لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

شيخ اياز (1923 – 1997)

سنڌ ڌرتيءَ کي اهو فخر حاصل آهي ته ان هميشه اهڙين عظيم ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شخصيت کي وساري، سندس سينڌ سجائي آهي. هن ڌرتيءَ جي ڪک هميشه سائي رهي آهي ۽ هر دؤر ۾ منجهانئس مانجهي مرد جنم وٺندا رهيا آهن.
شيخ اياز سنڌ ڌرتيءَ جي، ويهين صديءَ جي، وڏي ۾ وڏي ادبي تخليق آهي. اسان کي جيترو فخر سنڌ ڌرتيءَ تي آهي، اوتروئي سندس تخليق تي به آهي.
سنڌي ٻولي ۽ شاعريءَ تي شيخ اياز جو وڏو احسان اهو آهي جو هن، ان کي دقيانوسي ۽ قديم روايتن کان نجات ڏياري، ان ۾ جدت پيدا ڪئي ۽ ان کي نوان رنگ ۽ روپ بخشيا.
سندس شاعري موضوعي توڙي معنوي لحاظ کان گهڻ پاسائين آهي. هن تمام گھڻن موضوعن تي لکيو آهي ۽ ڀرپور انداز سان لکيو آهي. سندس شاعريءَ تي تبصرو ڪرڻ لاءِ تمام گھڻي تحقيق ۽ وقت جي ضرورت آهي. هتي صرف سندس ٽن اهم موضوعن تي مختصر تبصرو ڪجي ٿو:

سندس شاعري ۾ رومانيت
شيخ اياز رومانيت جو اعليٰ پايي جو شاعر آهي. محبت کان سواءِ ته هن دنيا ۾ ٻيو ڪجھه آهي به ڪونه. هو جيڪڏهن ڌرتي جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان ۾ محبت ئي آهي، جڏهن قوم جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان ۾ به محبت آهي. مطلب ته سندس شاعري جو سرچشمو محبت ئي آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو:
“جنهن محبت نه ڪئي، سو اي اياز، زندگي جي گنهگارن مان آ.“
هن ته خدا کي سڃاڻڻ لاءِ به پنهنجي محبوب جي حسن کي ذريعو بنايو آهي. چوي ٿو:
“اسان سوال ڪيو هو، خدا به آهي ڇا؟
اوهان جو حسن، انهيءَ جو جواب آ سائين.“
سندس روماني شاعري تي تبصرو ڪندي محترم امير علي چانڊيو لکي ٿو “اياز پنهنجي روماني شاعريءَ ۾ پنهنجي ڦوهه جواني جي جذبن جو اظهار نهايت خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي. پوءِ اهو خواه غزل هجي، نظم هجي يا گيت هجي. اياز نهايت فنڪاريءَ سان ۽ خوبصورت انداز ۾ سنڌي شاعري ۾ Taboo جي پابندين کي جهنجهوڙيو آهي. اهڙي قدم كٹڻ لاءِ هو ڪو Vulgar نٿو ٿئي، بلڪه روايت جو هڪ تسلسل آهي، جنهن کي کڻي هُو اڳتي هلي ٿو. ليڪن روايت جي اهڙي تسلسل کي ورتڻ لاءِ جيڪو ڏانوَ گهرجي، سو اياز وٽ ڀرپور انداز ۾ ملي ٿو ۽ هُو ان کي ڀرپور انداز سان نڀائي ٿو. اها ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي جو اياز روايت کي نئون روپ به ڏئي ٿو ۽ ان ۾ جدت به پيدا ڪري ٿو. هو اوپرن ۽ ڌارين لفظن جي بدران مقامي ۽ مانوس لفظ ڪتب آڻي ٿو.“
هيٺيون شعر سندس انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪري ٿو:
“رات اسان رابيل سنگهي سين، هن جي تن سان ڀيٽ ڪئي سين،
رنگ روپ ۾، ون واس ۾ مٺڙو يار “اياز” مٿيرو.“
اياز جي عمر جو ڪوبه حصو محبت جي خوشبو کان خالي نه رهيو. محبت کي زندگيءَ لاءِ تمام ضروري سمجهيو اٿس. چوي ٿو:
“ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا.“
شيخ اياز جي روماني شاعري، محبت جي قديم ۽ جديد تصور جو حسين امتزاج آهي. تصوف ۾ مجازي محبت کي حق تائين پهچڻ ۽ پاڻ سُڃاڻڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي. شيخ اياز به اها ساڳي ڳالهه ڪندي چوي ٿو:
“هاڻِ آئون به تون، لٿو مون تان مامرو،
تون ئي پنهنجي پنڌ ۾، آهين هوت پنهون،
تون ئي پير پِٿون، تون ئي ڏونگر ڏورئين.“
يا وري سر سهڻي ۾ چوي ٿو:
“ڇا مون پنهنجي پاڻ کي، تو ۾ سڃاتو؟
منهنجو توسان سانورا، ننهن ننهن جو ناتو،
مون توکي پاتو، يا مون پاتو پاڻ کي؟”
شيخ اياز روايتي محبت جو قائل هوندي به محبت جي جديد تصور کي اپنايو آهي ۽ ان کي تمام گهڻو ڳايو اٿس.
