مرزا قليچ بيگ
مرزا صاحب انگريزي، فارسي ۽ عربيءَ جو وڏو عالم هو. سندس مطالعو تمام وسيع هو. مرزا صاحب سنڌي ادب لاءِ جيڪي به خدمتون سرانجام ڏنيون آهن سي کيس سنڌي ادب ۾ هميشه زنده جاويد رکنديون.
مرزا صاحب تقريباً 400 کن ڪتاب لکيا، جن ۾ گهڻائي ترجمن جي آهي. هن تقريباً ادب جي هر صنف تي لکيو. ادب کان علاوه سائنس، باغباني ۽ صحت وغيره تي به پنهنجي قلم جا جلوه ڏيکاريائين. هتي سندس تخليقن جو مختصر جائزو ورتو وڃي ٿو.
ناول
جڏهن به سنڌي ناول جو ذڪر ڪجي ٿو ته سندس ناول “زينت “ جو ذڪر ضرور ٿئي ٿو. مرزا صاحب پهريون ناول 1888ع ۾ “دلارام” جي نالي سان لکيو. سنڌي ادب ۾ هي سندس پهريون طبع زاد ناول هو. هن کان اڳ صرف ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل ناول ڇپيا هُئس.
سندس ناول زينت (1895ع) سنڌي ادب ۾ هڪ ڪلاسڪ جي حيثيت رکي ٿو. هن ناول ۾ زينت جو ڪردار سونهن، سچائي، مستقل مزاجي ۽ بهادريءَ جو لاثاني مثال آهي. فني لحاظ کان هي ناول ڪافي پختو آهي. پر آخر ۾ منجھس ڪجھه غير حقيقي ڳالهيون اچي ويون آهن جنهن ڪري ڪجھه ڪچايون به رهجي ويون آهن.
هنن ٻن اصلوڪن ناولن کان علاوه مرزا صاحب ڪافي ناول انگريزيءَ تان ترجمو به ڪيا. مثلاً: گُلن جي ٽوڪري، گليور جو سفر، سچي محبت، سئنڊ فورڊ مرٽن وغيره، هنن ترجمن جي زبان ۾ سادگي ۽ رواني آهي. هن گهڻو ڪري انهن ڪتابن جا ترجما ڪيا، جيڪي مقصد جي لحاظ کان ڪافي اهم هئا.
ڊرامه
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊرامه نويسي جي شروعات به مرزا قليچ بيگ کان ٿئي ٿي. پاڻ 1880ع ۾ هڪ ڊرامو “ليليٰ مجنون” جي نالي سان لکيائون. ان کان پوءِ ڊرامو”خورشيد” جي نالي سان لکيائون، جيڪو اصل ۾ بنگالي ڊرامي تان ورتل هو.
مرزا صاحب اصلوڪن ڊرامن کان علاوه ڪيترائي ڊرامه ترجمو به ڪيا. هن شيڪسپيئر جي هيٺين ڊرامن جو ترجمو پڻ ڪيو:
1. ڪنگ ليئر – شاهه ايليا جي نالي سان.
2. مرچنٽ آف وينس – حسنا دلدار جي نالي سان.
3. سمبيلائين – شمشاد مرجانه جي نالي سان.
4. ٽو جينٽلمين آف ويرونا – عزيز شريف جي نالي سان.
5. روميو جوليٽ – گلزار ۽ گلنار جي نالي سان.
6. هئمليٽ – شهزادو بهرام جي نالي سان.
مرزا صاحب ٻين ٻولين تان به ڪافي ڊرامه ترجمو ڪيا. انهن سڀني ڊرامن ۾ مرزا صاحب جي اها ڪوشش رهي ته انهن ۾ ڪردار نگاري حقيقت پسندانه هجي. پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو “منهنجو مطلب هو ته پڙهندڙن يا ٻڌندڙن کي حورن ۽ پرين، جنن ۽ ملائڪن ۽ جادوءَ جي ڏيکن ۽ ٻين ناشدنيءَ جهڙين ڳالهين سان واهپو نه رکايان. پر اهڙي ڪا ڳالهه سندن هٿن ۾ ڏيان، جنهن ۾ دنيا جو وهنوار ۽ ٻي عام رواجي هلي چلي چڱيءَ طرح ڏيکاريل هجي.“
ائين ڪرڻ سان مرزا صاحب اصل ۾ ماڻهن کي تقدير پرستي جي فلسفي کان ڪڍي پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪرڻ سيکاريو.
فلسفو ۽ اخلاقيات
فلسفي ۽ اخلاقيات تي به مرزا صاحب جو قلم خوب هليو. پاڻ پنهنجا مضمون به لکيائون. پر گھڻو تعداد ترجمن جو هو. سندس مشهور ڪتاب “مقالات الحڪمت “ آهي، جيڪو Becon’s Essays تان ترجمو ڪيائين. بيڪن انگريز مفڪر هو ۽ سندس مضمون فلسفي جي پيچيده مسئلن تي مشتمل هئا. مرزا صاحب انهن ڏکين ۽ پيچيده فلسفيانه مضمونن کي ڪمال فنڪاريءَ سان سنڌيءَ جو ويس ڍڪايو. انهن مضمونن جي ٻولي نهايت سادي رکيائين ته جيئن هر هڪ انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهي.
