪا، واڪا حق لئي.
استاد جي سڄي شاعريءَ جو محور سنڌ ۽ سنڌي عوام آهي. ماروئڙن جا ڏک ۽ سور هن کي پنهنجا ڏک سور ٿا لڳن. جيڪڏهن ماروئڙا بک ۾ آهن ته استاد ڪيئن ٿو پيٽ ڀري کائي سگهي؟ جيڪڏهن سانگيئڙا بي گهر آهن ته استاد ڪيئن ٿو محلن ۾ رهي سگهي؟ چوي ٿو:
مان ڪيئن سيج سمهان
منهنجا ماروئڙا _ منهنجا سانگيئڙا _ پڌري پٽ سمهن.
- تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن.
کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن.
مان ڪيئن لوڻ چکان،
منهنجا ماروئڙا_ منهنجا سانگيئڙا روزا روز رکن.
- تو وٽ خوب خوشيون عيدون، عيش، وهان،
ريشم ويس وڳا، ڏينهون ڏينهن نوان،
مان ڪيئن سينڌ ڍڪيان،
منهنجا ماروئڙا _ منهنجا سانگيئڙا _ ننگي پيٽ گهمن.
استاد پنهنجي هر خوشيءَ ۽ هر غم کي سنڌي عوام سان واڳي ڇڏيو آهي. سنڌين تي ٿيندڙ هر ظلم هو پاڻ تي ستم ٿو ڀانئي ۽ ان ستم کي خوبصورت انداز سان ٻين تي آشڪار به ڪري ٿو ۽ ڌرتي جي خدمت لاءِ هر وقت تيار به رهي ٿو. پاڻ چوي ٿو:
آڙاهه ۾ آلاڻ، اها اڻ، ٿيڻي،
۽ سون ۾ ڪاراڻ، اها اڻ ٿيڻي،
جنهن وقت سڏي سنڌ، بخاري ڀڻڪي،
ڇا لاءِ ۽ ڇاڪاڻ، اها اڻ ٿيڻي.
استاد بخاري سنڌ سان محبت کي عبادت جو درجو ڏيندي چوي ٿو:
“پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي، ڇو تسبيح پيو سورين!
چيم هاڻِ پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ.
استاد بخاريءَ جي شاعري فني لحاظ کان به اعليٰ قسم جي آهي. هن خاص ڪري وائيءَ ۾ ڏاڍا سٺا ۽ ڪامياب تجربا ڪيا آهن. هن وائيءَ جي موضوع سان گڏ ان جي گھاڙيٽي ۾ به تبديليون آنديون آهن. سندس هڪ وائيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
باهه وڇائي، نانگ بڇائي، ڇير ٻڌو ڇمڪايان،
ڇا ڇمڪايان؟
هو ڪجھه ٻوڙو، مان ڪجھه گونگو، سپنو پيو سمجهايان،
ڇا سمجهايان؟
هن وٽ ڦٽڪا، مون وٽ گجرا، ڦهڪائي ڦهڪايان،
ڇا ڦهڪايان؟

اُستاد جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي هڪ شاعر لکي ٿو:
“استاد جي شاعريءَ ۾ جتي حسن سان اٿاهھ پيار آهي، اتي ڏاڍ سان اڻ ٿڪ جنگ جوٽيل نظر ايندي. سندس دل ۾ پنهنجي پيڙهيل مظلوم قوم جو درد، انهن جي غلاميءَ جو احساس، انهن کي ڇڙوڇڙ رکڻ تي سياسي اڳواڻن جي روين تي افسوس، پنهنجي ڀونءِ جي ڀترن، پنن، ميون، وڻن، ڍنڍن ندي، واهن، ڪسين، پاڻي، اناج ۽ ان تي زندگي جي سمورن پهلوئن سان اٿاهه محبت سندس هڪ هڪ لفظ ۾ ڀريل آهي، هو قومي ٻڌي لاءِ تڙپي ٿو. آزادي وٺڻ لاءِ ڳچي واري ڳٽ کي چيلهھ جو سندرو ڪري ٿو، ۽ هماليه کان به وڌيڪ پختو عزم رکي ٿو.“