اياز جو محبت جو جديد تصور سگمنڊ فرائڊ (Sigmund Freud) جي نظريي مطابق آهي، جنهن ۾ جنس (Sex) کي محبت ۾ تمام گھڻي اهميت ڏني وڃي ٿي. (جنس کان بغير محبت جي تصور کي “افلاطوني محبت” (Platonic Love) چيو وڃي ٿو. هن نظريي جو قائل هجڻ جي ڪري شيخ اياز جو محبوب هڪ عام عورت آهي، جيڪا سونهن ۽ سوڀيا ۾ ته سڀني کان سرس آهي، پر ڪنهن ٻئي ستاري جي مخلوق نه ٿي لڳي. ان ڪري اياز ان لاءِ عام فهم ۽ نيون تشبيهون استعمال ڪيون آهن.
هن جديد تصور ۾ جسماني خوبصورتي، انساني امنگون، ۽ جنسي تشنگي وغيره اهم جاءِ والارين ٿيون. اياز ويهين صديءَ جي شاعر هجڻ جي حيثيت ۾ انهن تصورن کي نه صرف اپنايو آهي، پر انهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ روشناس ڪري محبت جي دقيانوسي قدرن کي پڻ جهنجهوڙيو آهي. سندس هي سٽون انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن:
“چَپَ چُميءَ لئه اڀريا، سامهون آهي چوٿيئن چنڊ،
ڪهڙو سُندر سپنو آهي، جيون جو سپنو.“
“ تنهنجي ڇاتي آتي آتي، نيڻ به تنهنجا نينڍ،
دانهون دانهون تنهنجون ٻانهون، پيار پلين ٿي ڇو؟”
هتي اياز پنهنجي محبوب جي جذبن جو اظهار ائين ڪيو آهي. ڄڻ ته انساني عضوا به ڳالهائيندا آهن، اهي جذبن جي شدت کان بي تاب آهن، ڄڻ ته اهي ازل کان پياسا آهن ۽ اڃ اُجھائڻ لاءِ آتا آهن.
