لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

سنڌي غزل جي تاريخ

غزل اسان وٽ فارسي جي وسيلي آيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ فارسيءَ جو ايترو ته اثر وڌي ويو، جو سنڌي شاعر پنهنجي ٻولي وساري فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا. ڪلهوڙن جي دؤر ۾، ٽکڙ جي ڪجھه شاعرن فارسي گاڏڙ سنڌيءَ ۾ غزل جي شروعات ڪئي. هتي غزل جي تاريخ کي ٽن حصن ۾ ورهائي مختصر جائزو ورتو وڃي ٿو:

اوائلي دؤر
غزل جو اوائلي دؤر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر تي مشتمل آهي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ نور محمد خسته ۽ مرزا تقيءَ ڪجھه غزل چيا، پر انهن تي فارسيءَ جو تمام گهڻو اثر هو. ٽالپرن جي دؤر ۾ سچل سرمست به ڪُجھه غزل چيا جيڪي مجاز جي مهميز سان ڀرپور هئا.
هن دؤر جي غزل جا ڪُجھه نمونا هيٺ ڏجن ٿا:
تا برا فگندي از رخ تو نقاب
حشر ٿيو آفتاب، لايو ته آب
(نور محمد خسته)
آهي انهن اکين کي، خاصو خمار تنهنجو
ويٺو وٺي مان آهيان، ڪامل قرار تنهنجو
(سچل سرمست)
هن دؤر جا ڪجھه ٻيا غزل جا ناميارا شاعر هيٺيان هئا:
ثابت علي شاهه، مير حسن علي خان ۽ مير نصير خان وغيره.

ٻيو دؤر
غزل جو ٻيو دؤر انگريزن جي دؤر تي مشتمل آهي. هن دؤر ۾ غزل تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ ڪيترائي غزل گو شاعر پيدا ٿيا.
هن دؤر جي غزل جو باني “خليفو گل محمد گل” آهي. هي سنڌي غزل جو پهريون صاحب ديوان شاعر آهي. گل سنڌي غزل کي هڪ نئون موڙ ڏنو. هن فارسي روايتن ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن کي ملائي غزل ۾ هڪ حسين امتزاج پيدا ڪيو. گل جي غزل تي تبصرو ڪندي شيخ عبدالرزاق 'راز' لکي ٿو. “غزل ۾ هن خالص سنڌي قدرن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ غزل ۾ فارسيت جي بجاءِ سنڌيت کي ڪم آندو آهي، سنڌي ماحول، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي مزاج کي غزل ۾ سموئڻ جي هڪ وڏي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اجنبيت ۽ غيريت مٽائڻ جو سعيو ڪيو آهي. هيئت جي اعتبار کان ته غزل فارسي هيئت جي مطابق آهي، پر فڪري ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سندس غزل سنڌيت
جي بلڪل قريب آهن.“
گل پنهنجي غزلن ۾ حُسن و عشق کي مکيه موضوع بڻايو آهي ان سان گڏ فطرت نگاري، فلسفي، تصوف ۽ اخلاقيات کي به پنهنجي غزلن ۾ جاءِ ڏني آهي. سندس غزل جا ڪجھه نمونا هيٺ ڏجن ٿا:
“اندر ۾ عشق جنهنجي جاءِ پنهنجي ٿو وهي جوڙ
وس برسات جيئن دائم، تنين جا نيڻ ٿيا آلا.“
“پيالو مئي سندو ڏي، پُر ڪري محبوب متوالا
ته مستي ۾ محبوب جي، ڪيون هن هوش کي حالا”
“آئي رت سانوڻ سندي، مينهن وسي ڪيا ملار
ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا، سرها ٿيا سانگي سنگهار”

آخوند قاسم هالائي
خليفي گل کان پوءِ هن دؤر جو ٻيو ناميارو شاعر آخوند قاسم هالائي آهي. هي بنيادي طور تي فارسيءَ جو شاعر هو، پر پوءِ هن سنڌي غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ حُسن و عشق سان گڏ اخلاقي پهلو به ڪافي نمايان آهي. سندس غزل جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“جي امانت عشق جي آڻين بجا
حشر ۾ تن تي نه هوندو ڪو عذاب”
“دُور دنيا جي ڌنڌي کان ڌار ٿي
سير رک ره صاف هن سنسار ۾“
خليفي گل ۽ آخوند قاسم کان علاوه هن دؤر جا ٻيا شاعر هي هئا. سيد حيدر شاهه، مصري شاهه، مير حسن علي خان “حسن”، غلام محمد شاهه “گدا” ۽ فضل محمد “ماتم.“

