شام عبداللطيف ڀٽائي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جي انهن وڏن شاعرن جو سرتاج آهي، جن جي شاعري زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگهي هر دؤر ۾ پنهنجي افاديت برقرار رکندي اچي. شاهه لطيف جي شاعري معنوي توڙي موضوعي لحاظ کان گهڻ پاسائين آهي. هتي سندن شاعري جي چند پهلوئن جو مختصر جائزو ورتو وڃي ٿو.
شاھ لطيف جي صوفيانه شاعري
ڪائنات ڇا آهي؟ هن جي ابتدا ۽ انتها ڇا آهي؟ هن ڪائنات ۾ انسان جي حيثيت ڇا آهي؟ وجود ڇا آهي، ڇا وجود هڪ ئي آهي يا ڪيترائي آهن؟ وغيره وغيره…
اهي اهڙا سوال آهن، جن جي جواب لاءِ انسان صدين کان سرگردان آهي. مذهب فلسفو ۽ سائنس… ٽنهي انهن سوالن جا جواب ڏنا آهن، پر ٽيئي ڪنهن به ڳالهه تي متفق نه آهن.
سائنس چوي ٿي ته هيءَ ڪائنات مادي جي ٺهيل آهي. اهو مادو ڪيئن وجود ۾ آيو، ان جو جواب سائنس وٽ به نه آهي.
مذهب هن ڪائنات جي باري ۾ جيڪي به رايا ٿو ڏئي، انهن کي بغير ثبوت جي ئي مڃڻ لاءِ چوي ٿو. فلسفو هن ڪائنات بابت مختلف رايا ٿو ڏئي ۽ دليل جي وسيلي انهن کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، هاڻي هن ڪائنات متعلق ايترا ته رايا ٿي ويا آهن جو اصل حقيقت کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.
شاهه سائين جي سامهون به اهي مسئلا آيا. سندس دؤر ۾ ڪيترائي بزرگ هئا، جن انهن مسئلن بابت ڪجھه نه ڪجھه فرمايو هو. ان کان علاوه شاهه سائين وٽ “قرآن پاڪ” ۽ “مثنوي مولانا روم” هميشه گڏ هوندا هئا. شاهه سائين بذاتِ خود مطالعو ڪيو ۽ مشاهدو به.
شاهه لطيف ڏٺو ته هن ڪائنات ۾ ڪيترائي وجود آهن، يعني “وجود جي ڪثرت “ آهي. پر سڀ ئي وجود پاڻ ۾ ڳنڍيل به آهن، يعني هنن جي اصليت هڪ ئي آهي.
آخر ۾ شاهه سائين هن نتيجي تي پهتو،
“جملي هستيءَ جو حقيقي بنياد “هستيءَ مطلق” يا “وجود ڪل” آهي.
يعني
“وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل.“
هن ڪائنات ۾ جيڪي ڪجھه آهي اهو هڪڙي ئي ذات جو مظهر آهي ۽ سندس مدار هڪ ئي وجود تي آهي، جيڪو قائم ۽ دائم آهي. اها “هستي مطلق” هن ڪائنات جي هر چيز کي پنهنجي دائره ڪار ۾ رکي ٿي. هن ڪائنات جو وجود بذات خود وجود آهي ئي ڪونه، جيڪڏهن ڪائنات کي به هڪ وجود ڪري مڃجي ته هن جو مطلب اهو ٿيو ته “وجود مطلق” هڪ نه پر ٻه آهن.
لطيف سائين جي خيال ۾ وجود صرف هڪ آهي.
جيڪڏهن وجود صرف هڪ ئي آهي ته پوءِ هيءَ ڪائنات ڇا آهي؟
لطيف سائين هن سوال جو جواب هن ريت ٿو ڏئي!
“پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين
هئا اڳهين گڏ پَر ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
يعني بظاهر هيءَ ڪائنات پڻ ٻيو وجود ڏسڻ ۾ ٿي اچي، پر درحقيقت اها ائين آهي جيئن سڏ جو پڙاڏو. اسان کي سڏ ۽ پڙاڏو ٻه شيون لڳندا آهن، پر اصل ۾ ٻئي هڪ ئي شيءِ آهن ۽ اڳ ۾ ئي گڏ هئا ۽ لازم و ملزوم آهن. نه پڙاڏو سڏ کان جُدا ڪا شيءِ آهي نه سڏ پڙاڏي کان الڳ ڪا چيز آهي.
