لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

سنڌي ناول

ناول (Novel) انگريزي زبان جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي “نمونو” يا ڪا “نئين شيءِ.“ ناول ادب جي تمام اهم شاخ آهي. هيءَ انساني جذبات جو ترجمان هجڻ سان گڏوگڏ قومي زندگيءَ ۽ حالات جو عڪاس پڻ آهي. انگريزي ادب ۾ ناول کي تمام گھڻي اهميت ڏني وڃي ٿي. ڇو ته مشهور ناولن يورپ ۾ انقلاب لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ اتان جي زندگيءَ کي متاثر ڪيو.

ناول جون فني خوبيون
پلاٽ: ناول جو پلاٽ، ناول ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جو ڍانچو آهي. پلاٽ يا واقعن جو تسلسل ايترو منظم هجڻ گهرجي جو پڙهندڙ پوري توجه سان ناول پڙهندو رهي ۽ دلچسپي جو سلسلو برقرار رهي.
سيرت نگاري: سيرت نگاري يا ڪردار نگاري جا ٻه طريقا آهن. هڪ طريقي ۾ ناول جا ڪردار پنهنجن جذبن جا ترجمان پاڻ هوندا آهن.
ٻي طريقي ۾ ناول نگار هڪ مؤرخ وانگر قلم کڻي ٿو ۽ سڀني ڪردارن جا جذبات پنهنجي زباني ٻڌائڻ سان گڏوگڏ انهن تي تنقيد ۽ رائي زني پڻ ڪندو هلندو آهي.
خاص مقصد: ناول نگار لاءِ اهو ضروري آهي ته ناول ڪنهن خاص مقصد تحت لکي ۽ اهو خاص مقصد اصلاحي هجي ۽ منجھس تعمير اخلاق تي خاص زور ڏنل هجي ۽ انهيءَ سان گڏ تفريحي پهلو به ضروري آهي. نه ته ناول ناڪام ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو.‬‬
حقيقت پسندي: ناول جا ڪردار انسان هوندا آهن ۽ اها حقيقت آهي ته انسان ۾ سٺايون به آهن ته خرابيون به، تنهن ڪري ناول نگار حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺي، انهن جي جذبات ۽ عملن جو عڪس پيش ڪري، ڪردارن کان اهڙو ڪم وٺي جيڪو مافوق الفطرت نه هجي، ۽ هن کي عقل تسليم ڪري.
فصاحت ۽ بلاغت: شاعريءَ وانگر ناول ۾ به فصاحت ۽ بلاغت سان گڏ محاورا ۽ اصطلاح ڪتب آندا ويندا آهن.
اخلاقيات: ناول نگار کي اخلاق جي دائري ۾ رهي پوءِ پنهنجي قلم کي جُنبش ڏيڻ گھرجي.

ناول جا قسم
ناول جا هيٺيان مُکيه قسم آهن:
1. واقعاتي ناول
2. ڊرامائي ناول
3. جاسوسي ناول
4. سماجي ناول
5. نفسياتي ناول
6. تاريخي ناول

سنڌي ناول جي تاريخ
اهو هڪ ادبي بحث آهي ته سنڌي ناول نويسي جي ابتدا ترجمي کي سمجهڻ گهرجي يا سنڌي قصن ۽ ڪهاڻين کي. مرحوم محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي چوڻ مطابق ته “سنڌي ناول نويسيءَ جو بنياد سنڌي قصي کي سمجھڻ گھرجي.“
“ڀنڀي زميندار جي ڳالهه”، “سُڌاتورو” ۽ “ڪڌاتورو” قصن کي سنڌي ناول جي ابتدا سمجهڻ گهرجي، پر حقيقت اها آهي ته ناول مغربي صنف آهي، جنهن جو قصه گوئي سان ڪو تعلق نه آهي. سنڌي ناول جي شروعات ترجمن سان ٿي.

