بيت
سنڌي بيت، هِندي ڇندوديا سان مطابقت رکن ٿا. اسان وٽ گهڻو ڪري ڇندوديا جا صرف ٻه قسم استعمال ڪيا ويا آهن يا وري انهن ٻنهي کي ڀڃ گهڙ ڪري نوان نمونا به ٺاهيا ويندا آهن. اُهي ٻه قسم هي آهن:
1. دوها ڇند
هِن بيت ۾ ٻه سِٽون ٿينديون آهن ۽ قافيو ٻنهي سِٽن جي آخر ۾ ايندو آهي. شاهه ڪريم جا ڪافي بيت هِن قالب ۾ چيل آهن، سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي نه سک
سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک
2. سورٺا ڇند
هي بيت به ٻن سِٽن جا ٿين ٿا، پر هنن جو قافيو سٽن جي وچ تي ٿيندو آهي. قاضي قاضن جو هيٺيون بيت سورٺا ڇند مطابق آهي:
جوڳيءَ جا ڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾
تنهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
مٿئين بيت ۾ جاڳايوس ۽ ٿيوس ٻئي قافيا آهن ۽ ٻنهي سِٽن جي وچ تي آيل آهن.
دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند جو ميلاپ: سنڌي شاعرن هندي دوهي جي پُراڻي سٽاءَ تي ڪجھه تجربا ڪيا ۽ اهڙِي طريقي سان سنڌي بيت ۾ ڪجھه نيون صنفون ٺهي ويون.
سڀ کان پهرين اِهو تجربو قاضي قاضن ڪيو، هِن پنهنجي بيت جي پهرين سِٽ سورٺا ڇند مطابق ۽ ٻي سِٽ دوها ڇند مطابق ترتيب ڏني.
سي ئي سيل ٿيام، پڙهئام جي پاڻان،
اکر اڳيان اُڀري، واڳون ٿي ورئام.
شاھ ڪريم جو هيٺيون بيت به مٿئين سِٽاءُ مطابق آهي:
اسين تتا آهيون، جت كونبو ناه،
جي وڃون وياه، ته پڻ مٿئون لوئيون.
ڪجھه شاعرن وري پنهنجي بيت جي پهرين سِٽ دوها ڇند مطابق ۽ ٻي سِٽ سورٺا ڇند مطابق رکي آهي. مخدوم نوح جو هي بيت هِن سِٽاءُ مطابق آهي:
نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.
بيت جڏهن ترقي ڪري ٽن سِٽن يا گھڻين سِٽن تائين پهتو ته ان جي پهرين سِٽ دوها يا سورٺا ڇند ۽ آخري سِٽ سورٺا ڇند مطابق ۽ وچيون سِٽون دوها ڇند مطابق رکيون ويون. هي اهو گھاڙيٽو آهي جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين سڀني وڏن شاعرن استعمال ڪيو آهي. هن سٽاءُ مطابق شاهه لطيف جو هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي مينڌرا. راڻا! ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا.
بيت جا موضوع
بيت تقريباً هر موضوع تي چيا ويا آهن. ان ۾ حُسن ۽ عشق به آهي ته تصوف ۽ فلسفو پڻ. ان ۾ فطرت نگاري به آهي، ته اعليٰ انساني قدر پڻ. بيتن ۾ مذهبي شاعري به ڪئي وئي آهي. ”اهي ڊگها بيت جيڪي مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهن، انهن کي ڪبت چيو ويندو آهي.“ ان کان علاوه ”جيڪي بيت نڙ تي سُر سان چيا ويندا آهن، انهن کي نڙ بيت چيو وڃي
ٿو.“ سانوڻ فقير نڙ بيت جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.
بيت جي صِنف کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، چوٽ تي پهچائي ڇڏيو. پنهنجي شاعريءَ جو مکيه ذريعو بيت کي ئي بنايائين. شاهه لطيف کان پوءِ وارن شاعرن، شاهه صاحب جي پيروي ڪئي آهي ۽ فني لحاظ کان بيت اڄ به لڳ ڀڳ ساڳيو ئي آهي. جيڪو شاهه صاحب استعمال ڪيو هو.
شيخ اياز، استاد بخاري ۽ طالب الموليٰ بيت جا مشهور شاعر ٿي گذريا آهن، شيخ اياز جا ٻه بيت نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
سدا آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي واهه،
متان سوچيو ساه، متان موٽو ماڳ کان.
تون ڏاٽو تون هَرُ، ڪنڌ ڪهاڙي هيرئان،
آهين منهنجي ڏيهه ۾، تون ڀيڻي تون ڀَرُ،
ڪندو سنڌ امر، جھوٻو تنهنجي جيءَ جو.