سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا
مقاميت نگاري
هن قسم جي ادب ۾ فنڪار ڪنهن خاص علائقي جي ٻولي، ثقافت، ريتن، رسمن ۽ سوچن کي پنهنجي فن ۾ اجاگر ڪندو آهي. نسيم کرل جي ڪهاڻي “پهرين مراد”، رسول بخش پليجي جي ڪهاڻي “جتي باهه ٻري“، جمال ابڙي جي ڪهاڻي “پيراڻي” ۽ امر جليل جي ڪهاڻي “ساجن منهنجو دوست “ مقاميت نگاري جو بهترين مثال آهن. انهن کان علاوه عبدالقادر جوڻيجو، ماهتاب محبوب، غلام نبي مغل، سراج ميمڻ ۽ محمد صديق مڱيو به بهترين مقاميت نگار آهن.
قوم پرستي
هي رجحان اسان جي ملڪي حالتن جي پيداوار آهي. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ سنڌي اديبن ۾ به قوم پرستي جو جذبو وڌي ويو ۽ انهن جي ڪهاڻين جو موضوع قومپرستي بنجي ويو.
قوم پرستي جي رجحان کي سنڌ جي قومي، ثقافتي ۽ ٻولي وارين تحريڪن کان به ڪافي هٿي ملي. امر جليل، سراج، عبدالحق عالماڻي، ڊاڪٽر نجم عباسي، علي بابا، رسول بخش پليجو، عبدالقادر جوٹيجو وغيره هن رجحان جا بهترين عڪاس آهن.
نفسياتي رجحان
شروعاتي افسانن ۾ گهڻو ڪري سڄو زور حالتن ۽ واقعن تي هوندو هو. ڪردار، حالتن جا غلام هئا ۽ ائين ڪندا نظر ايندا هئا، جيڪا معروضي حالتن جي تقاضا هئي. پر پوءِ آهستي آهستي ڪردارن جي دل ۽ دماغ جي ڳالهه به افسانن ۾ ٿيڻ لڳي.
ڪردارن جي اندر جي امنگن، حسرتن ۽ نفساني ڪشمڪش کي به افساني جو موضوع بنايو ويو.
جمال ابڙي جي ڪهاڻي “پشو پاشا”، غلام رباني جي “بدلو“، بشير مورياڻي جي “پريم” ۽ حفيظ شيخ جي ”امان، مان اسڪول ڪونه ويندس“، نفسياتي رجحان جون بهترين اوائلي ڪهاڻيون آهن. ان کان پوءِ ٻين ڪيترن ئي پنهنجن ڪاوشن ۾ هن رجحان کي اڳتي وڌايو، انهن ۾ غلام نبي مغل، نورالهديٰ شاهه، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، رسول بخش پليجو سرِفهرست آهن.
اهي هئا مکيه جديد لاڙا جن سنڌي ادب کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. انهن کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي فڪري تحريڪون هليون آهن، جن جو ٿورو يا گهڻو اثر اسان جي ادب تي ضرور پيو آهي، انهن ادبي تحريڪن ۾ رومانيت، انسان پرستي، عقل پرستي، وجوديت، فئنٽيسي سريئلزم وغيره، اسان جي اديبن کي ڪافي متاثر ڪيو آهي، جن جو عڪس سندن تخليقن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.