وائي
ڪِن عالمن جي راءِ مطابق ته وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شيءَ جا ٻه نالا آهن، پر موضوع هيئت ۽ موسيقي جي لحاظ کان جيڪڏهن ڪافي ۽ وائي جي ڀيٽ ٿي ڪجي ته اهي ٻئي مختلف شيون ثابت ٿيون ٿين.
پروفيسر محبوب علي چنا وائيءَ بابت لکي ٿو، “عام اصطلاح ۾ ڪنهن ڳالهه ۽ ٻولي کي وائي سڏبو آهي. هن جو ڌاتو پرڪرت لفظ وايا ۽ سنسڪرت ۾ ورت آهي. جنهن جي معنيٰ آهي، هجر، اڪثر سنڌي اديب هن ڳالهه تي مُتفق آهن تھ وائيءَ جو موجد شاهھ ڀٽائي آهي. ساخت جي خيال کان وائي هِندي ٺمريءَ جي زِير اثر آهي. ٺمريءَ ۾ پهريائين آستاني يعني ٿل هوندو آهي. ۽ پوءِ حشو يا ڀراءُ جنهن کي مِصرع چئبو آهي.“
وائيءَ جو موضوع ته آهي هجر ۽ فراق، پر ڪجھه وايون اهڙيون به آهن جن ۾ هجر ۽ فراق بلڪل به ڪونهي.
فني لحاظ کان وائيءَ کي بيت جي بدليل صورت سڏي سگھجي ٿو. وائي هڪ ڊگهو بيت آهي، پر هِن جي هر مصرع کان پوءِ پهرين سِٽ جي پوئين اڌ جو ورجاءُ ٿئي ٿو.
(1)
ڪهڙي منجھه حساب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
گولي ڀڄ گناهه کان،
ڪونهي سول ثواب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
ديد وڃاءِ مَ دوست جو
هلي منجھه حجاب،
ِ هئڻ منهنجو هوت ري لا!
ڏي طهوراتن کي،
جي سڪن لاءِ شراب،
هئڻ منهنجو هوت ري لا!
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
(2)
عشق اسان وٽ آرائينءَ، جئن آيو جهول ڀري،
ڪوئي ڪيئن ڪري،
موتئي جهڙي مُرڪ پرينءَ جي، مُگرو مات ڪري،
ڪوئي ڪيئن ڪري،
ڏاڙهونءَ ڦوه ڦلاريا منهن ۾، ٻهه ٻهه يار ٻري،
ڪوئي ڪيئن ڪري،
جنهن جا نهٺا نيڻ ائين جئن، رڻ ۾ رات ٺري،
ڪوئي ڪيئن ڪري،
(شيخ اياز)ٰ
(3)
ڏيندا ڏيهه ميار – او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
ڪوٽن ۾ قيدياڻي قابو _
ڪير ٻڌي ڪوڪار او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
هوشوءَ وارو نعرو ماري،
ماري پاڻ جيار – او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
نيٺ ننڊاکا پٽڙا ٻڌندا،
جيجل جي للڪار – او يار
قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو،
(استاد بخاري)