سنڌي ناول جو اوائلي دؤر (1870ع کان 1923ع)
هن کي ترجمي جو دؤر به چئي سگهجي ٿو “ديوان اُڌارام” ۽ “ساڌو نول راءِ” گڏجي ڊاڪٽر جانسن جي ناول “راسيلاس” کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ ڪيترائي ناول انگريزيءَ تان ترجمو ٿيا، جن مان ڪجھه مشهور نالا هي آهن. “ساڌو هيرانند” 1891ع ۾ “Talisman” جو ترجمو “طلسم” جي نالي سان ڪيو.
1910ع ۾ “سيرومل ساگرائيءَ” جو طويل ناول “هر دلعزيز” عرف “چندر ڪانتا سنتي” قسطوار ڇپيو. “اسٽار آف منگريلا” جو ترجمو “ستاره منگريلا” جي نالي سان شايع ٿيو.
اوائلي خود ساخته ناول: اصلوڪا سنڌي ناول لکڻ جو شرف پڻ جناب مرزا قليچ بيگ کي حاصل ٿيو. هن 1888ع ۾ پهريون اصلوڪو ناول “دلارام” نالي سان لکيو. سندس ٻيوناول “زينت“ 1895ع ۾ ڇپيو.
قليچ بيگ کان پوءِ لعل چند امرڏني مل به ڪافي اصلوڪا ناول لکيا، جن مان “چوٿ جو چنڊ” ۽ “ڀرم جي ڀلائي” ڪافي مشهور ٿيا.
ڪاڪي ڀيرومل ٽي اصلوڪا ناول لکيا، جيڪي هي آهن:
آندسندريڪا (1910ع)
موهني ٻائي (1911ع)
وريل ۽ نعمت (1915ع)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ 1915ع ۾ “نورجهان” لکيو، جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو.
ان کان علاوه هن دؤر ۾ ٻيا به ڪيترائي ترجما ٿيا ۽ اصلوڪا ناول لکيا ويا. ترجمو ڪندڙن ۾ سرِفهرست مرزا قليچ بيگ رهيو. خوشي رام، موٽو مل گرواڻي ۽ ٻين پڻ ڪافي ترجما ڪيا.
هن دؤر ۾ مختلف قسمن جا ناول لکيا ويا، جن ۾ سماجي ناول، اخلاقي ناول ۽ روماني ناول سرفهرست رهيا، ڪجھه جاسوسي ناول پڻ لکيا ويا.

سنڌي ناول جو ٻيو دؤر(1923ع کان 1947ع)
هي دؤر سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو، جنهن جو اثر ناول نويسيءَ تي پڻ پيو ۽ سياسي ۽ تاريخي ناول لکجڻ لڳا. هن ڏس ۾ ڪراچي جي مشهور رسالن، “سندر ساهتيه”، “رتن” ۽ “آشا ساهت منڊل” ڪافي خدمت سرانجام ڏني. هنن رسالن ۾ اصلوڪن ناولن سان گڏ انگريزي، هندي، اردو ۽ بنگاليءَ تان پڻ ڪافي ناولن جا ترجما ڪري شايع ڪيا ويا.
هن دؤر ۾ صاحب سنگهه شاهاڻي جو ناول “بلو کوکر” (1930ع) ۽ عبدالرزاق ميمڻ جو ناول “جهان آرا” (1931ع) ڪافي مشهور ٿيا. ان کان علاوه مسلم ادبي سوسائٽي (1931ع) ڪافي ناول شايع ڪيا. هيءَ سوسائٽي خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي ڪوششن سان وجود ۾آئي.
1939ع کان محمد عثمان ڏيپلائي باقائده ناولن لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو. پاڻ گهڻو ڪري تاريخي ناول لکيائون، جن ۾ قومي زندگيءَ جو عڪس نمايان آهي. سندس تاريخي ناولن جو تعداد تقريباً هڪ سؤ آهي، جن مان ڪيترائي ضبط ڪيا ويا.
ان کان علاوه پروفيسر رام پنجواڻيءَ به ڪافي اصُلوڪا ناول لکيا، جن ۾ “قيدي” 1943ع ۾ ۽ “چانديءَ جو چڪر” 1944ع ۾چپيا، جن ۾ قومي زندگي ڏيکاريل هئي. نارائڻ داس ڀمڀاڻي جو “مالهڻ” (1942ع) ۽ “غريبن جو ورثو” سٺا ناول آهن.
مجموعي طور هن دؤر ۾ سياسي ۽ تاريخي ناول گهڻا لکيا ويا. جيڪي ان دؤر جي ڪشمڪش ۽ ذهني مانڌاڻ تان پردو كن ٿا.
هن دؤر ۾ ناول ڪافي ترقي ڪري چڪو هو ۽ ڪافي رفتار سان ارتقائي منزلون طئي ڪري رهيو هو ته ورهاڱو ٿي ويو ۽ سنڌي ناول سنڌي ادب جي ٻين صنفن وانگر وري پوئتي پئجي ويو.