لطيف سائين جڏهن اندر جي اک سان هن ڪائنات جو مشاهدو ڪيو. ته کيس هر طرف هڪ ئي وجود نظر آيو اهو ڏسي پاڻ چيائين:
سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي مَن وسي
سوئي سو پسي، تنين سندي سوجهري
سو هي سو هو، سو پرين سو پساهه
سو اجل سو الله، سو ويري سو واهرو
ايڪ قصر، در لک، سهسين سندس ڳڙکيون
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون۔
هن ڪائنات ۾ انسان ڇا آهي؟ ڇا هُو صرف هڪ مادي ۽ فاني وجود آهي جيڪو ڪڏهن ختم ٿي ويندو؟
لطيف سائين هن سوال جو جواب هن طرح ڏئي ٿو…
ڏسڻ جي ڏسين، ته همه کي حق چئين
شارڪ شڪ مَ ٿي، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾
يعني انسان جو وجود فاني نه آهي، ڇو ته اهو ته “حق” آهي ۽ حق ڪڏهن به فنا نه ٿيندو آهي. انهيءَ ڳالهه کي صرف اندر جي اکين وارا ئي ڏسي سگهندا. انڌا انهيءَ ڳالهه کي ڪٿي ٿا پروڙي سگهن.
ان “حق مطلق” کي سمجهڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان کي ڪٿي ڳولجي؟ ان سان پنهنجي رشتي جو تعين ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ انهن سوالن جي جواب ۾ ڪن انسانن ظاهري عبادت کي ترجيح ڏني. ڪن “ان” کي جهر جهنگ ۾ ڳولڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي جوڳي ۽ سامي بنايو. ڪن سندس بُت ٺاهي ان جي پُوڄا ڪئي پر لطيف سائينءَ چيو ته، جنهن هستيءَ لاءِ توهان ايترا آتا ۽ ماندا آهيو اها توهان کان الڳ ٿوروئي آهي.
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ
هاڻي وڃ گمان، اسان صحيح سڃاتا سپرين۔
سو پکي، سو پڃرو، سو سَر، سوئي هنج
پهي جان پروڙيو مون پانهن جو منجھه
ڏيل جنهن جو ڏنجهه، سو مارِي ٿو منجھه ڦري.
اها ذات حقيقي جيڪڏهن انسان جي اندر ۾ آهي ته پوءِ ان کي ڳولڻ لاءِ وندر ووڙڻ ۽ وڻڪار وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. لطيف سائين چوي ٿو:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
لڪو ناهي لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو
هن بيت جي آخري سٽ تي جيڪڏهن غور ڪجي ته خبر پوندي ته، “لطيف سائين”، “حق مطلق” کي اسان جو “دوست “ ٿو چوي… يعني اسان جو ۽ سندس رشتو “دوستي” جو آهي. ان دوست يا پرين کي پسڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي پروڙجي. پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ئي حبيب کي هٿ ڪرڻ آهي. لطيف سائين فرمائي ٿو:
“وَفي انفسڪم افلا تبصرون” سوجهي ڪر سهي
ڪڏهن ڪا نه وئي، ڪا هوت ڳولڻ هٽ تي
جيسين تائين انسان حق کي نٿو سڃاڻي، تيسين هو عذاب ۾ مبتلا رهي ٿو. اندر جي اُڃ، پرين کي پسڻ جي بيتابي ۽ سڄڻ جي سڪ انسان کي سُورن ۾ مبتلا ڪريو ڇڏي، اهي سور هڪ لحاظي ۾ لهيو وڃن، پر ڪيئن؟…شاهه سائين فرمائي ٿو:
نڪو ڏونگر ڏيھه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ويا.
جنهن حبيب کي اسان هر هنڌ پيا ڳوليون، جنهن کي پاڻ کان الڳ سمجهي سندس ڳولا ۾ سرگردان آهيون، اهو ته اسان جي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي. سندس وجود ته هر چيز جو احاطو ڪيو بيٺو آهي. شاهه لطيف فرمائي ٿو:
هوت تنهنجي هنج ۾ پُڇين ڪهُه پرياڻُ
“وَنَحن اُقرَب اَلِيهِ مِن حَبل الوَريد” تنهنجو توهين ساڻ
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي.
ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي،
الله بِڪُلّ شَيءٍ مُّحِيطٌ”، اي آرياڻي اهڃاڻ
سڀ ۾ پُنهون پاڻ، ڪينهي ٻئو ٻروچ ري.“
هاڻ جيڪڏهن پرينءَ کي پسڻ لاءِ، پنهنجو پاڻ سڃاڻجي ته ان جو طريقه ڪار ڇا آهي؟
ڪنهن به شيءِ کي سمجهڻ لاءِ اسان پنهنجن پنجن حواسن کي استعمال ڪندا آهيون، پر ڇا پرينءَ کي پسڻ لاءِ به انهن حواسن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو؟… نه بلڪل نه… لطيف سائين فرمائي ٿو:
“اکيون سي ئي ڌار، جن سان پسين پرين کي
ٻي ڏي ڪين نهار، سڄڻ ريسارا گهڻا
هي گاڏها وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج
تنين ساڻ سڻيج، پريان سندي ڳالڙي
هل هِئين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار
قاصيداڻي ڪار، ڪين رسائي ڪيچ کي.
شاهه سائين جي صوفيانه شاعري پڙهڻ کان پوءِ اسان هيٺين نتيجن تي پهچون ٿا:
1. شاهه لطيف “نظريه وحدت الوجود” جو قائل آهي.
2. انسان جو وجود خدا جي وجود کان الڳ ڪا حيقيت نه ٿو رکي.
3. ڪائنات جي هر شئي خدا جو مظهر آهي.
4. خدا تعاليٰ کي سڃاڻڻ لاءِ پنهنجي ذات جو عرفان ضروري آهي يعني جن پاڻ کي سڃاتو – ان ڄڻ خدا کي سڃاتو.
5. خدا سڃاڻڻ لاءِ انساني حواس ناقص آهن، ان لاءِ اندر جي اکين جي ضرورت آهي.
6. جڏهن انسان کي ذاتِ باري تعاليٰ جو عرفان حاصل ٿيندو آهي ته ان مان سڀ بيچينيون ۽ بيقراريون ختم ٿي وينديون آهن ۽ “مڪمل سڪون“ جي حالت ۾ اچي ويندو آهي.
شاھ لطيف جي مجازي شاعري
”مون کي ماءُ مجاز، پِڃاري جيئن پِڃِيو
ورد وضيفا وسريا، رهي ڪانه نماز،
هينئڙو بحري باز، چائي چنبن ۾ ڪيو.
سنڌ جي هن سدا حيات شاعر، حقيقت جي اعليٰ درجي تي پهچڻ کان اڳ، مجاز جون ڪيتريون ئي منزلون طئه ڪيون. جانب جي جلوي سندس جيءَ کي جهوري وڌو.
عشق، سندس اندر جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو، پنهنجي بيچيني کي دور ڪرڻ لاءِ هو جهر جهنگ جهاڳڻ لڳو، پنهنجي اندر جو احوال هن ريت ٿو بيان ڪري:
“كامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تؤنس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان.
جي سمنڊ منهن ڪريان، توءِ سرڪيائي نه ٿئي“
كامان پچان نه مران، سڙان ساري رات،
ٻن ٻئائي کي وجهي، ڪر پريان جي تات
سيخون سنديون سڄڻين، اُڀرن آڌيءَ رات،
نه ڪين هٿ ۾ نه ساٿ، ڏيهاڻيو چُنگ چڙهان.“
پنهنجي پرينءَ جي جلوي جي عڪاسي ڏاڍي سهڻي انداز سان ڪئي اٿس. سڄڻ جي هار سينگار ۽ سونهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها، هو هميشه
پسئو سونهن سيد چوي، نينهن اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ، اکر نه اُڄهي.
