لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

ڊاڪٽر صاحب 1917ع ۾ ڳوٺ جمعو لغاري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. بي – اي جهوناڳڙهه ۽ ايم – اي ۽ ايل – ايل – بي علي ڳڙهه مان پاس ڪيائين. 1946ع ۾ آمريڪا ويو ۽ اتان پي – ايڇ – ڊي ڪري 1949ع ۾ واپس وطن آيو.
ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي انهن چند محققن منجهان آهي جن پنهنجو وجود وساري سنڌي ٻولي ۽ ادب جي بي انتها خدمت ڪئي آهي. پاڻ هيستائين تقريباً اسي کن ڪتاب لکي چڪو آهي. جن مان تقريباً 50 کن ته رڳو لوڪ ادب تي آهن. سندس هيٺيان ڪتاب تمام گهڻا مشهور آهن:
1. ٻيلاين جا ٻول
2. ڪليات حمل
3. سنڌي – اردو لغت
4. جامع سنڌي لغات
5. سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ
6. ميين شاهه عنايت جو ڪلام
7. شاهه لطف الله قادري جو ڪلام
8. سنڌ سينگار شاعري
9. شاهه جو رسالو
ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل خدمتن جو مختصر جائزو وٺجي ٿو:

سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ
ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب 1962ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ تي نئين کوجنا ڪري ان جي بڻ بنياد بابت نئون نظريو ڏنو. پاڻ لکي ٿو:“سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، بلڪه سنسڪرت کان اڳ واري دؤر جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي.“ ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۽ ارتقا تي بهترين تحقيقي مواد پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جو بنيادي ماخذ آهي.

لوڪ ادب
سنڌ جو لوڪ ادب لغت سان گڏوگڏ ڏاهپ جي لفظن جي به اڻ کٽ کاڻ آهي. ڊاڪٽر صاحب هن کاڻ جي، پنهنجي سخت جدوجهد سان، کوٽائي ڪري اسان کي بي بها موتي آڻي ڏنا.
سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڊاڪٽر صاحب کي سونپيو ويو. ڊاڪٽر صاحب هن ڪم جي پورائي لاءِ سنڌ جو چپو چپو گهميو ۽ هر علائقي جي ماڻهن سان مليو ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي جو مشاهدو ڪرڻ سان گڏ انهن وٽان لوڪ ادب به سهيڙيندو ويو ۽ اهڙي طريقي سان ڪيئي ڪتاب لکجي ويا. ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪم واقعي هڪ وڏو ڪارنامو آهي.

ٻيلاين جاٻول
ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪتاب به سندس اڻ ٿڪ ڪوششن جو زندهھ ثبوت آهي. هن ڪتاب جو مواد هٿ ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب لس ٻيلي جي پوري علائقي جو تفصيلي دؤرو ڪيو ۽ اتان جي لوڪ ادب کي سهيڙيو. هن سلسلي ۾ پاڻ لکي ٿو:
“لس ٻيلي جي شاعري عام سنڌي شاعري جو هڪ مکيه ڀاڱو آهي ۽ ڄڻڪ بهتر ڀاڱو، ڇو ته لس ٻيلي جي شاعري ٻيلي جي سڄاڻ سگهڙن ۽ سمجهو سالڪن جي ذوق سبب پنهنجي اصلي صورت ۾ موجود ۽ مروج آهي ۽ زماني جي لٽ ۾ اڃا لٽجي نه ويئي آهي.“

جامع سنڌي لغات
ڊاڪٽر صاحب سنڌي لغت کي گڏ ڪري ان کي سوڌي ۽ سنواري باقائدي پنجن جلدن ۾ پيش ڪيو. جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. ان سان گڏ ڊاڪٽر صاحب “سنڌي اردو لغت“ ۽ “اردو سنڌي لغت“ به تيار ڪئي آهي.

مختلف شاعرن جو ڪلام
ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام گڏ ڪري ڇپايو آهي. ڪجھه وڏن ۽ مشهور شاعرن جي ڪلام کي گڏ ڪري ڌار ڌار رسالا به ڇپايا اٿس، انهن ۾ سرفهرست، “ڪليات حمل”، “ڪليات سانگي”، “شاهه لطف الله جو ڪلام”، “ميين شاھ عنايت جو ڪلام” وغيره آهن. ڊاڪٽر صاحب انهن ڪتابن جو مقدمو به لکيو آهي ۽ ڪلام کي سوڌي ۽ سنواري پيش ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب انهن عالمن منجهان آهن جن ڪڏهن به پنهنجي ڪم تي فخر يا وڏائي نه ڪئي آهي. هو مختلف عهدن تي فائز رهندو آيو آهي. وائيس چانسلري واري دؤر ۾ بي انتها مصروف هوندي به سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي مطابق ”ڊاڪٽر صاحب مرزا قليچ بيگ کانپوء ٻي ادبي اٿل آهي.“واقعي مرزا قليچ بيگ کان پوءِ گھڻي کان گهڻا ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب ئي لکيا آهن.