ور هاڱي کان پوءِ وارو دؤر (1947 کان 1990 تائين)
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول تمام گهڻو سُست ٿي ويو آهي. جيتري ترقي سنڌي افساني ڪئي آهي. ان کان تمام گهٽ ترقي سنڌي ناول ڪئي آهي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. بهرحال هن دؤر ۾ ڪجھه ڪهاڻيڪارن ناول لکي ڪجھه تجربا ڪيا آهن.
هن دؤر ۾ ڪافي حد تائين ترجما به ٿيا آهن، جن ۾ هيٺيان ناول ڪافي مشهور ٿيا:
عاشي، روح جي ڳولا، تصوير جو خون، آسيه، ماءُ وغيره.
هندستاني سنڌي اديبن ۾ گوبند مالهي، سندري اتم چنداڻي، موهن ڪلپنا ۽ ڪلا پرڪاش سٺا ناول لکيا. سنڌ ۾ طبع زاد ناول نگارن ۾ سراج ميمڻ، آغا سليم، ڊاڪٽر نجم عباسي ۽ ماڻڪ بيحد اهم آهن، جن شاهڪار ناول لکيا. انهن کان علاوه طارق عالم ابڙو ۽ قاضي خادم جي ناولن پڻ مشهوري ماڻي.

1990ع کان پوءِ سنڌي ناول
1990ع کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ناولن جو هڪ چڱو خاصو تعداد مارڪيٽ ۾ آيو، جن مان اڪثريت نون ناول نگارن جي آهي، ليڪن انهن ۾ سينيئر ليکڪ امر جليل جي ناول “نيٺ گونگي ڳالهايو”، غلام نبي مغل جي ناولن “اوڙاهه“، “دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ” اخلاق انصاري جي “اڏوهي” بيحد مقبولي ماڻي.
1990ع کان پوءِ عورت ناول نگارن پڻ پاڻ ملهايو آهي، جن ۾ سرِفهرست ماهتاب محبوب، ج ع منگهاڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڪزبانو سنڌي آهن.
هندستاني سنڌين پڻ هن دور ۾ کوڙ سارا ناول لکيا آهن، جن ۾ رتنا گوديا رولاڪ، ريٽا شهاڻي، ڪلا پرڪاش، گوبند خوشهالاڻي، لال پشپ، موتي لال جوتواڻي ۽ نندلال عيدنداس پرسراماڻي تمام اهم ناول نگار آهن.
انهن کان علاوه سنڌ ۾ ڪيترن سينيئر ۽ نوجوان ليکڪن پڻ ناول تي طبع آزماني ڪئي آهي. جن مان اهم نالا هي آهن: ڊاڪٽر هدايت پريم، فاروق سولنگي، سليم چنا، اڪبر سومرو، امر لغاري، پرويز ابڙو، عزيز ڀنڀرو، گل محمد چنا ۽ مظهر ابڙو.
هن دور جي ناول جا موضوع مختلف رهيا آهن جن ۾ قوم پرستي سرِفهرست رهي آهي ۽ ٻئي نمبر تي رومانيت ڪيترن ئي ناولن جو موضوع رهي آهي. احساسي محرومي ۽ مظلوميت جو احساس پڻ اڪثر ناولن ۾ ملندو. نوجوان ناول نگارن ۾ مشاهدي ۽ مطالعي جي کوٽ سندن لکڻين مان عيان آهي، تنهنڪري کين گهرجي ته هو ڪلاسيڪي توڙي همعصر عالمي ادب جو مطالعو ۽ حسبِ حال سياحت ڪن ته جيئن سنڌي ادب کي سٺا ناول ملي سگهن، ڇو ته مستقبل قريب ناول جي حڪمراني جو دور آهي.
سنڌي ناول نويسيءَ کي مضبوط بنياد فراهم ڪندڙ ڪجھه اديبن ۽ انهن جي ناولن تي تبصرو هيٺ ڏجي ٿو.

