لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

سنڌي ڊرامو

ڊرامي جي ابتدا نقل ڪرڻ سان ٿي. ڇو ته نقالي ڪرڻ انسان جي فطرت آهي. ادب جي ٻين ڪافي صنفن وانگر ڊرامي جي ابتدا به مذهب کان ٿي.
ڊرامو قوم جي زندگيءَ جو عڪس آهي. قومي زندگي ۾ تبديليون اينديون رهنديون آهن. تنهن ڪري ڊرامو به انهن سان گڏ تبديل ٿيندو رهندو آهي ۽ ان جا مقصد به تبديل ٿيندا رهن ٿا. ان سان گڏ ڊرامو تفريح به مهيا ڪندو آهي، پر ڊرامي جو اصل مقصد قوم کي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪري انهن جو حل ٻڌائڻ ۽ قومي مفاد وٽان تبيلغ ۽ تلقين جا فرائض بجا آڻڻ آهي.

ڊرامي جون فني خوبيون
ڊرامي جا ٻه مکيه قسم آهن:
1. ٽريجڊي
2. ڪاميڊي

ٽريجڊي
ٽريجڊيءَ وارن ڊرامن جي پڇاڙي ڏک واري انداز سان ٿئي ٿي ۽ ناظرين جي ذهنن تي ڏک جو تاثر بيهي وڃي ٿو. شروع ۾ اهڙن ڊرامن لکڻ جو مقصد هو ته “تقدير، تدبير کان سگهاري آهي.“ جو تاثر ڏيئي سگهجي.
ٽريجڊيءَ وارن ڊرامن جي هڪ خاصيت اها آهي ته انهن جا ناظرين ڊرامي جي ڪردارن جو ڏک، پنهنجو ڏک سمجهندا آهن. اهڙي طريقي سان ڏسندڙ جي اصلاح به ٿئي ٿي ۽ ذهني نشونما به.

ڪاميڊي
ڪاميڊي ڊرامن ۾ رڳو کل خوشي هوندي آهي، جنهن جو مقصد آهي، ته ڏکن ۾ پيڙهيل انسان کي ڪجھه گهڙيون سڪون جون مهيا ڪجن.
ڊرامي ۾ هيٺيون خوبيون هجڻ گهرجن:
1) ڊرامي جو پلاٽ جاندار ۽ حالتن پٽاندر هجي.
2) ڊائلاگ زندگيءَ سان ڀرپور هجن.
3) ڪهاڻي جو تسلسل ٽٽڻ نه گهرجي.
4) آغاز ۽ انجام پُر تاثر هجن.
5) ڊرامو سبق آموزهجي ۽ ان ۾ تفريح جو سامان به هجي.
6) ڊرامي ۾ فحاشي ۽ هلڪڙائي نه هجي.
7) ڊرامو سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ هجي.

سنڌي ڊرامي جي ارتقا
سنڌي ڊرامي جي ابتدا اوڻهين صدي جي آخر ۾ ٿي. هن دؤر ۾ ڪافي ناٽڪ منڊليون هندستان جي ٻين شهرن مان آيون ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڊراما ڪيائون. اهي ڊراما ڏسي هتي جي ماڻهن ڊرامن لکڻ جي شروعات ڪئي.

اوائلي سنڌي ڊرامو(1880ع کان 1894ع)
سنڌي ڊرامي جو سهرو به جناب مرزا قليچ بيگ جي سر تي آهي. پاڻ 1880ع ۾ “ليليٰ مجنون” ڊرامو لکي، سنڌي ناٽڪ جو بنياد وڌائين. جلد ٻيو ڊرامو “ خورشيد “ لکيائين ۽ ڪيترائي ترجما پڻ ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جي ڊرامي لکڻ کان پوءِ ڪيترن ئي اديبن کي شوق جاڳيو. مرزا صاحب جي ڊرامن کان پوءِ ديوان ڪوڙي مل ڪيترائي ڊراما لکيا. جن مان “رتناولي” کي شاهڪار جي حيثيت حاصل آهي.
جن ٻين صاحبن ڊراما لکيا، انهن مان چند هي آهن: ماستر ڄيٺانند، لوڪ سنگھه، ليلا رام سنگھه وغيره. هن دؤر جي ڊرامن جو مرڪزي خيال اهو هو ته انسان تقدير اڳيان بيوس آهن. ڪيتري به جاکوڙ ڪرڻ کان پوءِ به انسان کي تقدير جي اڳيان جھڪندو ڏيکاريو ويو ۽ سڀ تدبيرون بيڪار ڏيکاريون ويون.
هن دؤر ۾ هندي، اُردو، بنگالي ۽ گجراتي تان ڪافي ڊراما ترجمو ڪيا ويا.

ڊرامي جو ٻيو دؤر (1894ع کان 1923ع) (حقيقت نگاري جو دؤر)
هن دؤر ۾ انگريزيءَ مان گھڻا ترجما ڪيا ويا، تنھن ڪري جيڪڏهن هن دؤر کي انگريزي ترجمن جو دؤر به چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
هن دؤر جا ڊراما انگريزي ادب کان ڪافي متاثر هئا. هن دؤر ۾ انساني جدوجهد ۽ تدبير کي اهميت ڏني وئي. انهيءَ نظريي جي پرچار ڪئي وئي ته انساني تقدير، انساني جدوجهد سان ئي ٺهندي آهي.
ترجمن جو سهرو هميشه وانگر مرزا قليچ بيگ جي سر تي آهي، جنهن شيڪسپيئر جا ڪافي ڊراما ترجمو ڪيا، جن مان ڪجھه نالا هي آهن، “ڪنگ ليئر” جيڪو “شاھ ايليا” جي نالي سان ترجمو ڪيائين. “مرچنٽ آف وينس” کي “حُسنا دلدار” جي نالي سان ترجمو ڪيائين، جيڪو 1897ع ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ۽ تمام گهڻو داد وصول ڪيائين. “روميو جوليٽ”، “فيروز دل افروز” ۽ “نيڪي بدي” وغيره جهڙا ڪافي ڊراما لکيائين ۽ “ڪاليداس” جي ڊرامن کي پڻ سنڌي ويس ڍڪايائين.
مرزا صاحب کان پوءِ هن دؤر ۾ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ به ڪافي ڊراما لکيا.
ان کان علاوه جن صاحبن سنڌي ڊراما لکيا يا ترجما ڪيا، انهن جا نالا هي آهن:
ڄيٺمل پرسرام، ڀاڳچند آڏواڻي، آسانند مامتوراءِ، تيرٿ وسنت، شيرا سنگهھ، تيجومل شاهاڻي، لال چند امرڏنومل، ليکراج عزيز، ڪشنچند بيوس ۽ هرومل پريمچند وغيره.

ناٽڪ منڊلين جو قيام
1894ع ۾ ڊي - جي ڪاليج ڪراچي ۾ “اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي” نالي پهرين ناٽڪ منڊلي جو بنياد رکيو ويو، جنهن 1913ع تائين ڪافي سنڌي ڊرامن کي ڪتابن جي دنيا مان کڻي اسٽيج جي دنيا ۾ آندو.
1896ع ۾ “حيدرآباد اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي” برپا ٿي. 1907ع ۾ ڪشنچند بيوس چانڊڪا اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي جو بنياد رکيو.
1917ع ۾ “ڌرم اپڪا اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي” شڪارپور ۾ قائم ٿي. جن کان علاوه سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ڪافي ننڍيون وڏيون ناٽڪ منڊليون کليون، جن سنڌي ڊرامن کي اسٽيج تي آڻي عظيم خدمتون سرانجام ڏنيون.

ڊرامي جو ٽيون دؤر (1923ع کان 1947ع) (سماجي مسئلن جو دؤر)
هن دؤر جي شروعات جناب خانچند درياڻيءَ جي نالي سان ٿئي ٿي. درياڻي صاحب، مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سڀ کان وڏو ڊراما نگار هو. درياڻي صاحب جو موضوع “سماجي مسئلا” هو، جن تي لکي هن سنڌي پڙهيل لکيل طبقي ۾ ذهني انقلاب آندو. سندس چند مشهور ڊرامن جا نالا هي آهن:
“جيئرِي تي جيئرِي”، “ديش صدقي”، “بک جو شڪار” “مايا جو انڌ” وغيره.
هن دؤر ۾ لوڪ ڪهاڻين تي ٻڌل ناٽڪ پڻ لکيا ويا، جن جي شروعات به درياڻي صاحب ڪئي.
منگهارام ملڪاڻي، هن دؤر جي هڪ قدآور شخصيت آهي، جنهن ڪيترائي ڊراما لکيا ۽ پنهنجو پاڻ کي هن فن ۾ تخليقڪار جي حيثيت ۾ مڃرايائين. سندس مشهور ڊراما هي آهن:
“بي دل”، “اڪيلي زال”، “کن جي خطا”، “انارڪلي.“
هن دؤر ۾ انوکن ۽ عجيب موضوعن تي لکڻ وارو محمد عثمان ڏيپلائي هو. هن جا مشهور ڊراما هي آهن:“ڪورٽ”، “شاهدي”، “نجومي.“
محمد اسماعيل عرساڻي ماهر تعليم هجڻ سان گڏوگڏ سٺو ڊرامه نگار به هو. ”بدنصيب ٿري” ۽ “ڊزن ڊائلاگ” سندس مقبول ڊرامه هئا. ان کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي ڊراما “اخبار تعليم“، ۾ ڇپيا.
هن دؤر ۾ لوڪ ڪهاڻين تي ٻڌل ڪيترائي ڊراما لکيا ويا، جن مان لعلچند جو “عمر مارئي”، ۽ رام پنجواڻي جو “مومل راڻو” تمام گهڻو مشهور ٿيا.

