مضمون نويسي
مضمون نويسي به اسان وٽ انگريزن جي معرفت پهتي. مضمون تي وڌيڪ ڪجھه لکڻ بدران اچو ته پهرين مضمون جي وصفن جو جائزو وٺون.
مشهور مضمون نويس جانسن چوي ٿو:
مضمون انساني اندر جي اڻ هضم ٿيل ۽ بي ترتيب خيالن سان ڀرپور، هڪ مختصر ادبي تحرير آهي، جا ڪنهن خوش مزاج دل مان آزاديءَ سان نڪري نروار ٿئي ٿي.“
سر ايڊمنڊ گاس چوي ٿو:
“مضمون عام طرح سان هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن ۾ مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلوئن تي آسان ۽ سرسري نظر وجهي ٿو ۽ موضوع تي صرف انهيءَ حد تائين بحث ڪري ٿو، جيستائين سندس شخصيت ان موضوع کان متاثر ٿيل هوندي آهي.“
“مضمون، نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا سماجي موضوع تي شخصي يا تاريخي نقطئه نظر کان روشني وڌي وئي هجي ۽ زياده طويل نه هجي.“
مٿين وصفن کي پڙهڻ کان پوءِ مضمون بابت هيٺيان نقطا ذهن ۾ اچن ٿا:
1) مضمون جي طوالت درمياني هئڻ گهرجي.
2) مضمون نثر ۾ هئڻ ضروري آهي.
3) مضمون جو تعلق موضوع جي خارجي رخن سان هجي ته بهتر.
4) مضمون تي پابندي انهيءَ حد تائين هجي، جيستائين مضمون نگار جو تعلق آهي يعني سندس شخصيت جوعڪس مضمون ۾ ڏسڻ ۾ اچي.
5) مضمون جي ٻولي عام فهم سادي ۽ سوادي هجي.
مرحوم محمد اسماعيل عرساڻي جيڪو پاڻ به هڪ سٺو مضمون نگار هو، مضمون بابت لکي ٿو: “مضمون نگاري ۽ انفرادي سوچ ۽ فڪر، ڪلام ۽ گفتگو جي انداز ذاتي مشاهدن ۽ تجربن ۽ پنهنجي افتاد طبع جو گهڻو دخل هوندو آهي. مضمون نگاريءَ جو فن رنگين ۽ دلچسپ آهي. جنهن ۾ پڙهندڙ گهڻو ڪري لطف اندوز ٿيندو آهي. زبان جي نزاڪت ۽ صحت جي مشق پڻ هن صنف مان ئي ٿيندي آهي. مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو آهي ته ڪٿي وري پنهنجا ذاتي خيال ۽ تجربا بيان ڪندو آهي. ڪٿي ڪو لطيفو پيش ڪندو آهي ته ڪڏهن تخيلات ۽ منظر نگاريءَ جي واديءَ ۾ گم ٿيندو آهي. ڪڏهن اخلاقي سبب ٻڌائيندو آهي ۽ ڪڏهن طنز و مزاح ڪندي وڃي مٿي چڙهندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ڳالهه مان ٻي ڳالهه ٺاهيندو ويندو آهي، پر اهو سڀ ڪجھه اهڙي ته لطيف پيرايي ۾ هوندو آهي، جو پڙهندڙ ان کي پڙهندي ذهني سُرورمحسوس ڪندو آهي.“
سنڌي مضمون نگاريءَ جي تاريخ
اسان جي شاعري جون صنفون گھڻو ڪري برصغير جي ٻولين ۽ شاعرن کان متاثر رهيون آهن، پر ان جي ابتڙ اسان جي نثر جون تقريباً سڀ صنفون يورپ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ادب کان متاثر رهيون آهن.
سنڌي مضمون نويسي جي تاريخ کي ٽن دؤرن ۾ ورهائي ان جو جائزو ورتو وڃي ٿو:
پهريون دؤر (1861ع کان 1900ع)
سنڌي ۾ مضمون نويسي جي ابتدا سنڌي صحافت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي. پهرين سنڌي اخبار مرزا محمد صادق 1861ع ۾ جاري ڪئي. ان کان پوءِ ٻيون به ڪجھه سنڌي اخبارون نڪتيون. جن ۾ هر قسم جا مضمون لکيا ويندا هئا. “سرسوتي مخزن” جا ڪجھه مضمون ڪٺا ڪري “هيري جون ڪڻيون” جي نالي سان ڇپايا ويا. ان کان علاوه “جوت “ اخبار جا مضمون “گل ڦل” جي نالي سان ڇپايا ويا.
سنڌي ٻوليءَ جي اڻٿڪ عالم مرزا قليچ بيگ هن صنف تي به پنهنجي قلم کي ڀرپور نموني سان استعمال ڪيو. هن ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکڻ سان گڏ لارڊ بيڪن جي مضمونن جي مجموعي (Becon’s Essays) کي “مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. مرزا صاحب اهڙي ته سليس انداز سان ترجمو ڪيو، جو پڙهڻ کان پوءِ اهو لڳي ئي ڪونه ٿو ته اهي مضمون ڪي ترجمو ڪيل آهن. هن دؤر جي مضمون جو موضوع گهڻو ڪري اخلاقي، سماجي. تعليمي ۽ معلوماتي آهي.
