شاھ ڪريم بلڙي وارو
شاھ ڪريم کي ننڍي هوندي کان وٺي سماع جي محفلن ۾ ويهڻ جو شوق هوندو هو. دنياوي تعليم بلڪل حاصل نه ڪري سگهيو. قرآن پاڪ جا به صرف ٻه سيپارا پڙهي سگھيو.
شاهه ڪريم سندس دؤر جي شاعرن ۾ سڀ کان وڏو شاعر هو. کيس سنڌ جو “چاسر” ۽ “سنڌي ادب جو وهائو تارو” به سڏيو ويندو آهي. پاڻ پيٽ گذر لاءِ مزدوري ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا هئا. شروع ۾ هڪ بزرگ نالي “سلطان ابراهيم” جا مريد ٿيا، جيڪو بِهار کان آيل هو. پر پوءِ مخدوم نوح رحه جا مريد ٿي رهيا.
سندن شعر
شاھ ڪريم کي شاعري سان تمام گھڻي رغبت هوندي هئي. سماع جي محفلن ۾ اڪثر ڪري وجد ۾ اچي ويندا هئا ۽ بي اختيار شعر چئي ڏيندا هئا. اهي شعر وقت به وقت وڏي آواز سان ورجائيندا به رهندا هئا. سندس شاعريءَ جي ٻولي نج سنڌي آهي. صرف چند لفظ فارسي جا استعمال ڪيائون. سندس شاعري تي تبصرو ڪندي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو لکي ٿو:
“شاھ ڪريم جو شعر قدامت جي ڪري سنڌي ساهت ۾ وڏو پايو رکي ٿو، منجھس مضمون جي گوناگوني، سا نه آهي، باقي سچ، سونهن ۽ ستوگڻ سڀيئي چڱي انداز ۾ موجود آهن. پڙهندڙ کي ان مان گهڻو رس ۽ راحت ايندي سندس ڪلام سُريلو ۽ دل جُهٻائيندڙ آهي. ڪيترائي بيت اهڙا آهن جو هوند پهاڪن طور ڪم اچن. گهڻا سلوڪ تصوف تي آهن، جن ۾ عرفان ۽ ايقان جا موتي پوتل آهن، جيڪي ان وقت جي روحاني حالتن جو نقشو چٽين ٿا. توحيد، وحدت در ڪثرت، استغراق، حيرت ۽ وصال وغيره جا باريڪ نڪتا نهايت خوبيءَ سان بيان ڪيل آهن.“
سندس شاعري وحدانيت سان ڀرپور آهي. هو صرف هڪ وجود جو قائل هو ۽ ٻي سڄي ڪائنات کي ان وجود جو مظهر سمجهندو هو. هو هر ذري ۾ وجودِ باري تعاليٰ جواولڙو پسندوهو:
سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي،
تِهين سندي سوجهري، سوئي سو پَسي.
هو خالق کي، مخلوق کان الڳ نه سمجهندو هو، بلڪه مخلوق کي واحد هستيءَ جي وجود جو مظهر سمجهندو هو. تنهنڪري ان هستيءَ کي ڳولڻ لاءِ وندر ووڙڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نٿو ڪري:
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
هاڻي وڃ گمان، اسان سهي سڃاتا سپرين.
شاھ ڪريم هن ڪائنات جي ڪثرتِ وجود کي، ان واحد وجود جو حصو سمجهي فرمائي ٿو:
پاڻئي سلطان، پاڻئي ڏي سنيهڙا،
پاڻ ڪر پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.
جيئن ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نه ٺهنديون آهن تيئن خودي ۽ خدا به هڪ من ۾ نه ماپندا آهن. حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي انا ۽ خودي کي ختم ڪري، پنهنجي وجود جي نفي ڪبي آهي، جڏهن پنهنجو پاڻ کي وڃائبو آهي ته “هو” حاصل ٿي ويندو آهي، ڇو ته “هُو” الڳ ته آهي ئي ڪونه!
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لهه،
تُهان ڌار نه سپرين، مهُ مجهئين پاءِ.
حق کي سڃاڻڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پنهنجي حواسن تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انسان جا حواس ناقص آهن ۽ حقيقت کي سمجهڻ کان قاصر آهن. شاهه ڪريم فرمائي ٿو:
هي ڪن گڏهڻان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج،
سندي پريان ڳالڙي، تنين سين سڻيج.
سندن دل تي عشقِ الاهيءَ جي چوٽ تمام گهري هئي. پنهنجي دل جو احوال ٻڌائيندي فرمائين ٿا:
“ڌڪين ڌات پئو، هينئڙو لوهه سنداڻ جيئن،
سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئو.“
يعني دل کي ڌڪ سهڻ جي اهڙِي عادت پئجي وئي آهي. جيئن لوهه کي سنداڻ جي ضرب سهڻ جي، پر جيئن ته دل الله جي ياد ۾ مشغول آهي. تنهن ڪري ان تي ڪوبه اثر نٿو ٿئي.
