لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ڪلهوڙن جو دؤر (1718ع - 1782ع)

ڪلهوڙا، مغلن جي دؤر ۾ سياسي قوت بڻجي آهستي آهستي اڀرڻ لڳا. آدم ڪلهوڙو پيريءَ مريديءَ وسيلي ڪافي طاقتور بڻجي چڪو هو. خان خانان جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته آدم ڪلهوڙي کيس فتح جي دعا ڏني هئي. فتح کان پوءِ مغلن آدم ڪلهوڙي کي چانڊڪا ۾ جاگير عطا ڪئي. آخرڪار ميان يار محمد ڪلهوڙي شاهه عنايت جي سر جو سودو مغلن سان ڪيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪرائي ڪلهوڙن جو پهريون حڪمران بڻجي ويو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي غداريءَ ڪرڻ تي شاهه عنايت چيو:
“ڏونگري ڏني ڏاڙهي، ڪوه ڪتي جو پڇ.“
ميان يار محمد ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي شاهه عنايت سان واعدو ڪيو هو، پر غداري ڪرڻ تي شاهه عنايت چيو ته اها ڏاڙهي ‏نه هئي. پر ڪُتي جو پڇ هو. شاھ عنايت جي خون ۾ هٿ رنڱڻ کان پوءِ ميان يار محمد کي مغلن “خدا يار خان“ جو لقب ڏنو.
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن کان پوءِ سنڌين جي حڪومت آئي. پر سنڌ ۾ امن نه ٿيو ڪلهوڙن جي حڪومت 64 سال هلي، پر هن ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ کي ڪيترائي ڀيرا رت جو ريج ڏنو ويو.
1739ع ۾ نادر شاھ سنڌ تي حملو ڪري شڪارپور ۽ سکر کي قنڌار سان ملائي ڇڏيو. ان نه صرف سنڌ کي خون جو غسل ڏنو، پر سنڌي علم ۽ ادب ايران ساڻُ کڻائي ويو. ميان نور محمد ڪلهوڙو نادر شاهه سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ سنڌ کي نڌڻڪو ڇڏي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو. ان کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ۽ مدد خان پٺاڻ جيڪي سنڌ سان ويل وهايا، تاريخ اڄ به ان دؤر جي نوحه خوان آهي.
ايتري افراتفري ۽ عدم استحڪام جي باوجود سنڌي ادب تمام گھڻي ترقي ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي وسعت لاءِ زبردست صلاحيت موجود آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ جي بقا به وڏي ڳالهه هئي.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ پڻ فارسيءَ جو اوتروئي اثر رهيو، پر جيئن ته حڪمران سنڌي هئا، ان ڪري سنڌي زبان کي همت افزائي ملي. ان همت افزائيءَ جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحيتن ۾ ايترو نکار آيو جو هن دؤر کي “ سنڌي ادب جو سونهري دؤر“ چيو ويندو آهي. هن دؤر ۾ عظيم شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن سنڌي ٻوليءَ جي بي انتها خدمت ڪئي. هن دؤر جا شاعر ۽ سندن ڪلام هيل تائين لافاني ثابت ٿيا آهن.
هن دؤر جي ادب جو جائزو وٺڻ لاءِ ان کي هيٺين ٽن حصن ۾ ورهايون ٿا.
1. مذهبي شاعري
2. صوفيانه شاعري
3. نيون صنفون

1. مذهبي شاعري
هن دؤر ۾ ٺٽو نه صرف سنڌ جي سياست جو مرڪز هو، پر مذهبي لحاظ کان به اتم هو. هتي ڪيترائي مدرسا هئا، جن ۾ ديني درس سنڌيءَ ۾ ڏنو ويندو هو، ان ڪري ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا ويا. ان وقت جيئن ته سنڌي نثر جو باقائده رواج نه هو، تنهن ڪري اهي ڪتاب الف اشباع جو قافيو ملائي نظم جي صورت ۾ لکيا ويا ۽ ان وقت جيئن ته سنڌي صورتخطي اڃان ايجاد نه ٿي هئي، تنهن ڪري اهي عربي رسم الخط ۾ لکيا ويا. انهن نظمن کي ”ڪبت“ به چيو ويندو آهي. ان سان گڏ هنن نظمن کي “سنڌي” جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. هن سلسلي جو پهريون ڪتاب “مقدمة الصلوات“ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ لکيو جنهن ۾ نماز جا مسئلا آسان زبان ۾ سمجهايل آهن.