مير عبدالحسين سانگي
هن دؤر جو اهم شاعر آهي، سندس شاعريءَ جا ٻه اهم رجحان آهن، هڪ “عشق” ٻيو “درد.“ سانگيءَ کي ننڍيء عُمر ۾ ئي عشق جي چپيٽ لڳي هئي، تنهن ڪري سندس شاعري حُسن ۽ عشق جي واردا تن سان ڀرپور آهي. هن قسم جي شاعريءَ کي “غم جانان” به چيو وڃي ٿو سانگي چوي ٿو ته:
نه ٻڌو ٿا سوال سانگيءَ جو
اي بُتو، ڇو اهڙا بي حيا ٿيا آهيو
سياسي اُٿل پٿل ڪري سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ خارجيت جو اثر به نمايان ٿيو ۽ سندس شاعري غم دؤران جو به عڪس پيش ڪرڻ لڳي:
“آهي ‏ اهڙو اچي آخر ۾ قسمت کي خزان ورتو
چمن جو سير ڪيوسين ٿي ته مرغان چمن بگڙيا.“
“نه رياست نه امارت نه خلافت آهي
ٿيندا اهڙا به هن ڪي هزهائينس”

مرزا قليچ بيگ
مرزا قليچ بيگ گهڻو ڪري ناصحاڻه شاعري ڪئي آهي ۽ اخلافيات کي پنهنجي غزل جو موضوع بڻايو آهي. پر ان هوندي به سندس غزل ۾ حسن ۽ عشق جو چڱو خاصو ذڪر ملي ٿو:
”ڇو نه تڙڦي سيني ۾ هي دل منهنجي پکيءَ جان
هٿ ۾ ڪمان ان جي ۽ ٿيا تير بغل ۾”
هنن شاعرن کان علاوه مولانا عبدالغفور همايوني، شمس الدين ”بلبل“، آغا غلام نبي، محمد هاشم ”مخلص“، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ علي اصغر شاهه غزل جا چڱا شاعر هئا.

3. ورهاڱي کان اڄ تائين
غزل جو نئون دؤر ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. هن دؤر ۾ ڪجھه شاعرن ته غزل جي روايتي ڍانچي ۽ موضع کي ئي برقرار رکيو پر اڪثر شاعرن غزل ۾ نوان نوان تجربا ڪري غزل کي هڪ نئون دؤر ڏنو آهي. انهن جدت پسند شاعرن جو قائد شيخ اياز آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو ويهين صدي جو وڏي کان وڏو شاعر آهي. هيٺ شيخ اياز جي غزل تي مختصر تبصرو پيش ڪجي ٿو:

شيخ اياز
شيخ اياز جو غزل، غزل جي روايتن سان ڀرپور بغاوت ڪري ٿو. اياز کان اڳ جن شاعرن فارسيءَ جي تقليد ڪندي غزلن جا ڍير ڪري ديوان ڇپايا هئا، اياز پنهنجي قلم جي هڪ ئي جنبش سان انهن سڀني کي بي معنيٰ بنائي ڇڏيو. اهي ديوان رقيب تي لعنت ملامت محبوب جي غمزن، باغ و بستان، نرگس شهلا ۽ لاله صحرا وغيره سان ڀرپور هئا. اياز انهن جي جڳهه تي نيون تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا، نوان قافيا ٺاهيا ۽ ايراني گل و گلزار جي جاءِ تي سنڌ جا واهڻ وسنديون، برپٽ ۽ بيابان استعمال ڪري غزل کي گيڙو ويس بنائي ڇڏيو.
“پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن،
ڀٽائي! ڏسين ٿو، وڄون ٿيون ورن؟”
“ٻنا ٻوڙ وسنديون، ٻڪر ٻوس تي،
گھڻي وقت کان ٿيون گهٽائون گڙن.“