هڪ جمال پسند انسان کي جسماني سونهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اکيون متاثر ڪنديون آهن. شاهه لطيف مومل جي اکين کي تيز تبرن سان تشبيهه ٿو ڏئي جن ايترن کي ته ڪٺو جو انهن پرديسين جون قبرون قائم ٿي ويون:
“گجر کي گجميل جون تيز تکيون تبرون،
هڻي حاڪمن کي زور، ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.“
“مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس
نه ڪي عام، نه خاص، جي وئا سي وڍيا.“
شاهه سائين انهيءَ خيال جو هو ته اندر جي آڙاه کي عالم آشڪار نه ڪجي، ان لاءِ ڪيڏي مهل نهائين کان نينهن سکڻ جي تلقين ٿو ڪري ته ڪيڏي مهل چوي ٿو ته “ توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلج عام سين.“ پنهنجي قوت برداشت بابت چوي ٿو:
مون جيئن پنهونءَ سين، جي هُوَنوءَ ملاقات،
وجهي ٻانهن وات، هوند رڃن ۾ ريهون ڪريو.
شاهه لطيف رڃن ۾ ريهون ته نه ڪيون، باقي ايترو ضرور چيائين “عقل، مت، شرم ٽيئي نينهن نهوڙيا” عقل جو عشق وارن سان ڪهڙو ڪم؟ جتي عشق پير پاتو اتي عقل جي ڪهڙي جاءِ؟
شاهه لطيف جي سرن ۾ مجاز جو ذڪر سڀ کان وڌيڪ سر مومل راڻي ۾ آهي ۽ سڀني سورمين کان وڌيڪ مومل جي حسن جي تعريف ڪئي اُٿس. سندس حسن ۽ لباس جي تعريف ڪندي چوي ٿو:
“جهڙا پانن پن، تهڙيون سايون مٿن شالون،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تن،
مڙهيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سنهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪيائون لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهھ مرڪئس من، سوڍي سين سڱ ٿيو.
مجازي محبت ۾ سڀ کان وڌيڪ عذاب ڏيندڙ “محبوب جو انتظار” آهي. سندس اوسيئڙي ۾ ننڊون حرام ٿيو وڃن ۽ ماڻهو ائين ٿو محسوس ڪري ته اجهو ٿو مران. شاهه لطيف انهيءَ ڪيفيت کي مومل جي واتان هيئن ٿو بيان ڪري:
“شمع ٻاريندي شب، پرهھ باکون، ڪڍيون،
موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا”
وٽ سوريندي ولها، ويو تيل ٻري،
موٽ مسافر سپرين، چانگي تي چڙهي،
راڻي لاءِ رڙي، ويئي وهامي راتڙي.
جي پرين آهي ته سڀ ڪجھه آهي. محبوب آهي ته ملڪيت آهي. جڏهن محبوب گڏ هوندو آهي ته دنيا جي هر شئي وڻندي آهي. هر طرف حسن ئي حسن نظر ايندو آهي ۽ ماحول ۾ سنگيت جا سر پيا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، پر جڏهن محبوب نه آهي ته هر شئي اوپري پئي لڳندي آهي. قدرت جا حسين نظارا بي معنيٰ ٿي ويندا آهن. هار سينگار زهر ٿي پوندو آهي ۽ حسن
به ڪومائجي ويندو آهي. مومل جي زباني سيد چوي ٿو:
“ڪاڪ ڪڙهي وڻ ويا، ٻرئا رنگ رتول
تو پڄاڻان سپرين، هينئڙي اچن هول
جي مون سين ڪيئي قول، سي سگھا پاڙج سپرين،
ڪاڪ ڪڙهي وڻ ويا، ٻرئا محل ماڳ،
سوڍي جي سرتيون، وڌيس وه ويراڳ،
سورن لائيا سانگ، سگهو موٽج سپرين.
عاشق جي زندگيءَ جو ڏيئو محبوب جي محبت جي ڪري روشن هوندو آهي، جانب آهي ته جان به آهي، سڄڻ آهي ته ساهه به آهي. جانب کان سواءِ جيئڻ ڪهڙو هوندو آهي؟ محبوب کان سواءِ ته ماڻهو پاڻ کي مئل ئي سمجهندو آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته اسان عاشق ته مئل آهيون، اسان سان به ماڻا ٿا ڪريو اهو مناسب ته نه آهي فرمائي ٿو:
“ڪاڪ ڪڙهي وڻ وئا، لوٺو لڊاڻو
تو پڄاڻان سپرين، آتڻ اجهاڻو
مُين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.“
عاشق جي جان مال سڀ ڪجھه سندس محبوب جو هوندو آهي، جيڪڏهن محبوب رسي وڃي ته مال ملڪيت ۽ گهر گهاٽ کي ڇا ڪبو؟ سڀ ڪجھه پرينءَ تي قربان ڪري ڇڏبو، ايتري قدر جو جان به پرينءَ تان قربان ٿيڻ لاءِ ئي ته آهي.
شاهه سائين فرمائي ٿو:
“حال قربان، مال قربان، گهوريان لڊاڻو،
فدا ٿي، فقير جو، شل رسي مَ راڻو،
مُين سين ماڻو، مناسبت مينڌرا.“
شاهه سائين جي مجازي شاعريءَ جو پهلو انتهائي دردناڪ آهي، جنهن ۾ رئڻ ۽ رڙڻ آهي، سڙڻ ۽ پڇڻ آهي ۽ انتظار جي اذيتناڪ ڪيفيت آهي، جنهن ۾ روح رڙي ٿو ساهه سڙي ٿو ۽ جان جلي ٿي. جنهن ۾ عقل اڏامي وڃي ٿو، شرم ختم ٿي وڃي ٿو ۽ انسان چرين جي آچار بنجيو پوي. اهو سڀ ڪجھه سهڻو آهي ۽ صبر سان سهڻو آهي. اندر جي ڦٽن کي عوام جي اڳيان کولڻ ڪچائي آهي. بره جي باهه ۾ پچي راس ٿيڻ کان پوءِ ئي ماڻهو عشق جي پهرينءَ منزل ۾ ڪامياب ٿيندو آهي.
شاهه سائين به جڏهن عشق جي پهرينءَ منزل تي پهتو ته کيس پرين مليو ۽ شاهه چيو:
“جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄارا پوڄئا،
پنيم اميدون، سي ئي سڄڻ آيا.“
جڏهن لطيف سائين کي وصل نصيب ٿيو، ته هو عشق جي پهرئين چاڙهي چڙهي چڪو هو. يعني مجاز کان حقيقت ڏانهن وڃي چڪو هو، هن کي هر طرف سڄڻ ئي سڄڻ نظر اچڻ لڳو. ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه هئي فرمائي ٿو:
“ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو چؤڏس چٽاڻو،
منجھين ڪاڪ ڪڪوري، منجھين لڊاڻو
راڻو ۽ راڻو، رِيءَ راڻي ٻئو ناه ڪو.“
شاھ لطيف جي شاعريءَ تي مذهبي اثرات
اسلام دين فطرت آهي ۽ شاهه لطيف به فطرت جو ئي شاعر آهي. اسلام انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪي قدر ڏنا آهن، اهي سڀ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. ان کان علاوه اسلام جا بنيادي نقطا يعني حق جي سر بلنديءَ لاءِ قرباني ڏيڻ وغيره سڀ احسن طريقي سان موجود آهن. لطيف سائين الله جي هيڪڙائي ۽ وڏائي بابت چوي ٿو:
اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم
والي، واحد، وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.
الله صرف هڪ آهي هو قادر مطلق آهي ۽ سندس قدرت ۾ ڪير به شريڪ نه آهي. جن به سندس هيڪڙائي ۾ شرڪ ڪيو اُهي گمراهه ٿي ويا.
وحده لا شريڪ لهٰ ايءُ هيڪڙائي حق،
ٻئائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسئا
الله جي هيڪڙائي مڃڻ کان پوءِ انسان لاءِ اهو ضروري آهي ته حضرت محمد ﷺ کي الله تعاليٰ جو آخري نبي سمجهي، وحدانيت سان گڏ رسالت هڪ لازمي جُز آهي. خدا تعاليٰ قرآن ۾ هن ڪائنات جي خلقت جو سبب ٻُڌائيندي چوي ٿو ته، “اي محمد ﷺ جيڪڏهن آئون توکي نه خلقيان ها ته هيءَ ڪائنات نه خلقيان ها.“ انهيءَ آيت جو تفسير ڪندي لطيف سائين
چوي ٿو:
وحده لا شريڪ لهُ، جان ٿو چئين ايءُ
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نيههُ
تان تو وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي
يعني جيڪڏهن توکي الله تي ايمان آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي هن ڪائنات جي تخليق جو سبب سمجھه شاهه سائين اڳتي هلي فرمائي ٿو:
وحده لا شريڪ لهُ، جڏهن چيو جن
تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجاه ساڻ هين
تڏهن منجهان تن، اوتڙ ڪو نه اولئو
الله ۽ رسول تي ايمان آڻڻ لاءِ صرف ڪلمو پڙهڻ ڪافي نه آهي، پر پوري يقين سان شرڪ کان توبه ڪجي. لطيف سائين فرمائي ٿو:
ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر اَهيس.