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي
ٺٽي جو هڪ وڏو عالم هو. ان وقت ڪيترائي هندو اسلام قبول ڪري رهيا هئا، جن کي اسلام جا بنيادي رڪن ۽ عبادت جا طريقا سمجهائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. مخدوم ابوالحسن عربي رسم الخط ۾ ڪجھه اضافا ڪري سنڌي رسم الخط تيار ڪئي، جنهن کي “ابوالحسن جي سنڌي” چيو وڃي ٿو.
سندس ڪتاب “مقدمة الصلوات“ مڪمل طرح سان منظوم ڪتاب آهي، جنهن ۾ نماز جي باري ۾ تفصيل سان سمجهايل آهي: “مثلاً:
“مٿي مونن هٿڙا، نيئي نرتان ڏيج،
ڪري ڪشاديون آڱريون محڪم پر پڇيج،
پورو مٿو پٽ سين، جوڙا جوڙ ڪريج،
جيئن رکيو پاڻي نه رڙهي، ان پر پٺ جهليج.“
“ساراهجي سو ڌڻي، سندن جنهن فرمان،
مڃيو مڙني مومنن، آندائون ايمان.“
“چوٿون رڪوع سجدي ۾، ڪرڻ ويرم ڪا،
قدر تسبيح هيڪڙي، توڙي ٽي ڀيرا.“

مخدوم ضياءُالدين
هيءَ به ٺٽي جي وڏن عالمن مان هڪ هو ۽ مدرسو هلائيندو هو. برک عالم محمد هاشم ٺٽوي به سندس شاگرد هو.
هن بزرگ به الف اشباع مطابق ڪتاب لکيا، جن ۾ اسلام جون ڳالهيون سمجهايل هيون. انهن ڪتابن کي “مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي” به چيو وڃي ٿو. سندس ڪتابن مان ڪجھه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
“جيئن عنايت اسلام، تو ٿيو ڀليءَ ڀت،
سک احڪام اسلام جا، وٺ موچاري مت.“
“ساڍيون ڇهه ويهون فرضن جون، ساري تو سکيج،
بيان تن جو علاحدو، آخر ۾ پڙهيج.“
”پهريون فرض ٿو ٿئي، بعد بلاغت
ايءُ ڪلمو آهي نبي اُتي، جو صاحب آهي شفاعت.“

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع - 1761ع)
مخدوم محمد هاشم پنهنجي ديني تعليم ٺٽي ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليم جو مرڪز به ٺٽي کي ئي بنايائين.
مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو جيد عالم هو. هن عربيءَ، فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ تقريباً ڏيڍ سؤ کن ڪتاب لکيا. جن ۾ “فرائض الاسلام“، راحت المومنين” ۽ “زادالفقير” مشهور آهن. سندس نظم جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
ايمان با الله تعاليٰ جا، چوراسي فرض ٿيا،
سڻي ياد رکو تن کي، هيئين منجهان را،
پهريون فرض ويساه وجود ڪري موليٰ،
ٻيو ايمان ان ڪري ته آهي واجب الوجودا.
عربي اَڄاڻن کي، گھڻي ڏهلي هوءِ،
سنڌي ڪيم سهکي، جان سکِي سڀڪوء
بقا ناه بلاد کي دنيا ناه دوام
اجل ٿو اوتون ڪري، ٿي قريب قيام
ڪريو ياد ڪريم کي، سنجهي صبح شام
مسئلا اسلام جا، پڇي سڀ سکجا،
پڙهيو پاڙهيو تن کي، جيڪي چيو خدا،
ته ڪري رحمان رحمتون، سٻاجھو سڀنيا،
ڪري ڪرم ڪريم ڌڻي بخشي ڏوه خطا.
مٿين ٽن عالمن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي عالمن ۽ سندن شاگردن مذهبي شاعري ڪئي ۽ مذهبي ڪتاب نظم جي ويس ۾ لکيا. انهن عالمن مان هيٺيان عالم ڪافي اهم آهن:
مولوي عبدالحق، مولوي محمد حسين، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، مخدوم غلام محمد بُگائي، قاضي عبدالڪريم، ميون عيسو، مخدوم عبدالله واعظ وغيره.