سراج الحق ميمڻ
اسان جي ادبي دنيا ۾ سراج هڪ مڃيل ۽ ناليرو ليکڪ آهي. سراج صاحب افسانه نگار دانشور ۽ ماهر لسانيات هئڻ سان گڏ پنجن شاهڪار ناولن کي به جنم ڏنو آهي. جن جا نالا هي آهن:
'پڙاڏو سوئي سڏ'، 'مرڻ مون سين آءُ'، 'منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل'، ' تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول' ۽ 'مُنهنجي دنيا مرگهه ترشنا'.
پهريان ٻه ناول ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم ۽ ڏاڍ واري دؤر ۾ سنڌين جي اڻ وسرندڙ جدوجهد جا شاهڪار عڪس آهن.
ڪجھه عالمن جو خيال آهي ته انهن ناولن جو پلاٽ ڪُجھه غير فطري ۽ ڪردار نگاري ۾ ڪُجھه مصنوعيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسي جي لحاظ کان اهي بي مثال ناول آهن. ناول پڙهندي پڙهندڙ تي عجيب ڪيفيت طاري ٿيو وڃي ۽ پڙهندڙ پنهنجي پاڻ کي پوري طرح ناول جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي.
سندس پويان ٽي ناول موجوده دؤر جي حالتن تي لکيل آهن ۽ ٽئي هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن.
سراج صاحب جا ناول انيڪ خوبين سان ڀَرپُور آهن، پر سندن ڪُجھه خوبين تي تبصرو ڪجي ٿو.

مقصديت
سراج صاحب ادب براءِ ادب جو قائل نه آهي. هُو هڪ واضح مقصد جي تحت قلم کڻي ٿو. مقصديت سندس ناولن تي ايترو ته حاوي آهي، جو ڪٿي ڪٿي اسلوب ۾ جذباتيت به اچي ٿي وڃي ۽ ناول جي فني نقطن کي به مدنظر نٿو رکي، اهو مقصد آهي “سنڌ” هُو سنڌ لاءِ ئي سڀ ڪجھه لکي ٿو. سنڌين جي بهادري، شجاعت ۽ ڏاهپ کان علاوه انهن جا مسئلا، نفسياتي پهلوئن سميت زير بحث آڻي ٿو. هُو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتي تي لکڻ چاهي ٿو. هُو زيادتي ڪندڙن کي نِدي ٿو، پوءِ اهي ڌاريا حڪمران هجن يا پنهنجا وڏيرا. سنڌي مجاهدن جي قرباني جا داستان ڏاڍي پُراثر انداز سان بيان ڪري ٿو.
ان کان علاوه سراج صاحب سنڌي جاگيرداري سماج جي اڏوهي کاڌل قدرن کي به پنهنجي تنقيد جو نشانو بنائي ٿو. هُو هر لحاظ کان سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي برتري چاهي ٿو.

ٻولي
سندس ناولن جي ٻولي روانيءَ توڙي وسعت جي لحاظ کان اعليٰ درجي جي آهي. هُو جيڪو به خيال ٻين تائين پهچائڻ چاهي ٿو، ٻولي سندس ڀرپور ساٿ ڏئي ٿي، سندس ٻولي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي جمالياتي ذوق جي ڀرپور تسڪين به ٿئي ٿي.

جذبات نگاري
سندس سڀني ناولن ۾ جذبات نگاري تمام سهڻي انداز سان ڪيل آهي. پڙهندڙ ائين ٿو محسوس ڪري ته سندس جذبات جي ترجماني ٿي رهي آهي. سراج صاحب ڪردارن جي سوچ، شعور ۽ جذبات کي ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ ۾ ڪمال درجي جو فن رکي ٿو. ڪردارن جي ذهن ۾ ايندڙ سوچون، نفسياتي ڪشمڪش، خوشي، غم درد اميدون ۽ حسرتون وغيره. سهڻي نموني سان پيش ڪيون اٿس.