اياز سنڌي غزل کي نج سنڌي ماحول ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي ڏني آهي. سندس غزلن ۾ سنڌيت جي خوشبو اعليٰ درجي جي آهي. سندس هي سٽون ته ڏسو:
“کيت کُورا ٿيا، ڏينهن ڏاڍا تتا
آءُ ڪاري گهٽا، اڄ ته ڇوڙي ڇَتا.“
”هي سَين نه ڏيندي چين، اٿي ڏس! ڪوئي آيو آ پيارا،
هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا.“
شيخ اياز نه صرف ٻوليءَ ۽ ڍانچي جي لحاظ کان بغاوت ڪئي آهي، پر هن موضوع جي لحاظ کان به جدت پيدا ڪئي آهي. غزل ۾ داخليت اهم جز سمجهي ويندي هئي، پر اياز خارجيت کي به تمام گھڻي اهميت ڏني آهي. اياز پنهنجي ڌرتيءَ سان، ڌرتيءَ وارن سان ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان ڪيئي هاڃا ٿيندي اکين سان ڏٺا ۽ پاڻ به گهڻو ڪجھه سٺو. اهو سڀ ڪجھه سندس شاعري جو موضوع بنجي ويو ۽ اياز آواز ڏنو:
”ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اوچي اوچي اوٽ ڏسي
زندان اڏائي وينداسين، زنجير پگهاري وينداسين،
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر هيئن نه مرنداسين او ساٿي
ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين”
اياز وٽ غزل جي روايتي موضوع يعني حسن ۽ عشق به بي پناهه ترقي ڪئي آهي، پنهنجي انتظار جي ڪيفيت هن طرح ٿو بيان ڪري:
“پکي پروڪا اڃان نه آيا، اڪير تن جي هري رهي آ
اداس سر تي هوا اُٺي جي، چئي پئي ڪا اڏار ايندي”
نئين دؤر ۾ استاد بخاري به هڪ سٺو شاعر آهي. سندس شاعري به غزل جي قديم روايتن کان کليل بغاوت آهي. سندس غزلن ۾ حُسن به آهي پر اهو ڌرتي جو حُسن آهي سندس شاعريءَ ۾ عشق به آهي پر اهو مارو ماڻهن سان آهي. سندس غزلن جو گهڻو حصو سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهي. پاڻ چوي ٿو:
“ڦورو ماڻهو: سڀ ڪجھه ڦريو پوءِ به ڦرڻ لئه ڦيرا ڏين.
ڦريل ماڻهو: ٻيو ته ڇڏيو پر ديس ڦرايو ويٺا آهن
رهزن ماڻهو: بگهڙن وانگون ٽوليون ٺاهيو، روڪن راهون
رهبر ماڻهو: هرڻين وانگر نيڻ ٽمايون بيٺا آهن”
سندس غزل همت ۽ بهادريءَ جو به سبق ڏين ٿا. ظالم سان وڙهڻ، حق وٺڻ ۽ عزت سان رهڻ وغيره اهڙا قدر آهن، جيڪي هر غيرت مند قوم ۾ هوندا آهن ۽ اهي ئي قدر سندن بقا جو سبب به هوندا آهن. استاد چوي ٿو:
“هٿين خالي اسين ظالمن سان لڙنداسين، لڙڻ ڏسجو
اميد آهي، يقين آهي ته کٽينداسين، کٽڻ ڏسجو.“
نئين دؤر جي شاعرن ۾ مرحوم تنوير عباسي به اهم حيثيت جو حامل ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته:
“اوهان ته قرآن پڙهو ۽ اسان ڪتاب لکون
اوهان خدا سان، اسان عشق سان نباه ڪريون”
انهن شاعرن کان علاوه جديد دؤر جا ڪجھه ناميارا غزل گو شاعر هي آهن: تاج بلوچ، شمشير الحيدري، ذوالفقار راشدي، عبدالڪريم گدائي، تاج جويو، عبدالڪريم پلي، وفا پلي، آڪاش انصاري، قمر شهباز، ادل سومرو، سائينداد ساند، اياز گل، سرفراز راڄڙ، منصور ملڪ، عابد مظهر، ايوب کوسو، امداد حسيني، وفا ناٿن شاهي، احمد خان مدهوش ارجن حاسد، حليم باغي، اسحاق سميجو، سردار شاهه، علي آڪاش، بخشل باغي، نصير سومرو، سعيد سومرو، جاويد شبير، حاجي ساند، خطائي ٿيٻو، اشرف پلي، وسيم سومرو، نصير مرزا، ساجد سومرو، عامر سيال، وغيره. سنڌي شاعرائن پڻ غزل گوئي ڪئي آهي. ڪجھه نالا هي آهن، ج ع منگهاڻي، سحر امداد، ليلا مامتاڻي، نذير ناز، رخسانه پريت چنڙ، حميرا نور، شبانه سنڌي، گلشن لغاري، روبينه ابڙو وغيره.