ٻيو دؤر (1900ع کان 1947ع)
سال 1900ع ڌاري ڪافي سنڌي اخبارون ۽ رسالا شايع ٿيڻ لڳا. جن ۾ هر قسم جا مضمون ڇپجڻ لڳا. هن دؤر جا ناميارا صحافي سٺا مضمون نگار پڻ هئا. انهن ۾ شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، محمد هاشم 'مخلص' ۽ مولانا دين محمد وفائي سرفهرست آهن. شمس الدين جا مضمون پڙهڻ سان تعلق رکن ٿا. سندس انداز طنز و مزاح وارو آهي ۽ ٻولي وڻندڙ آهي. سندس مضمونن جو موضوع نئين تهذيب ۽ تمدن جي خرابين تي ٻڌل هو.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هن دؤر جو بهترين اديب ٿي گُذريو آهي. سندس مضمونن جو موضوع گهڻو ڪري تاريخ، مذهب ۽ سياست هوندو هو. ان کان سواءِ ڄيٺمل به هن دؤر جو سٺو مضمون نگار هو. سندس لکڻ جو انداز تمام وڻندڙ هو.
هن دؤر ۾ هن صنف ڪافي ترقي ڪئي. هر قسم جا مضمون لکيا ويا، جن ۾ سنجيده ۽ فلسفيانه قسم جا مضمون به هئا، ته ظرافت ۽ طنز و مزاح سان ڀرپور مضمون پڻ. مضمون نگاري جي ترقي سنڌي ٻولي ۽ لغت لاءِ انتهائي خوشگوار ثابت ٿي.
ھِن دؤر ۾ هيٺيان مضمونن جا مجموعا شايع ٿيا:
1. چڻنگون تيرٿ وسنت
2. ادبي غنچو نارائڻ داس ڀمڀاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي
3. ادبي آئينو ليکراج عزيز
4. ڳوٺاڻي چهر ۽ اناردانه نارائڻ داس ملڪاڻي
5. سدا گلاب لال چند امر ڏنومل
6. درسِ عمل عثمان علي انصاري
انهن کان علاوه منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، الله بچايو سمون ۽ محمد اسماعيل عرساڻي پڻ سٺا مضمون نگار هئا.
ٽيون دؤر (ورهاڱي کان اڄ تائين)
هن دؤر جي شروعات به سنڌي نثر جي ٻين صنفن وانگر خوشگوار ثابت نه ٿي. سنڌي جيڪي هندستان لڏي ويا. اهي ناميارن اديبن ۽ شاعرن سان گڏ، سنڌي پريسن ۽ اخبارن جا مالڪ به هئا، انهن جي وڃڻ سبب هڪ وڏو خال ٿي پيو. وري انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ حالتون به بلڪل سازگار نه ٿي سگھيون.
ورهاڱي کان ترت پوءِ جيڪا بي سرو ساماني پيدا ٿي، جنهن کي سياسي ڪشمڪش ۽ معاشي بدحالي ويتر وڌائي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو زندگي جي ٻين شعبن سان گڏ سنڌي ادب به تمام گهڻو متاثر ٿيو.
مضمون نگاريءَ جي بقا جا آثار تڏهن پيدا ٿيا، جڏهن ڪجھه رسالا نڪرڻ لڳا ۽ انهن ۾ چڱيرڙا مضمون به ڇپجڻ لڳا. شروع ۾ ”نئين زندگي” ۽ “مهراڻ” رسالا نڪتا، جن مضمون نگاريءَ جي فن کي ڪافي اڳتي وڌايو. ان کان پوءِ آهستي آهستي ٻيا رسالا ۽ اخبارون نڪرڻ لڳيون جن ۾ باقاعدگيءَ سان مضمون لکجڻ لڳا.
هِن دؤر جي شروعات ۾ محمد اسماعيل عرساڻي، ڪريم ڏنو راڄپر ۽ عطا حسين موسوي بهترين مضمون نگار هئا، پر عطا حسين موسوي کي سڀني کان وڌيڪ ساراهيو ويندو هو، ڇو ته سندس مضمون ڏاڍا دلچسپ ۽ طنز و مزاح سان ڀرپور هئا.
تاريخي مضمونن ۾ پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو نالو سرفهرست آهي. هي پاڻ به تاريخ جو پروفيسر هو ۽ تاريخي حقيقت کي ڪمال فنڪاريءَ سان مضمون جو روپ ڏيندو هو.
ان کان پوءِ علي محمد راشدي، حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جي - ايم سيد، شمس الدين عرساڻي، محمد ابراهيم جويو، حيدر علي لغاري، انعام شيخ ۽ جامي چانڊيو ڪافي مضمون لکيا آهن. لطيف شناسيءَ جي حوالي سان مضمون نگاري ۾ حيدر علي لغاري جو نالو سرِفهرست آهي.