لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ڪافي

ڪافي سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي. جنهن جو مکيه موضوع مجازي عشق جو درد ۽ فراق آهي. ڪافي جي گفتگو گھڻو ڪري عورت جي زباني ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ گھڻو ڪري وڇوڙي جا ورلاپ هوندا آهن.
ڪافيءَ جڏهن پنهنجي ارتقا جون منزلون طئه ڪيون ته ان ۾ حُسن ۽ عشق کان علاوه ٻيا به ڪيترائي موضوع شامل ٿي ويا. جھڙوڪ تصوف ۽ قوميت وغيره.
ڪافيءَ جي صنف بابت ماهرن جا مختلف رايا آهن. ڪي ان کي ڪافي ٿا چون ته ڪي وري ‘ قافي’
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان کي قافي چيو آهي.
ڪي ماهر ڪافيءَ جي نسبت راڳ سان ٿا ڏيکارين ۽ ڪي وري شاعريءَ سان ڊاڪٽر بلوچ جي خيال مطابق سندس نسبت شاعريءَ سان آهي. پاڻ لکن ٿا: ”عربن جي حڪومت واري دؤر ۾ يا ان کان پوءِ سنڌ جي شاعرن پنهنجن ڪن مخصوص نظمن لاءِ قافي ۽ ڪلام جا نالا استعمال ڪيا، جي عربي شاعريءَ جي قافيه ۽ ڪلمۃ جي ترجماني هئا. جن جي معنيٰ آهي: منظوم ڪلام، شعر يا قصيدو.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ پنهنجي جاءِ تي، پر اڪثر ماهرن ڪافيءَ جي نسبت راڳ سان بيان ڪئي آهي ۽ چون ٿا ته ڪافي امير خسرو جي ايجاد ٿيل آهي. هن سلسلي ۾ منظور نقوي لکي ٿو ”هي راڳ (ڪافي) 'هر پريا ميل' ٺاٺ مان امير خسرو جي ايجاد ٿيل آهي. هِن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ٽاڪ منجھند مقرر ڪيو ويو ۽ راڳداري موجب اَروهي ۽ امروهي جي سڀني سُرن لڳڻ سبب انهيءَ کي ڪافي ڪوٺيائين.“
ڪافي سنڌ ۾ ايتري ته مشهور ٿي جو ان سنڌ کان ٻاهر به سفر ڪيو ۽ پنجاب ۾ به ڳائجڻ لڳي. چون ٿا ته برهانپور ۾ جيڪي سنڌي لڏي ويا هئا، انهن ۾ هڪ بزرگ شيخ لاڏجيو نالي هو، جيڪو اُتي سنڌ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪافيون ڳائي ٻُڌائيندو هو.

ڪافيءَ جي هيئت
ڪافي جي فني سِٽاءُ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو: ”هيئت جي لحاظ کان ڪافين جا ڪيترائي قسم آهن. انهن هيئتن جا مختلف نالا به آهن، جيئن يڪيون، ڏيڍيون، ٻه تڪيون، ٽه تڪيون ۽ چؤ تاريون – ڪافي جو وزن ڪٿي عروض ۽ ڪٿي موسيقي ۽ عروض تي ٻڌل آهي.“
سنڌي ڪافيءَ جي شروعات بابت ڪن عالمن جو خيال آهي ته سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾ اسماعيلين جي چيل گنانن کي ڪافيءَ جو اوائلي نمونو سمجهيو وڃي، پر فني توڙي موضوعي لحاظ کان سچل جي ڪافي تمام اهم آهي. سندس ڪافيءَ جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو.
مون کي هوتن هاڻي،
ڪوٺي پنهنجو ڪيو،
جت گھڻا ٻيا جڳ ۾،
منهنجو هوت آرياڻي،
ڪنديس ڪونه ٻيو
لکين پڇن پرينءَ کي،
آئون تان ڪير نماڻي،
سندن نينهن نيو
پرين ڪيو پنهنجو،
سچو سنڱ سُڃاڻي،
وچئون وره ويو.
سچل کانپوءِ سندس رنگ ۾ رڱجي ڪيترن ئي صوفي شاعرن پنهنجا خيال ڪافيءَ ۾ بيان ڪيا.
انهن مان ڪجھه ٻين ناميارن شاعرن جي ڪافين جا نمونا ڏجن ٿا.

1. خوني خماري چَشمان چٽن ٿيون،
ڏسڻ ساڻ عاشق به ڪيئي، ڪُهن ٿيون.
- اِهي نازڪ پرورديون نازڪ نماڻيون،
عاشق ڪُهڻ لاءِ شايد سماڻيون،
تكا تير مزگن جا بيشڪ هڻن ٿيون.
- اهي ڪرين سودو، سدائين ٿيون سِر جو،
ڏسي طالبو تؤ، ڪڏهن ڪين مڙجو،
“بيڪس” ساڻ بازار ۾ امالڪ اڙن ٿيون. (بيڪس)
2. ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي – ويهي ٻُڌ عِشق جون ڳالهيون

- فائدو ڪهڙو عشق منجھه آهي – چاڙهيائين منصور کي ڦاهي
شمس سڄي کَلَ ڏني لاهي – عجب ڏس عشق جون چاليون.

- سرمند ڦاهي مٿئون کِلندو – صوفي جو سِر نيزي بلندو،
- بره جو بار سچ جهلندو – وڃن ٿا قول کي پاليون،

- انهيءَ ميدان تي هلجي – جتي ماڻهو جو ماس پيو کائجي،
“رکيل” اهو حال سلجي – وهَائج سور ڏسو ڀاليون.
(رکيل شاهه)