شاهه ڪريم جي شاعري ۾ سماجي حالتن جو عڪس پڻ ملي ٿو. ڇو ته سندن شاعري گهري مشاهدي تي ٻڌل آهي. جڏهن هو ٻهراڙيءَ جي هڪڙيءَ عورت جي مٿي تي پاڻيءَ جا ٻه گهڙا ڏسي ٿو ۽ پاڻيءَ تي ويٺل پکي ڏسي ٿو ته انهن نظارن کان متاثر ٿي انهن کي تشبيهه طور ڪم آڻي ٿو:
پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
شاهه ڪريم جي شاعريءَ ۾ يادِ الاهي جي تمام گھڻي اپٽار ٿيل آهي. يادِ الاهي کي هر ڳالهه کان افضل سمجهندو هو، ايتريقدر جو مريدن کي چوندو هو ته “ايمي کان وڌيڪ قرآن مجيد نه پڙهو، ڇاڪاڻ ته ايتريون سورتون نماز لاءِ ڪافي آهن. باقي ٻيو سڀ وقت الله جي يادگيريءَ ۾ گذاريو.“
پرين جي پچار کي هر گهڙي لازمي سمجهندا هئا:
سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکيئون ڌار،
ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهين.
جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي،
من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.
شاھ ڪريم هڪ الله لوڪ بزرگ هئڻ سان گڏوگڏ زماني جو ماڻهو به هو. جيئن ته اسلام ۾ رهبانيت جي ممانعت آهي، تنهنڪري پاڻ زماني جي دستور مطابق شادي به ڪيائون ۽ گذر سفر لاءِ محنت مزدوري پڻ. پر زماني سان گڏ هلڻ ڪري سندس عشق حقيقي تي ڪوبه اثر ڪونه پيو. پاڻ فرمائين ٿا:
هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجي لوڪ،
کڏيون ۽ کروتون، اِيُ پڻ سڳر ٿوڪ.
يعني جسماني طور تي زماني سان گڏ هججي، پر دل پنهنجي پرينءَ ڏي هجي. کڏيون ۽ كروتون (مڙهيون ۽ مسجدون) به سٺيون شيون آهن. هن بيت جي آخري مصرع غور طلب آهي. شاهه صاحب مڙهين ۽ مسجدن کي سٺي شيءِ طور ته پيش ڪن ٿا، پر انهن کي اوليت ڪونه ٿا ڏين، ڇو يادِ الاهي ڪنهن خاص جڳهه جي محتاج نه آهي. پرين جي پچار ته هر جاءِ هجي رڳو مسجدن ۽ مڙهين ۾ نه.
پاڻ جيئن ته ننڍي هوندي کان ئي عشقِ حقيقي ۾ غرق هئا، تنهن ڪري مجازي عشق کان پري رهيا ۽ مريدن کي پڻ اهڙي تلقين ڪندا هئا:
مجازي موهي، ڪڏين ويندءِ نڪري،
اکڙيون توهي، مڇڻ وهين وسهي.
سندس ڪيترائي بيت پهاڪن طور به ڪم اچن ٿا، مثلاً:
1. هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجي لوڪ.
2. پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.
3. ڀڇڻان منجھڻا.
4. نينهن نياپي نه ٿئي.
5. مٺ ڀيڙيائي ڀلي.
6. چارئي پلئه چڪ ۾.
شاهه ڪريم کي جيڪڏهن سنڌ جو “چاسر” سڏجي ٿو ته اهو ڪو وڌاءُ ڪونهي. سندن شاعري، ٻوليءَ توڙي فڪر جي لحاظ کان اعليٰ درجي جي آهي. سندن تشبيهون ٺيٺ آهن، جيڪي سندن گھري مشاهدي جي شاهدي ڏين ٿيون. سندن شاعري جي عظمت هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جو سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه به
ڪيترائي بيت شاهه ڪريم جي بيتن کان متاثر ٿي چيا آهن.
سندن ڪل 94 بيت آهن، جيڪي “بيان العارفين في تنبيهُ الغافلين” ۾ ڏنل آهن، جيڪي سندن مريد ميان محمد رضا گڏ ڪيا. ميان محمد رضا، قاضي قاضن جا بيت ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام پڻ ڪَٺو ڪيو، جيڪو وقت به وقت شاهه ڪريم جن پڙهڻدا رهندا هئا.
سنڌ جي هن باڪمال بزرگ شاعر 88 ورهين جي ڄمار ۾ 1623ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.