مقالات الحڪمت کان علاوه مرزا صاحب ٻيا به ڪيترائي ترجما ڪيا جن جا ڪجھه نالا هي آهن.
Self - help جو ترجمو خودياوري جي نالي سان امام غزالي جي ڪتاب 'ڪيميائي سعادت' ۽ 'اخلاقيات جلالي' نصيرالدين طوسي جي ڪتاب 'اخلاق ناصري' وغيره جا ترجما به نهايت سهڻي طريقي سان ڪيائين.
مرزا صاحب عربي ۽ فارسيءَ جو عالم هوندي به اها ڪوشش ڪئي ته عربيءَ ۽ فارسيءَ جا لفظ گهٽ کان گهٽ استعمال ڪيا وڃن ۽ عام سنڌي لفظ استعمال ڪيا وڃن ته جيئن ٻوليءَ جي سادگي ۽ حُسن برقرار رهي.
تاريخ ۽ تحقيق
مرزا قليچ بيگ تاريخ ۽ تحقيق جي ميدان ۾ به پوئتي نه رهيو. هن ڪافي تاريخي ڪتاب مرتب ڪيا ۽ ترجمو به ڪيا. چچ نامه جيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ بنيادي دستاويز آهي. ان جو ترجمو سليس سنڌي ۾ ڪيائين.
'قديم سنڌي' جيڪو فارسيءَ ۾ لکيل هو، ان جو ترجمو ڪيائين. هي ڪتاب سنڌ جي مشهور شهرن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي بابت هڪ اهم ڪتاب آهي.
هن هڪ ٻيو ڪتاب 'شاهه نامي وارا شاهه' جي نالي سان لکيو، جنهن جو مواد 'شاهه نامي' تان ورتل آهي.
شاعري
مرزا قليچ بيگ نثر سان گڏ نظم ۾ به طبع آزماني ڪئي. شاعريءَ تي مشتمل هيٺيان ڪتاب سندس ذهني اُڏام جو نتيجو آهن:
1. ســوداءِ خــام 2. ربــاعــيــات عمر خــيــام 3. مــوتــيــن جــي دٻــلــي 4. امــلهــھ ماڻڪ
5. ديوانِ قليچ 6. مثنوي ڪشف اعجاز.
پاڻ جيڪا به شاعري ڪيائون اها گهڻو ڪري علم عروض جي بحر ۽ وزن مطابق هُئي.
سندس شاعري جو موضوع گهڻو ڪري ناصحاڻو هو. ان کان علاوه دنيا جي بي ثباتي ۽ انساني همت ۽ عظمت جو ذڪر به سندس شاعري ۾ ملي ٿو. هيٺ سندس شاعريءَ جو نمونو ڏجي ٿو:
دل آهي عاقلن لئه، هڪڙو حساب خانو،
پر آهي عاشقن لئه، هڪڙو ڪباب خانو.
وڏا اڄ ننڍن جا ٿيا زيرِدست،
سخي سڀ بخيلن، اڳيان ٿيا خوار.
مشڪل ۾ پئو ته، آسان به مشڪل ٿي پوي ٿو،
پاڻي اندر ٽپڻ سان، درياءُ جو ڊپ لهي ٿو.
شاعريءَ کان علاوه شاهه لطيف جو رسالو ايڊٽ ڪيائين ۽ رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جي لغت “لغاتِ لطيفي” به لکيائين. شاهه عبدالڪريم، حفيظ تيوڻي ۽ ثابت علي شاھ جو ڪلام به مرتب ڪيائين ۽ ڪيترن ئي شاعرن جون سوانح عمريون پڻ لکيائين.
مختلف موضوع
مٿين موضوعن کان علاوه مرزا صاحب ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو ۽ ڪوبه اهڙو اهم موضوع نه ڇڏيائين، جنهن جي سنڌي ادب کي ان وقت سخت ضرورت هئي.
مختلف موضوعن تي سندس ڪجھه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
بـاغ ۽ بـاغـبـانـي، حـشـرات الارض، حـاجت مـنـــديءَ مـان طـاقـتــمنــدي، آزار مـان آرام،
صلح ڪل جو پيغام، تحفة النسوان، وغيره وغيره.
مرزا صاحب جي سڄي ڄمار اها ڪوشش رهي ته هو سنڌي ادب ۾ هر موضوع تي ڪتابن جي کوٽ کي پورو ڪري، انهيءَ لاءِ هن تقريباً سڀني موضوعن تي ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا. ترجمي ڪرڻ لاءِ هن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي ۽ وڏي ڳالهه ته هن صرف ڪنهن هڪ زبان تان ترجما نه ڪيا، پر انگريزي، فارسي، عربي، اردو ۽ بنگالي زبانن تان هڪ ئي وقت ترجما ڪيائين.
اهو سندس سخت محنت، جوش و خروش، ادبي ذوق ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان دلچسپيءَ جو نتيجو آهي. جو اڄ تائين ڪوبه عالم، مرزا صاحب جيترا ڪتاب نه لکي سگهيو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مرزا صاحب جو نالو هميشه عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو.