لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

قاضي قاضن

قاضي قاضن سمن جي آخري دؤر ۽ ارغونن جي شروعاتي دؤر جو شاعر هو. اصل ۾ سيوهڻ جو رهواسي هو، پر پوءِ لڏي وڃي بکر ۾ ويٺو. جڏهن “شاهه بيگ ارغون“ ٺٽي تي حملو ڪري قتلِ عام شروع ڪيو ته قاضي قاضن جو خاندان به ٺٽي ۾ رهائش پذير هو. قاضي قاضن جي معاملا فهمي ۽ ذاتي ڪوششن سان شاهه بيگ ارغون ٺٽي ۾ قتل عام بند ڪيو.
شاهه بيگ جي پُٽ شاهه حسن، قاضي قاضن کي بکر جو قاضي مقرر ڪيو. هن عهدي تي ويهه سال رهڻ كانپوءِ قاضي قاضن استعفيٰ ڏني ۽ مديني منوره هليو ويو.
قاضي قاضن پنهنجي دؤر جو وڏو عالم پڻ هو. حديث، فقهه ۽ اسلامي قانون ۾ مهارت رکندو هو. قاضي قاضن کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون وڏي ۾ وڏو شاعر چيو ويو آهي. “بيان العارفين” ۾ سندس ست بيت مليا آهن. جيڪي معنيٰ مفهوم ۽ فن جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا. اهي ست بيت هي آهن:
1. جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري

2. ڪنز، قدوري قافيه، جي پڙهين پروڙين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اڀ

3. ڪنز، قدوري، قافيه، ڪي ڪين پڙهيوم،
سو پار ئي ٻيو، جتان پرين لڌوم.

4. سي ئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان.
اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام.

5. سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي،
هيڪائي ھيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.

6. سڄڻ منجھه هئام، مون اٿي ويا اوٺيا،
هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هيڙي جاڙ وڌام.

7. لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين،
سوئي سو پڙهان، سوئي سو حرف.
مٿيان بيت اعليٰ فڪر ۽ فن جو بي مثال نمونو آهن. پر هنن بيتن کان علاوه قاضي قاضن ٻيا به ڪيترائي بيت چيا، جيڪي زماني جي هيٺاهين، مٿاهين جي ڪري اسان وٽ محفوظ نه رهي سگهيا ۽ اسان پنهنجي عظيم ورثي کان بي خبر رهياسين.
قاضي قاضن جا بيت زماني جي گردش ڪري سنڌ جون سرحدون ٽپي هند پهچي ويا ۽ هُتي هريانا صُوبي جي هڪ ڳوٺ “راڻيلا” جي هڪ مڙهيءَ ۾ قلمي نُسخي جي صُورت ۾ محفوظ رهجي ويا.
اهي بيت هندستان جي هڪ اديب “هيري ڄيٺا لال ٺڪر” تائين پهتا، جنهن انهن کي سُڌاري سنواري انهن جي معنيٰ لکي ۽ “قاضي قاضن جو ڪلام” جي نالي سان 1978ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين.
هن ڪتاب ۾ قاضي قاضن جي نالي سان “112” بيت منسوب ٿيل آهن. هي ڪتاب جڏهن اسان جي ماهرن وٽ پهتو ته ڏاڍي خوشي ۽ جوش و خروش جو مظاهرو ڪيو ويو. ڪيترن ئي عالمن هن ڪتاب تي پنهنجا تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي “مهراڻ” ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيا.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هڪ تحقيقي مقالو مهراڻ 1978ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب قاضي قاضن جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ ڪجھه اُصول وضح ڪيا ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ ڪلام تي تفصيلي بحث ڪيو. سندس راءِ مطابق، قاضي قاضن جي 112 بيتن مان 35 بيت اهڙا آهن، جيڪي قاضي قاضن جا نه آهن، باقي 77 بيتن کي ڊاڪٽر صاحب، قاضي قاضن جا بيت ڄاڻايو آهي ۽ انهن جي ٻولي ۾ به سُڌارو ڪيو آهي.
انهن 77 بيتن مان ڪجھه بيتن جو جائزو ورتو وڃي ٿو:
قاضي قاضن جو ڪلام تَصوف جي نُڪتن سان ڀَرپُور آهي. هن ڪجھه تشبيهون اهڙِيون استعمال ڪيون آهن جو هن کان پوءِ شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن به لڳ ڀڳ اهڙيون ٿي تشبيهون استعمال ڪيون آهن. مثلا:
لائي لام الف سان، ڪاتب لکي جيئن،
مون هينئڙو پريان سان، لڳو آهي تيئين.
لام سان جڏهن الف گڏجي لکجي ٿو ته الف، لام جوئي حصو لڳي ٿو. ۽ هن کان الڳ نٿو لڳي. پنهنجي پرينءَ سان قُربت جو اظهار ڪرڻ لاءِ قاضي صاحب پنهنجو پاڻ کي لام ۽ الف سان تشبيهه ڏني آهي. ساڳي تشبيهه شاهه لطيف پنهنجي هيٺين بيت ۾ استعمال ڪئي آهي:
“ڪاتب لکي جيئن، لايو 'لام' “الف” سين
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.“
فني لحاظ کان قاضي صاحب جو مٿيون بيت ”دوهو“ آهي ۽ شاهه لطيف جو سورٺو آهي.
سڀني صُوفين اصل کان وٺي “پاڻ سڃاڻڻ” تي ڏاڍو زور ڏنو آهي ۽ چون ٿا ته حق کي ڳولڻ لاءِ جهر جهنگ ۾ رُلڻ ۽ بيابانن ۾ ڀٽڪڻ جي بجاءِ اندر ۾ جهاتي پائجي. قاضي قاضن چوي ٿو:
نه سو لاهو، نه سرو، اورار نه پار،
موڙهو وتين جنهن کي سو من منجھه نهار.
يعني جنهن جي ڳولا، ۾ آهين، اهو نڪو لاڙ ۾ آهي، نڪو سري ۾ ۽ نه ئي وري درياءُ جي هِن پار، يا هُن پار، اهو ته تنهنجي اندر ۾ آهي، تون جھاتي پائي ته ڏس. ساڳيو خيال شاهه لطيف هيٺين بيت ۾ بيان ڪيو آهي:
لڪو ڪو نه لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
پنهنجي پرينءَ سان جڏهن من لائجي ٿو ته دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا لاهڻا ٿا پون. ائين ٿي ئي ڪونه ٿو سگهي ته پرينءَ جي پريت به من ۾ هجي ۽ دنيا جي ريت به نڀائجي. قاضي صاحب چوي ٿو:
“اکر ٻيا وسار، الف اڳيون ئي ياد ڪر
سو تون ڏيئو ٻار، جو نه‏ اُجهامي ڪڏهن.“
جيڪڏهن پريت جي پيچرن تي هلجي ته هر دم ۽ هر گهڙيءَ پرينءَ جي ياد من ۾ هجي. اُٿندي ويهندي، ڳالهائيندي سمهندي، کائيندي پيئندي، مطلب ته هر وقت هر حال ۾، محبوب مَن ۾ هُجي.
ستي ويٺي اٿيئي، ڳالهائيندي ڳيندي
اسان تسان جي تاتڙي، واٽڙين ويندي.