الله ۽ رسول تي ايمان کان پوءِ انسان کي قيامت جي ڏينهن تي يقين رکڻ گهرجي ۽ اهو به يقين رکڻ گهرجي ته ان ڏينهن الله تعاليٰ انصاف ڪندو ۽ اسان جي گناهن جا شاهد اسان جي خلاف شاهدي ڏيندا. لطيف سائين فرما ته ئي ٿو:
وحده لاشريڪ لهُ، ٻڌءِ نه ٻوڙا
ڪِ تو ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامها
شاهه سائين هن دنيا کي عمل جو ميدان ٿو چوي، جنهن جو نتيجو قيامت جي ڏينهن ملندو. جيڪڏهن اسان جا عمل صالح هوندا ته اسان کي خدا تعاليٰ جي خاص ڪرم سان نوازيو ويندو. شاهه سائين فرمائي ٿو:
وحده لاشريڪ لهُ، اي وهائج وي،
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هي
پاڻا چندءِ، پي، ڀري جام جنت جو.
الله، رسول ۽ قيامت تي ايمان فرض آهي. انهن کان پوءِ عملي فرضن جو وارو اچي ٿو، جن لاءِ قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ نماز لاءِ تاڪيد ڪيل آهي.
وحده لاشريڪ له، چئي چوندو آءُ
فرض، واجب، سنتون، تنيئون، ترڪ مَ پاءِ
توبه سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ
نانگا پنهنجي نفس کي، ڪا سئين راهه سونهاءِ
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.
نماز پڙهڻ لاءِ يا ٻين عبادتن لاءِ پهرين انسان کي پنهنجي خودي ۽ انا کي ختم ڪرڻو آهي. جيسين تائين انسان جي اندر ۾ غرور، تڪبر، حرص ۽ وڏائي جهڙا غليظ عنصر هوندا، تيسين تائين هن جي ڪابه عبادت قبول نه پوندي. نماز لاءِ پهرين پنهنجو اندر اجارڻو آهي ۽ پوءِ اها مڪمل خشوع ۽ خضوع سان ادا ڪرڻي آهي. لطيف سائين فرمائي ٿو:
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز
سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهھ سجود
وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو
اسلام امن جو دين آهي. ان ۾ اڳرائي ڪرڻ حرام آهي. جنهن به اڳرائي ڪئي آهي، انهيءَ خطا کاڌي آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو:
هُو چونئي تون مَ چئو، واتئون ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي
اسلام انسان کي تقويٰ ۽ پرهيزگاري سيکاري ٿو. عبادتن جو هڪ مقصد اهو به آهي ته انسان پنهنجي نفس تي ضابطو رکڻ سکي ۽ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. شاهه سائين جي رسالي ۾ جا بجا نفس ڪشي لاءِ تاڪيد فرمايل آهي.
لائي خنجر، “لا” جو هيءِ! خَچَرَ کي هڻ
سَڌ جون، سيد چئي، وٿون سڀ وڪڻ
پير پروڙي کڻ، ته هلڻ ۾ هوري وهين
شاهه لطيف جي شاعري تي مذهبي اثرن جو جائزو وٺڻ مهل هيٺين ڳالهين جو پتو پوي ٿو:
1. شاهه لطيف خدا جي وحدانيت جو قائل هو.
2. هن کي رسول اڪرم ﷺ جي آخري پيغمبر هئڻ تي پورو ايمان هو.
3. پرين کي پسڻ لاءِ معرفت کي ذريعو بنايو اٿس، پر شريعت جي اصولن کي به نظر انداز نه ڪيو اٿس.
4. قيامت جي ڏينهن تي سندس پورو يقين هو.
5. الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ جو درس ٿو ڏي.
6. تزڪيه نفس لاءِ عبادتون ضروري آهن، پر عبادتن ڪرڻ کان پهرين انسان کي پنهنجي اندر اجارڻ جي تلقين ٿو ڪري.
7. هٺ غرور ۽ وڏائيءَ کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري.