رومانيت ۽ جماليات
سراج صاحب جي ناولن ۾ روماني عنصر به ڪافي نمايان آهي، بلڪه هڪ لازمي جزو آهي. سندس ڪردار محبت جي خُمار ۾ ٻڏل نظر اچن ٿا. اها محبت کين مقصد ماڻڻ لاءِ نئون اتساهه ۽ جذبو ٿي بخشي. روماني ڪردار نگاري ۾ هو جماليات جي اعليٰ قدرن کي به اڳيان رکي ٿو. هُو جڏهن ڪنهن جي حُسن جو نقشو ٺاهي، تعريف ڪري ٿو ته پڙهندڙ جا سطحي جذبا بلڪل ماٺا رهن ٿا ۽ هُو ڪنهن به قسم جي جنسي ڪشمڪش ۾ مبتلا نه ٿو
ٿئي. پر ٻئي پاسي سندس جمالياتي ذوق جي تسڪين احسن طريقي سان ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر نجم عباسي
ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي سڄاڻ اديب ان ڪري چيو ويو آهي. جو هو ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ سان گڏوگڏ انهن مسئلن جا حل به ٻڌائي ٿو. سندس هيٺيان ناول ڪافي مشهور ٿيا:
”بلنديون“،”تلاش“، ”پيار ڪهاڻي.“
سندس ناولن جو فني جائزو هيٺ ڏجي ٿو.

پلاٽ
سندس ناولن جو پلاٽ طبقاتي سماج جي اردگرد ڦِري ٿو. هُو مغرور ۽ مٿئين طبقي جي ماڻهن جي سوچ ۽ عمل تي ڪاري وار ڪري ٿو. ان سان گڏ هو مظلوم ۽ بيڪس طبقي جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ انهن کي هڪ مثبت سوچ ۽ راهِ عمل به ڏئي ٿو.
“بلنديون” ۾ هُو هارين کي متحد ٿيڻ ۽ پنهنجا حق وٺڻ لاءِ گڏيل جدوجهد جودرس ڏئي ٿو ۽ “تلاش” ۾ وري هڪ مظلوم عورت کي جاگيردارانه سماج مان جند آزاد ڪرائڻ لاءِ تعليم کي ذريعو بڻائڻ جي تلقين ڪري ٿو.

ڪردار نگاري
سندس ناولن جا ڪردار گهڻو ڪري عام ماڻهو آهن، پر اهي عام ماڻهو پنهنجي جدوجهد سبب خاص ماڻهو بڻجي وڃن ٿا. سندس ڪردار گهڻو ڪري پنهنجي عمل ۾ آزادي پسند هوندا آهن، ۽ امن، آزادي ۽ آجپي لاءِ جدوجهد ڪندي نظر ايندا آهن.

مقصديت
ڊاڪٽر صاحب هڪڙي ئي خاص مقصد لاءِ لکيو. اهو مقصد آهي، “شخصي توڙي قومي آزادي”، هُن پرماريت جي خلاف لکيو، هن مذهبي جُنون جي خلاف لکيو، هُن ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ لکيو ۽ هُن غير طبقاتي سماج لاءِ لکيو. مطلب ته سندس لکڻين جو محور سماجي، سياسي ۽ معاشي انقلاب آهي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر نجم عباسي جي فن تي تبصرو ڪندي لکي ٿو:
“نجم عباسي هڪ حقيقت نگار (Realist) وانگر معاشري جي براين تي نگاهه وجهي ٿو ۽ زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن رُخ کي آشڪار ڪري ٿو، ليڪن ان ۾ هن جي طبقاتي نظام خلاف جدوجهد جي سوچ سمايل هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي هر تخليق، فرد سان ٿيندڙ ظلم جي داستان سان ڀريل آهي. سماج جا ٺيڪيدار، شاهوڪار شاهي جا دادلا، جاگيردار ۽ زميندار ڪهڙن حُربن سان غريب عوام کي پيڙهين ٿا. بي انصافين جا قسمين قسمين طريقا، حقيقي واقعن ۽ ڪردارن جي روپ ۾ سندس ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل آهن. هُو رڳو سماجي بُراين کي اگهاڙو ڪونه ٿوڪري، بلڪه انهن تي وار ڪندي به نظر اچي ٿو.“

آغا سليم
آغا صاحب داخليت توڙي خارجيت جي حوالي سان هڪ منفرد اديب آهي. هُو سونهن، سچائي، تهذيب ۽ اعليٰ انساني قدرن جو علمبردار آهي. هُو فن ۽ سونهن جو پرچارڪ آهي ۽ انهن جي ابديت ۾ يقين رکي ٿو. پاڻ هيل تائين هيٺيان چار ناول لکي چڪو آهي:
'اونداهي ڌرتي روشن هٿ'، 'اڻپورو انسان'، 'روشنيءَ جي تلاش' ۽ 'هم اوست'.
سندس ناولن جو فني تجزيو هيٺ ڏجي ٿو:

پلاٽ
سندس ناولن جو پلاٽ ڪنهن خارجي واقعي کان وڌيڪ ڪردارن جي داخلي ڪشمڪش کي ظاهر ڪندو آهي. هو تهذيب جي اعليٰ قدرن کي پنهنجي ناولن جو موضوع بنائي ٿو. نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٽڪراءَ سبب، نيڪي جي وقتي شڪست کي سندس لازوال فتح ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي.

رومانيت
رومانيت آغا صاحب جي نس نس ۾ سمايل آهي. ليڪن اها سستي رومانيت نه آهي، هو لازوال ۽ ابدي محبت جو قائل آهي. هو محبت کي فُن ۽ فنڪار جي ترقي سان گڏ انساني معاشري لاءِ به تمام ضروري قرار ڏي ٿو، هُو ثابت ڪري ٿو ته محبت هڪ آفاقي آدرش آهي. جنهن جي تڪميل سان ئي انساني معاشري جي ارتقا ممڪن آهي.

ٻولي
سندس ناولن جي ٻولي خالص ادبي آهي ۽ پڙهندڙ کي پوري طرح پنهنجي گرفت ۾ وٺي ٿي ڇڏي.

ڪردار نگاري
آغا صاحب جي ناولن جا ڪردار عام ماڻهو هوندي به عام ماڻهو نه آهن. اهي اعليٰ آدرشي انسان آهن. جيڪي اعليٰ انساني قدرن جا رکوالا آهن. سندن پيغام محبت آهي. اَمن آهي، فن آهي ۽ علم آهي. آغا صاحب سماجي مسئلن تي لکڻ کان وڌيڪ انسان جي ازلي مسئلن تي وڌيڪ لکيو آهي.

مقصديت
سندس ناولن جو مقصد سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ کان وڌيڪ تهذيب، ثقافت، سونهن ۽ سچائي جي لازوال سفر کي نمايان ڪرڻ آهي، ان کان علاوه انسان جي اندر ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، انهيءَ تي به خوبصورت انداز سان لکي ٿو. سندس ناول “اونداهي ڌرتي، روشن هٿ” تي مختصر تبصروهيٺ ڏجي ٿو.
اونداهي ڌرتي، روشن هٿ: هي ناول سنڌ جي تاريخ جي مختلف دؤرن مان گذرندڙ سچائي جي سفر جو لازوال داستان آهي. سندس ٻولي، اسلوب، مهذب انداز واقعن جو تسلسل ۽ ڪردارن جي نفسياتي ڪشمڪش پڙهندڙ کي مڪمل طرح سان پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏي ٿي.
موهن جي دڙي کان وٺي، اڄ تائين سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جيڪو سفر طئه ڪيو آهي، آغا صاحب ان کي ڪمال فنڪاري سان ناول جو روپ ڏيئي، اسان کي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب کان پوري ريت آگاهھ ڪيو آهي.
آغا صاحب پنهنجي ڪتاب کي تاريخي دؤرن جي لحاظ کان ڪيترن ئي حصن ۾‏ ورهايو آهي، پر انهن سڀني ۾ مرڪزي ڪردار ساڳيا ئي آهن. سارنگ جيڪو سچائي، فن ۽ علم جي علامت آهي، اهو هر دؤر ۾ پنهنجو تاريخي فرض نڀائيندي نظر اچي ٿو.
هن ناول جو پهريون حصو “موهن جي دڙي” واري دؤر جي پس منظر ۾ لکيل آهي. 'سارنگ' هڪ بت تراش آهي. هُو مورتيون ٺاهي ٿو، پر انهن ۾ جان نه آهي. نيٺ هي مها پوڄارڻ جو ناچ ڏسي ٿو ۽ کيس مها پوڄارڻ سان محبت ٿي وڃي ٿي. اها محبت سندس فن کي ڪمال بخشي ٿي ۽ هو هڪ عظيم بُت تراش بڻجي پوي ٿو. مها پُوڄارڻ جنهن جو نالو “سنڌو” آهي. اها به هن جي ڏات سان محبت ڪري ٿي. سنڌو کي سزا ڏيڻ لاءِ مها پوڄاري، سارنگ جون آڱريون ڪپائي ٿو ڇڏي.
ناول جي هن حصي کي پڙهي، پڙهندڙ هيٺيان تاثر ٿو وٺي:
1. فن، محبت کان سواءِ نامڪمل آهي.
2. محبت، مها پوڄارڻ جهڙي مقدس هستيءَ سان به ڪري سگهجي ٿي.
3. محبت ايتري طاقتور شيءِ آهي جو مها پوڄارڻ سڀ ليڪا لتاڙي، لوڪ کان لاپرواهه ٿي سارنگ وٽ هلي ايندي آهي.
4. هميشه وانگر مذهبي پيشوا، محبت تي پابنديون ٿو وجهي ۽ محبت ڪرڻ واري فنڪار جون آڱريون ٿو ڪپي.
5. سنڌ هميشه وانگر، موهن جي دڙي واري دؤر ۾ به سُکي ستابي هئي.
6. سنڌي عوام ان وقت به مذهبي رهنمائن اڳيان بيوس هو وغيره وغيره.
ناول جو ٻيو حصو سومرن جي دؤر جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هن دؤر ۾ به سارنگ فنڪار آهي. هو “سرندو” وڄائي ٿو، پر سندس سُرن ۾ جان نه آهي. ان سان گڏ سارنگ برهمڻ به آهي، ۽ جوڳ به پچائي پيو. سنڌو هن دؤر ۾ وئشيا آهي، پر تنهن هوندي به سارنگ جي دل ۾ جڏهن سنڌو جي محبت جنم وٺي ٿي ته هُو هڪ عظيم فنڪار بنجي پوي ٿو. سنڌو کي هڪ برهمڻ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهر نيڪالي ڏني ٿي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ سارنگ ويراڳ ختم ڪري ٿو ڇڏي. هن دؤر ۾ سارنگ جي مُلاقات بوعليءَ سان ٿئي ٿي، جيڪو عرب سياح آهي، پر سنڌ جي محبت ۾ سنڌي ٿي ٿو وڃي ۽ آخرڪار سنڌ جي لاءِ وڙهي به ٿو. هن دؤر جو خاص تاثر اهو آهي ته محبت هڪ مقدس جذبو آهي. محبت جيڪڏهن هڪ وئشيا سان به ڪجي ته هي دنيا جي عظيم ترين عبادت بڻجيو ٿي پوي، محبت کان سواءِ نڪو فن مڪمل آهي نڪا عبادت.
سنڌ ۽ عربستان جي تهذيبي لاڳاپي کان به واقفيت ملي ٿي. ان کان پوءِ هر دؤر ۾ تقريباً ساڳيا ساڳيا قدر دهرائجن ٿا. يعني سارنگ جيڪو سچائي آهي، پيار آهي، فن آهي، اهو هر دؤر ۾ محبت ۾ شڪست کائي ٿو، پر فنا نٿو ٿئي. سندس آدرش زنده رهن ٿا. ۽ هُو تاريخ جي ٻئي دؤر ۾ وري پنهنجن آدرشن سان زنده ٿيو پوي،
هن ناول تي تبصرو ڪندي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو:
“موهن جي دڙي جي تهذيب کان ورهاڱي ٿيڻ تائين وسيع ڪينواس ۾ هي ناول پکيڙيو ويو آهي. سارنگ، سنڌو ۽ ماڻڪ، بار بار روپ بدلائي هر دؤر ۾ اُڀرن ٿا.
تهذيب جا مختلف موڙ تاريخي واقعاتي بيان بدران پڙهندڙن تائين تاثرات، جذبات ۽ يادگيرين جي ذريعي پهچن ٿا، جيڪو انساني ذهن جي فڪري ۽ جذباتي گهرائي جي تسلسل کي پيش ڪرڻ جو ڪامياب ذريعو آهي.
اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
“سارنگ اهو اِنسان آهي، جيڪو صدين کان پنهنجي سيني تي ڌارين جون ڏاڍايون سهندو پيار ۽ نيڪي جو پرچار ڪندو رهيو آهي. سندس هر باب ۾ بظاهر ناڪامي ٿئي ٿي، ليڪن ظاهري شڪست ۽ فن جي عظمت ۽ تهذيبي عروج جو راز سمايل آهي. هن جي پسپائي وري به انسان جي ڪاميابيءَ ۾ بدلجيو وڃي.“