افسانو (Fiction)
افسانوارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي.
ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتڪاري جو دؤر آيو ته ماڻهن جي زندگي ايتري تيز ٿي وئي، جو ادب پڙهڻ لاءِ تمام گهٽ وقت وڃي بچيو. ان ڪري ضرورت محسوس ڪئي وئي ته اهڙو ادب لکجي، جيڪو مختصر به هجي ۽ بامعنيٰ پڻ ان ڪري افسانن لکڻ جو رواج پيو.
افسانو مختصر به آهي ته منجھس ذهني غذا جو به پورو بندوبست ڪيل هوندو آهي.
افسانو سماج جي مسئلن جو عَڪس هُجڻ سان گڏوگڏ قوم جي جذبات جو ترجمان پڻ آهي.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي چوڻ مطابق “دنيا ڀرجي ٻولين جو نثر ڪهاڻيءَ سان شروع ٿيندو آهي ۽ هر ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي شروعات ڏند ڪٿائن سان ٿيندي آهي.“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي راءِ پنهنجي جاءِ تي، پر سنڌي ادب ۾ افسانوانگريزن جي دؤر ۾ ئي شروع ٿيو.
فني خوبيون
1. افسانو مختصر آهي
آمريڪا جو چوٽي جو افسانه نگار ايڊگر ايلن پو چوي ٿو. . . . “ افسانو نثر جي اها ڪهاڻي آهي. جيڪا پڙهندڙ هڪ ئي نشست ۾ (اڌ ڪلاڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين) ختم ڪري سگهي.“
2. اهم واقعو صرف هڪ هوندو آهي
انسان جي زندگي ڪيترن ئي تجربن ۽ واقعن جو مجموعو آهي. افسانه نگار انھن مان ڪو هڪ واقعو يا مسئلو کڻي ٿو ۽ ان کي ڀرپور تاثر سان پڙهندڙ تائين پهچائي ٿو. ان مکيه مسئلي جي اردگرد ٻيا به مسئلا افساني ۾ زير قلم ايندا آهن، ليڪن اهي سڀ ان مکيه واقعي کي نکارڻ ۽ اُجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن.
3. زمان، مڪان ۽ عمل جي وحدت
افساني ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جو تسلسل وقت سان مطابقت رکندڙ هجي ۽ ان ۾ تضاد نه هجي. اهڙي طريقي سان انسان جا عمل ۽ سندس قول پاڻ ۾ مطابقت رکندا هجن. يعني هڪ ئي وقت تي هڪڙو ماڻهو ظالم ۽ همدرد نٿو ٿي سگهي.
4. ڪردارن ۽ مڪالمن ۾ حقيقت جو رنگ
افساني جا ڪردار انساني زندگي جي مختلف شعبن مان کنيا ويندا آهن ۽ انهن ۾ حقيقت جو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙيءَ طرح سان افساني جا مڪالما به حقيقت سان ڀرپور هوندا آهن. اهي هڪ طرف ته ڪردارن کي اُجاگر ڪندا آهن ته ٻي طرف ڪهاڻيءَ جي رفتار کي اڳتي وڌائيندا آهن.
5. عمل ۽ ڪردار نگاري ۾ توازن
افساني جا سڀئي ننڍا وڏا جزا پاڻ ۾ ڳتيل هُوندا آهن ۽ انهن ۾ هڪ خاص قسم جو توازن هُوندو آهي ۽ اهڙي طريقي سان ڪهاڻي اختتام پذير ٿئي ٿي.
6. آغاز ۽ انجام
افساني ۾ آغاز ۽ انجام تمام گھڻي اهميت رکن ٿا، پر ان لاءِ ڪوبه شرط نه آهي. ڪي افساني نگار افساني کي اختتام کان شروع ڪندا ته ڪي وري وچ مان شروع ڪندا آهن.