جنس (Sex) انساني زندگي ۾ بنيادي اهميت جي حامل آهي. هن جذبي کي مطمئن ڪرڻ به ايترو ئي ضروري آهي، جيترو بک ۽ اُڃ کي ختم ڪرڻ، جيئن بک ۽ اڃ تي مڪمل ضابطو محال آهي، تيئن هن جذبي تي به مڪمل ضابطو ممڪن نه آهي. ان تي جيتريون پابنديون وڌيون وينديون آهن، اهو اوتروئي وحشي ٿي ويندو آهي. اياز هن حقيقت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏاڍي بي باڪي سان نروار ڪيو آهي. چوي ٿو:
“جهليم هن کي جهول ۾، وجهي ڳچيءَ ڳٽ،
لهي ويس لڄ ڀري، لبن مٿان لٽ،
پرين سارو پٽ، ڇهي ڇهان ڪيترو.“

“پيارينم پنهنجي اکين مان شراب،
ڇني ڏنيم پنهنجي چپن مان گلاب.“
”نه آ ڪو حسين جسم جهڙو ثواب،
گهنگهار آهيان، مگر لاجواب.“
اياز پنهنجي محبوب جي جسماني خوبصورتي ۽ ميلاپ جو ذڪر ڪرڻ وقت به جماليات جو خاص خيال رکي ٿو. هن وٽ جنس براءِ جنس نه آهي، پر جنس به هڪ آفاقي حسن جو جلوو آهي. سندس هيٺين سٽن ۾ جنسيات ۽ جماليات جو حسين سنگم آهي:
“ڪارا ڪڪر اڀ ۾، وسڪارو ۽ وڄ،
منهنجا مٺڙا هن گهڙيءَ، ڇاتيءَ کان نه ڇڄ،
مون سان بيهي ڀڄ، برساتين ۾ بره جي.“
“ميهر تنهنجا هٿ ڇڪن ساهه سرير مان،
مون ۾ ڇيد ڇهاوَ سان، اڌيءَ رات اَڪَٿ،
وره انوکي وٿ، جهٻڻ سان جرڪي پوي.“
اياز مجازي محبت کي دنيا جي هر قيمت کان اُتم سمجھيو آهي. هن وٽ پرينءَ جو شباب هجي. چنگ وَ رباب هجي. پوءِ هن کي دنيا جي ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه آهي:
“هر حقيقت کان مٿي آهي مجاز،
هر عبادت کان چڱو آهي شباب.“
“هان کڻو ساري خُدائي پئي اٿوَ،
مون کنيو آهي، فقط چنگ وَ رباب.“

سندس شاعري ۽ وطن دوستي
شيخ اياز جي شاعري جو ڳچ حصو، معروضي حالتن جي ڪري وجود ۾ آيو. هن هر دؤر ۾ سنڌ سان ظلم ٿيندي ڏٺو. ڪڏهن سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي ويئي ته ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون. وَن يونٽ جي زماني ۾ ته انتها ٿي ويئي، جنهن به سنڌ جو نالو ٿي ورتو، ان کي غدار ۽ اسلام دشمنيءَ جا لقب ٿي مليا. ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ڪندڙن کي جيلن ۾ بند ڪري، مٿن ٽارچر ڪيا ويندا هئا. انهيءَ صورت حال شيخ اياز کي تڙپائي ڇڏيو ۽ هن آزاديءَ جا گيت وڏي واڪي ڳائڻ شروع ڪيا. چوي ٿو:
“هي ماڻهو وِهه جو ڍڪ ٿيا، جيئن لُڪ لڳي تيئن رُڪ ٿيا،
اڄ آزاديءَ جي نعري سان، سڀ درد ويا دلگيرن جا”
سنڌ کي هيسائڻ لاءِ جڏهن ڪات ڪهاڙا اُڀا ٿيا ته ايازچيو:
”ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي”
اهڙي صورتحال ۾ ڪئين ڪونڌر ڪسجي ويا ۽ ڪئين گهوٽ گهايل ٿيا ته ايازچيو:
“آ مهڪ هوا ۾ مينديءَ جي، سي گهوٽ اچن ٿا، گهايل ٿي.
جي لال لهو ۾ ليٿڙ جي، اڄ رت جي ريت نڀائن ٿا.“
اهڙي ماحول ۾ ڪافي حد تائين ماٺار ٿي ويئي. گيتن جي گونجار بند ٿي ويئي مانجهين جي للڪار بند ٿي ويئي، پر اياز جي گفتار بند نه ٿي ۽ چيائين:
“اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي.
متان ائين سمجهين، مُئا مور سارا.“
نيٺ جدوجهد رنگ لاتو ۽ ون يونٽ جو بند ٽُٽو، فتح عوام جي ٿي، جن وڏيرن ۽ پيرن ون يونٽ ٺهڻ لاءِ تجويزون ڏنيون هيون، انهن جي دانگي لهي ويئي ۽ شيخ ايازچيو:
“اڄ لال لھوءَ جي سرگرم تي، ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري،
منهن هيڊ ٿيا غدارن جا، بي شرم وڏيرن پيرن جا.“
“هر دوکي جي ديوار ٽُٽي، ان جي سِرَ سِرَ سان نه ملي،
اڄ ڊوڙي هرڪو ديوانو ٿو، کولي بند اسيرن جا.“
اياز جي شاعريءَ جو اتساهه سنڌ ۽ سنڌي عوام آهي. هو سنڌ سان بي انتها محبت ڪري ٿو. سنڌ جي مٽي، سنڌ جون ڍنڍون، سنڌ جا جبل، سنڌ جا پکي، سنڌ جا ماڻهو، مطلب ته هر اها شيءِ جنهن جو تعلق سنڌ سان آهي، اها اياز جي شاعريءَ جو اهم موضوع آهي. سنڌ کي عبادت جي حد تائين چاهي ٿو لکي ٿو:
“سنڌ ديس جي ڌرتي ماتا، توتي پنهنجو سيس نمايان، مٽي ماٿي لايان،
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، توکي چشمن چايان، مٽي ماٿي لايان.“
پنهنجي وطن جي خوبصورت نظارن کي ته دنيا جي هر شاعر ڳايو آهي. پر اياز جي عظمت ان ۾ آهي ته هن پنهنجي ڌرتيءَ جي معمولي ۽ ايذائيندڙ شين کي به اهڙي فنڪارانه انداز سان پيش ڪيو آهي جو پڙهندڙ دنگ رهجيو وڃي. چوي ٿو:
“جت لُڪ لڳي، جت اَڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو ڙي،
جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،
۽ آگ ‏ اُلا ٿي نڪري ٿو،
جت ڏينهن ڪڙهائي جيئن ڪڙهن،
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
هي انداز دنيا جي ڪنهن ورلي شاعر ۾ ملندو. ڇو ته دنيا جي گهڻو ڪري سڀني شاعرن، پنهنجي ديس جي گلن کي ڳايو آهي. ٿڌڙي هير کي ڳايو آهي، پر اياز سنڌ جي اَڪن کي ڳايو آهي، سنڌ جي ساڙيندڙ لڪن کي ڳايو آهي، واريءَ جي طوفانن کي ڳايو آهي، مطلب ته اياز سنڌ جي هر ذري ذري کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنائي پنهنجي محبت جي انتها ثابت ڪئي آهي.
تاريخ ۾ گهڻو ڪري ائين ٿيو آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ ماڻهن کي باغي ۽ غدار قرار ڏنو ويو آهي. شيخ اياز کي به ٽي ڀيرا ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويو. اياز مڃي به ٿو ته هو ڏوهي آهي هو چوي ٿو:
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان،
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن.
هي ڏوهه نه آ، آڪاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان؟
ها اها ڏات ئي آهي، جنهن تلوارن سان مقابلو ڪيو آهي، اها ڌرتيءَ جي محبت ئي آهي، جنهن اياز کي ازلي محبت جو پيغامبر بنايو آهي. آخر ۾ ايازچوي ٿو:
“سنڌ کان سواءِ منهنجي، شاعري اجائي آ،
ڪائنات جي خوشو، سَنڌ ۾ سمائي آ.“

سندس شاعريءَ ۾ انسان دوستي
هي سائنسي دؤر آهي. اڄ دنيا هڪ ننڍي شهر جو روپ ڌاري چڪي آهي. دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ٿيندڙ ڪنهن اهم واقعي جي خبر دنيا جي ٻي ڪنڊ ۾ منٽن ۾ پهچيو وڃي، تنهن ڪري هن دؤر کي “بين الاقوامي دؤر” به چيو وڃي ٿو.
اياز به هن دؤر جو شاعر آهي. سندس عقابي اكيون دنيا جي اهم واقعن جو مشاهدو ڪنديون رهيون آهن. هڪ اعليٰ آدرشي انسان هجڻ جي ناتي، اياز دنيا جي هر مظلوم جو ڏک پنهنجو ڏک سمجهيو آهي ۽ انهن تي ٿيندڙ هر ظلم جوايذاءُ محسوس ڪيو آهي. چوي ٿو:
“جنهن تي به ٿيو، جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو
سو مون تي ظلم ٿيو آهي،
ڪا ٻانھه وڍي، مون دانھن ڪئي، جو ڪانھه ڪپيو،
سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي.
ڪوئي به ڪُٺو جيڪو به ڇرو جنهن تي به هليو،
سو منهنجيءَ رتُ رتو آهي.“
انساني محبت جون به منزلون آهن. پهرين هو صرف هڪ شخص يعني پنهنجي محبوب سان محبت ڪري ٿو، ان کان پوءِ هو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي قوم سان محبت ڪري ٿو. ان کان پوءِ جيڪا محبت جي منزل اچي ٿي، اها زمان، مڪان، قوميت، مذهب ۽ ٻوليءَ کان مٿاهين محبت هوندي آهي. هن ۾ انسان دنيا جي هر مظلوم سان محبت ڪري ٿو. هر ظالم سان نفرت ڪري ٿو، هر آزاديءَ جي تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو ۽ هر آمر کي نندي ٿو. هيٺين بيت ۾ اياز نازي جرمنيءَ جي شڪار ٿيل معصوم ڇوڪريءَ کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
ائني منهنجي ڀينڙي، ڏورانهين اٻلا *
اڄ جو مهنجي گهاوَ مان، رت ڪيا ريلا،
انهن ۾ تنهنجا، سهسين سڏڪا ٿو سڻان.
اياز پنهنجي دؤر ۾ موت جو ڀيانڪ رقص شروع کان ئي ڏسندو رهيو هو. ٻي جنگ عظيم، سرد جنگ، ٽين دنيا ۾ آزاديءَ جون تحريڪون ۽ انهن کي ڪچلڻ لاءِ آمريڪا جا سفاڪ ۽ وحشي فوجي جيڪو ڪجھه ڪندا رهيا آهن، اياز اهو سڀ ڪجھه گهرين نظرن سان ڏسندو رهيو هو. ۽ اهي سڀئي گهاءَ پنهنجي ڇاتيءَ تي به محسوس ڪندو رهيو هو، ويٽنام جي آزاديءَ واريءَ ويڙهه بابت لکي ٿو:
“هنوئي هر جاءِ، آزاديءَ جو مورچو *
لکين نينگر نينگريون، مرڻ جيئڻ لاءِ،
ڪانئر پير نه پاءِ، جي تو پياري جندڙي.”
هن پنهنجي ديس ۾ به ڏٺو ته استحصالي ٽولا غريب عوام جو رت چوسي رهيا آهن، ته هن پنهنجو پاڻ کي انهن مظلوم انسانن سان واڳي ڇڏيو:
“آئون اوهان سان آهيان، دکي انسانو!
جيسين ڊهي، ڍير ٿئي، ظالم زمانو،
ڪونڌر ڪسانو، پيڙهيون پيڙيل پورهيتو”
اياز مظلومن جو ساٿاري آهي. هو ظالمن جي اکين ۾ اکيون وجهي سچ چوي ٿو. هو جڏهن انسان کي انسان تي ظلم ڪندو ڏسي ٿو ته ماٺ رهي نٿو سگهي ۽ چوي ٿو:
او انسان!
او انسان!
ڪنهن کي ٿو مارين!
هي جو ماڻهو جو ٻچڙو آ،
هي جو پٿر کان ڏاڍو آ،
ڪونپل کان به ڪچڙو آ.
او حيوان!
او حيوان!


* ائني فرئنڪ يارهن ورهين جي يهودي ڇوڪري هئي، جيڪا نازي جرمنيءَ ۾ ماري ويئي هئي. جنهن جي ڊائري ڪتيرن ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.
* هنوئي ويٽنام جي گاديءَ جو هند آهي.
ڪنهن کي ٿو مارين!
هن جو تو سان وير به ڪهڙو،
هن جو ديس به ساڳي ڌرتي،
هي به ته ماڻهو آ تو جهڙو.
او نادان!
او نادان!
ڪنهن کي ٿو مارين!
هو ظالم کي تنبيهه به ڪري ٿو ته مظلوم کي ظلم کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائي به ٿو. جڏهن مظلوم ظالم جي پاڙ پٽي ٿو، تڏهن اياز کي به سرهائي ٿئي ٿي ۽ انهيءَ ۾ پنهنجي جيت ٿو ڀانئي.
“جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي،
اي دنيا ڀر جا محڪومو، اي مظلومو،
محڪوميءَ مان ڪوبه ڇٽو،
مون ائين سمجهيو منهنجي گردن هلڪي ٿي.“