جيڪي سچا سالڪ هُوندا آهن. اُهي هر ماڻهو سان پنهنجي اندر جو احوال نه اوريندا آهن، هي بيوقوف نادان ۽ گنهگار ماڻهن جي وچ رهي به‏ پنهنجي فطرت نه بدلائيندا آهن. اهي هن دنيا جي گندگي ۽ نفر تن جي درميان رهي به پنهنجي تازگي ۽ پاڪائي برقرار رکن ٿا. انهن سان گڏ رهندڙ عام ماڻهو انهن سالڪن کي سڃاڻي نه سگهندا آهن ۽ پنهنجي گندگيءَ سان ڀريل وجود کي ئي حقيقت سمجھندا آهن. قاضي قاضن چوي ٿو:
“سر هيڪڙي وسن، جر ۾ نيهه نه گڏئو
سار نه سالورن، مٿي ڪنول ڦلاريو”
يعني ڪنول ۽ سالورا (ڏيڏر) هڪڙي ئي جڳهه تي رهن ٿا، پر هڪ ٻئي سان محبت نٿا ڪري سگهن. ڏيڏرن کي اها خبر ئي نه آهي ته انھن سان گڏ ڪنول به پنهنجي جوڀن ۾ آهي.
صُوفين “فنا في الله” کان اڳ هڪ ٻي به منزل ٻڌائي آهي. اها آهي “فنا في الرسول”، اسلامي تصوف ۾ حُبِ رسول هڪ بنيادي نڪتو آهي. هن کان سواءِ سالڪ کي حق پلئه پئجي ئي نه ٿو سگهي. رسول اڪرم ﷺ ڏانهن اشارو ڪندي قاضي قاضن چوي ٿو.
“حقيقي مون سيڻ، وسن شهر حقيق ۾
ڳالهه چون حقيقان، چون حقيقي ويڻ”
يعني جيڪي منهنجا سچا سڄڻ آهن، اهي سچ جي شهر ۾ بلڪل وچ ۾ رهندا آهن. اهي حق جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ جيڪي ڳالهائيندا آهن اهو حق جي طرفان ئي هُوندو آهي.
“شفيقي مون سيڻ، وسن شهر شفيق ۾،
ڳالهه چون شفيقان، چون شفيقي ويڻ.“
يعني منهنجا محبوب وڏي شفقت ۽ محبت وارا آهن ۽ رهندا به شفقت واري شهر ۾ آهن. هو جيڪو ٻول ٻولين ٿا انهيءَ ۾ شفقت هُوندي آهي. هُو جيڪڏهن ڪو ڏوراپو ڏين ٿا ته ان ۾ به سندن محبت هُوندي آهي.
قاضي صاحب جنهن محبت جو داعي هو، ان محبت ۾ جيئري وصال نصيب نه ٿيندو آهي. جيسين سالڪ جيئرو رهي ٿو، تيسين هن کي جُدائي ۽ فراق جا عذاب سهڻا آهن. اها جدائي هڪڙي طريقي سان ختم ٿي سگهي ٿي ته لوڪ جا لاڳاپا لاهي، هر دم پرين جي پچار ڪجي. ائين ڪرڻ سان پرين ڪيترا به ڏور هوندا، اهي ساه ۾ سمائجي ويندا ۽ غير ڪيترو به قريب هُوندا اهي پري ٿي ويندا. قاضي صاحب چوي ٿو:
ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور ئي (اوڏا) ولها،
هو جي جر سالور، لڌي نه (تن) ڪنو لاهھ ڪر.
يعني ڪي گڏ رهندڙ به ڏور آهن ته ڪي وري ڏور رهندڙ به گڏ آهن. ائين جيئن ڪنول ۽ سالور پاڻي ۾ گڏ رهندي به هڪ ٻئي کان پري آهن.
تصوف جي آخري منزل کان اڳ، سالڪ كي هر قسم جا لڳ لاڳاپا لاهڻا آهن. هن کي مال دولت، عزيز، دوست، مائٽ، اولاد، وطن، عزت، سک، آرام، نعمتون، مطلب ته مڪمل طرح سان پنهنجو پاڻ کي دنيا کان الڳ ڪرڻو آهي. جڏهن سالڪ هن درجي تي پهچي ٿو ته هن کي پرين پسڻ لاءِ صرف هڪ منزل پار ڪرڻي هُوندي آهي، هن آخري منزل لاءِ سالڪ کي پنهنجي جان قربان ڪرڻي آهي، ٺيڪ انهيءَ وقت تي جڏهن سالڪ پنهنجي جان قربان ڪندو آهي. محبوب به پوريءَ طرح متوجه ٿيندو آهي ۽ سالڪ موت جي آغوش ۾ وڃڻ وقت پنهنجي پرينءَ کي چڱيءَ ريت پسي سگهندو آهي. شاھ لطيف جي شاعري ۾ سهڻي، مرڻ وقت پرينءَ پسي ٿي ۽ ساڳي ريت سسئي ۽ مُومل به جڏهن موت جي آغوش ۾ وڃڻ واريون هُونديون آهن ته سندن محبوب اچي ساڻن ملندا آهن. مطلب ته سالڪ کي وصال حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻي پوي ٿي. قاضي قاضن چوي ٿو:
واحد هنڌين دائرين، هيڪڙو ميئي،
جنهين جان جدا ڪي، پسندا سيئي.
(هتي جان قربان ڪرڻ استعاري جي طور تي استعمال ٿيل آهي – حقيقي طورنه)
يعني محبوب هر جاءِ تي هر ماڻهو لاءِ ساڳيو آهي، پر ان کي صرف اهي پسي سگهندا جيڪي پنهنجي جان فدا ڪندا.
قاضي قاضن جو هندستان مان هٿ آيل ڪلام واقعي سنڌي ادب لاءِ هڪ بيش بها خزانو آهي، جيڪو اسان کي سندس وقت جي ٻولي، ادب ۽ فڪر سان پوري طرح روشناس ڪرائي ٿو. اهو سڄو ڪمال محترم “هيري ڄيٺا لال ٺڪر” صاحب جن جو آهي، جنهن اسان جو پنهنجو لڪل خزانو اسان تائين سُڌاري ۽ سنواري پهچايو آهي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم “هيري ٺڪر” جهڙي “سنڌي” سڄڻ جي احسان مند رهندي.
نوٽ: (قاضي جا نوان بيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پڙهڻي مطابق رکيا ويا آهن.)