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جدوجھد
کرڪڻا لاهي، سُک نه ستا ڪڏهين
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي ٻين ڪيترن ئي اعليٰ انساني قدرن جو پرچار ڪيو آهي، اتي جدوجهد يا عمل جي اهميت تي به تمام گهڻو زور ڏنو اٿس.
انساني زندگيءَ جو هر لمحو با مقصد آهي ۽ هر گهڙي قيمتي آهي، پر جڏهن ان زندگيءَ جو ڪو خاص مقصد مُتعين ڪجي ٿو ته انسان کي پنهنجي پاڻ ۾ ڪجھه تبديليون آڻڻيون پون ٿيون ۽ ڪا حڪمت عملي ترتيب ڏيڻي پوي ٿي.
پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي سڀ کان پهرين سستيءَ ۽ غفلمت مان جان ڇڏائڻي پوي ٿي. حد کان وڌيڪ ننڊ انسان لاءِ هاڃيڪار آهي، تنهن ڪري انسان کي سڀ کان پهرين هن شئي مان جان ڇڏائڻي آهي.
شاهه سائين فرمائي ٿو:
اي ڪم ڪميڻن، جئن سمهن پير ڊگها ڪري
لوچين ڇو نه، لطيف چئي، هاري! لئه هوتن
ننڊان نڀاڳين کي اوڀالا اچن
سي پنهون ڪوه پڇن؟ جي سنجهي رهن سمهي
ننڊ مان جان ڇڏائڻ ڪافي ناهي. پنهنجي مقصد جي باري ۾ هر قسم جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ان لاءِ هر قسم جي غفلمت ۽ ڪوتاهي ڏاڍي مهانگي پوندي آهي، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي ضرروري ڳالهيون ڏاڍي ماٺ ميٺ ۾ ٿي وينديون آهن ۽ انسان کي خبر به نه پوندي آهي.
شاهه لطيف چوي ٿو:
غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪِنءَ اڻاسين اوجهرين
چپاتا چڙهي وئا، وڃي پهتا توڙ
نيڻين ننڊ اُکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين
جڏهن انسان هر قسم جي سستيءَ ۽ غفلت کان جان ڇڏائي ته ان کي پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ پنهنجي ڪم ۾ جنبي وڃڻ گهرجي، جڏهن ڪم جي شروعات ڪجي ٿي ته ان کان پوءِ نيون نيون سوچون ذهن ۾ اچن ٿيون ۽ عمل منجهان ئي رهنمائي حاصل ٿئي ٿي… شاهه لطيف فرمائي ٿو:
وه مَ منڌ ڀنور ۾، ڪرڪو واڪو وس
ٻانهي ٻاروچن جي. گولي! ڇڏمَ گس
ڏورڻ منجها ڏس، پندءِ هوت پنهوءَ جو
مقصد ماڻڻ آسان ڪم نه آهي. ان لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ڪڏهن حالتون بلڪل سازگار نه هُونديون آهن ته ڪڏهن انسان کي بک ۽ بيماري هڻي نستو ڪري وجهنديون آهن. اهڙين مايوس ڪُن حالتن کي ڏسي ڪيترائي انسان پنهنجي مقصد تان هٿ کڻي ويندا آهن ۽ سک ۽ آرام پسند ٿي پوندا آهن. اهڙن ماڻهن کي شاهه لطيف “سڌڙيا ماڻهو” چيو آهي. جيڪي پنهنجي مقصد کان وڌيڪ پنهنجي جان کي مٺو ڪندا آهن. پاڻ فرمائين ٿا:
سڌائتي سڀڪا، بک نه باسي ڪا
جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪانهي جا
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري
مقصد سان محبت ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به حالتن کان نه گهٻرائيندا آهن، جڏهن به حالتون شديد مخالفت ڪنديون آهن ته انهن جي ڪم ۽ جدوجهد ۾ به شدت اچي ويندي آهي. مخالفت ۽ حوصلا شڪني انهن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو وڌيڪ اتساهه پيدا ڪندا آهن، ڇو ته هنن جي ذهن تي بس هڪ ئي ڌن سوار هوندي آهي، اها آهي، مقصد جو حُصول، شاهه لطيف
فرمائي ٿو…
جنءَ جنءَ تپي ڏينهن، تنءَ تنءَ تاڻيان پنڌ ۾
ڪو اڳانجهو نينهن، ٻانڀڻ ٻروچ سين
جدوجهد ڪندڙن جي ذهن کي اهو احساس مسلسل ستائيندو رهندو آهي ته وقت تمام گهٽ آهي، منزل تمام پري آهي. وسيلا محدود آهن ۽ جيءُ جڏو آهي. اهڙين حالتن ۾ ٿورڙي وقت ۾ گهڻو ڪجھه ڪرڻو آهي. سک ۽ آرام کي تياڳ ڏئي، جان جلائي به مقصد حاصل ڪرڻو آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهھ، ڪانهي ويل وهڻ جي
متان ٿئي اونداهھ، پير نه لهين پرينءَ جو.
پنهنجي مقصد ماڻڻ لاء انسان کي پنهنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا آهن. پنهنجي هر شئي قربان ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي، جو ماڻهو وٽان آهستي آهستي سڀ وسيلا وڃڻ شروع ٿيندا آهن. ايتري قدر جو جسم به ساٿ نه ڏيندو آهي. پر مقصد تي ايتري گهري نظر هجڻ گهرجي جو پنهنجي خون جي آخري قطري تائين به جدوجهد جاري رکجي. اها ڳالهه شاهه لطيف سسئيءَ جي واتان هيئين ٿو چوائي…
“مليا ته ملندياسِ، نه ته گهوري جان جتن تان.“
پنهنجي جدوجهد جي دؤران پوئتي موٽڻ جو تصور به نه ڪرڻ گهرجي ۽ مقصد جان کان به وڌيڪ اهم هجڻ گهرجي. مقصد جي راهه ۾ مرڻ ڪنهن به حالت ۾ بي مقصد نه آهي… شاهه لطيف فرمائي ٿو:
موٽي مران مَ ماءِ، موٽڻ کان اڳي مران
لڇي لالن لاءِ، شال پونديس پير تي
شاهه لطيف جي شاعري انسان کي هر جڳهه تي جدوجهد لاءِ آماده ڪري ٿي. ان جدوجهد جي دؤران جيڪي به مشڪلاتون ۽ سور ملن انهن کي صبر سان سهڻ جي تلقين ڪري ٿو. سُر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ اڳيان، درياءَ جي دهشت آهي. ڪنن جو ڪرڳل آهي. لکين لوهٹيون آهن، رات اونداهي آهي ۽ پرين پري آهي، پوءِ به همت نٿي هاري.
شاهه جي شاعري ۾ سُر سسئي ۾ جدوجهد پنهنجي عروج تي آهي. سسئي جهڙي نماڻي نار جهرن جبلن ۾ اڪيلي آهي، لٽا ليڙون اٿس، پير پٿون اٿس، پر تڏهن به ڪاهي ڪيچ ڏي پئي.
اڳيان ڪرڙا ڏونگر اٿس، مِرن جو خوف به اٿس، سج به لهي پيو، بک ۽ اُڃ کان بيحال آهي، ٿڪاوٽ کان سَنڌ سَنڌ ساڻو اٿس، پر پوءِ به موٽڻ جي وائي نه ٿي ڪري جبل سان ڳالهائي ٿي. ان کي پنهنجو حال به ٻڌائي ٿي ته ڪٿي کيس دڙڪا ڏئي ٿي. چوي ٿي:
ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪِئو
نهارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بر
آڏو ٽڪرٽر، متان روه ر تيون ٿيين
هوتن جي هاڃي جو دل تي گهرو گهاءُ اٿس ته به پرعزم آهي، پنهنجي بدقسمتي ۽ غفلت تي روئي به پئي تڏهن به حوصلو اٿس ۽ حوصلي کي هَر هَر ورجائي به پئي.
نماڻي جي نجهري، روئڻ ۽ راڙو
ڪٺل جي قلب ۾، قرب جو ڪاڙهو
هوتن لئه هاڙهو، سڀ رڱنديس رت سان
مطلب ته شاهه سائين وٽ مقصد کي ماڻڻ لاءِ حوصلي ۽ همت سان گڏ هر قسم جي قرباني ڏيڻ تمام ضروري آهي. جيڪا راهه متعين ڪجي ان تي سختيءَ سان عمل ڪجي پوءِ ڇا به ٿي پوي.
وٺئو وڃج واٽ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين
لوڻي ڦير لپاٽ، لڳنديءَ لطيف چي.