ڊرامي جو چوٿون دؤر (1947ع کان هن وقت تائين)
ورهاڱي کان پوءِ ڊرامي لکڻ جو ڪم تمام گهڻو گهٽجي ويو، پر وري آهستي آهستي ڊرامه لکجڻ لڳا ۽ اسٽيج تي پيش ٿيڻ لڳا، پر هاڻي دنيا بدلجي چڪي هئي. سائنسي دؤر جو اثر ڊرامي تي به پيو، تنهن ڪري هن دؤر جي ڊرامي کي اسٽيج کان علاوه ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

(1) فلمي ناٽڪ جو دؤر
سنڌي ڊرامي هاڻي اسڪرين جي شڪل ورتي ۽ پهرين سنڌي فلم “ايڪتا” جو روپ وٺي بمبئي مان نروار ٿيو. هي فلم مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ٺاهي.
ٻي سنڌي فلم “عمر مارئي” هئي، جيڪا حسين شاهه فاضلاڻيءَ ٺاهي. ان کان پوءِ ڪيتريون ئي سنڌي فلمون ٺهيون ۽ اڃان تائين ٺهن پيون.

(2) ريڊيائي ناٽڪ جو دؤر
ريڊيو تان پهريون سنڌي ناٽڪ “موسم ۽ مجبوري” مصطفيٰ قريشي پيش ڪيو. ان کان پوءِ ممتاز مرزا، آغا سليم، مراد علي مرزا، منظور نقوي، سراج ميمڻ، شبير چنا، قاضي خادم ۽ ٻين ڪيترن جا ڊراما ريڊيو تان نشر ٿي داد وصول ڪري چڪا آهن.

(3) ٽي - وي ناٽڪ جو دؤر
پاڪستان ٽيليويزن تان جڏهن سنڌي پروگرام پيش ٿيا، ته انهن ۾ سنڌي ڊرامو به پيش ڪيو ويو. ريڊيو تي لکندڙ ناٽڪ نويس ۽ ٻيا ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ به سنڌي ڊراما لکڻ لڳا. انهن ۾ سرفهرست ممتاز مرزا، امر جليل، علي بابا، آغا سليم، عبدالقادر جوٹيجو، نورالهديٰ شاهه وغيره آهن. علي بابا جو ڊرامو “دنگي منجھه درياه” ته بين الاقوامي ايوارڊ ‏ حاصل ڪري چڪو آهي. ٽي - وي تي لکندڙن ۾ سرفهرست ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ، شاهه آغا رفيق، شوڪت شورو، زيب سنڌي، ماڪن شاهه رضوي، عزيز ڪنگراڻي وغيره آهن.
ان کان علاوه اسٽيج جي دنيا ۾ به ڪافي ترقي ٿي آهي. ڪيتريون ئي ڊراميٽڪ سوسائٽيون سنڌي ڊرامي جي خدمت ڪري رهيون آهن، جن جا مرڪز حيدرآباد، هالا ۽ لاڙڪاڻو آهن. حيدرآباد ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامن جا روح روان جناب ايم _ ايم بلوچ، يونس سنائي ۽ ايس ڀٽي آهن. لاڙڪاڻي ۾ وري اڪبر بلوچ، ابڙا پراڊڪشن ۽ لطيف ڊراميٽڪ سوسائٽي وغيره سرگرم آهن. اسٽيج جي دنيا ۾ ايم ايم بلوچ صاحب ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي. سنڌ جي تقريباً هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪيترائي ڊراما ڪندو رهيو آهي. پاڻ هڪ ئي وقت بهترين ڊرامه نگار، اداڪار، هدايت ڪار ۽ شاعر به آهي. سندس شاگردن جو تعداد لاتعداد آهي، جيڪي اسٽيج، ريڊيو، ٽي - وي ۽ فلم ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سنڌي ناٽڪ جي بي انتها خدمت ڪري رهيا آهن.