2. صوفيانه شاعري
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ صوفيانه شاعري تمام اعليٰ درجي جي ڪئي وئي. هن دؤر کي جيڪڏهن صوفي شاعريءَ جو دؤر چئجي، ته به وڌاءُ نه ٿيندو. تمام وڏا وڏا صوفي شاعر پيدا ٿيا، جن تمام وسيع جامع ۽ لازوال ڪلام ڏنو.
صوفي شاعري گھڻو ڪري ”بيت“ ۾ ڪئي وئي. ان کان علاوه “وائي” کي به تصوف جي نقطن سمجھائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
هن دؤر جي ڪجھه مکيه صوفي شاعرن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

شاھ عنايت رضوي
شاهه عنايت رضوي مغلن جي آخري دؤر ۽ ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر جو شاعر هو. سندس وڏا اصل بکر جا رهاڪو هئا. پر پوءِ لڏي اچي نصرپور ۾ ويٺا. سندس شعر تي تبصرو ڪندي محترم حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب “A Brief History of Sindhi Litrature” ۾ لکن ٿا:
“شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف شعر ۾ هڪ ئي رستي تي هليا آهن. اهائي ٻولي _ ساڳي پابندين ۽ خيالن جي هڪجھڙائي توڙي دلڪشي _ بيتن کي شاهه لطيف وانگر هن به مختلف سرن ۾ تقسيم ڪيو آهي ۽ سنڌ جي عشقيه داستانن کي شعر ۾ استعمال ڪيو آهي.“
شاهه عنايت، شاھ لطيف جي همعصر شاعرن ۾ سڀني کان وڌيڪ سٺو شعر چيو آهي، جنهن جو اثر خود شاهه لطيف پڻ ورتو آهي. شاهه عنايت جي شاعريءَ ۾ تصوف جا نقطا نهايت شاعراڻيءَ نزاڪت سان بيان ڪيل آهن. عام صوفيانه خيال مطابق شاهه عنايت به محبت کي ڏاهپ تي ترجيح ڏني آهي. يعني جيڪڏهن من ۾ محبت آهي ۽ رهبري ڪرڻ لاءِ ڪو رهبر آهي ته ڪيڏا به ڏکيا مرحلا ڇو نه هجن ماڻهو آسانيءَ سان طئي ڪري سگھي ٿو. ان حقيقت بابت شاهه عنايت چوي ٿو:
“ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، جت برپٽ بيريان،
اُتِ ڏاهن ڏاهپ وسري حريفن حيران،
سسئي لنگهيو سيد چئي، محبت سين ميدان،
جن جو آرياڻي اڳواڻ، تن کي ڪانهي باڪ بهير ۾.“
تصوف کان علاوه شاهه عنايت جي بيتن ۾ حسن، عشق، فراق ۽ وصال به انتهائي دلڪش ۽ پرسوز انداز سان بيان ڪيل آهي. پاڻ فرمائين ٿا:
“گلبدن جون گجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،
اهڙي پر عنايت چوي راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو وڃي ڪاڪ ڪڪوريو.“
هر سٺي شاعر کي فطري نظارن سان محبت هوندي آهي. هو فطرت جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ ان مان ڪجھه نتيجا به ڪڍي ٿو ته ان سان گڏ پنهنجي جمالياتي ذوق جي تسڪين به ڪري ٿو. شاهه عنايت فطرت نگاري ڪرڻ سان گڏ ان وقت جي سماجي حالتن جو به سٺو عڪس چٽيو آهي. سندس هي بيت انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو:
“پپيهل پتو هيون، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنڀايا، سرها ٿيا سنگهار،
لاهي ڏک ڏاتار، الاهي عنايت چوي”
شاهه عنايت بيتن سان گڏ وايون به چيون آهن، جيڪي فني توڙي فڪري لحاظ کان اعليٰ درجي جون آهن.

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي
سنڌ جو هي اهو باڪمال شاعر آهي. جنهن کي دنيا جي وڏن شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مشرق توڙي مغرب جا عالم ۽ محقق، شاهه لطيف جي ڪلام جي تشريح ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ رڌل آهن. شاهه سائين جي ڪلام کي جيترو وڌيڪ پڙهجي ٿو اوترو وڌيڪ حيرت ۾ اضافو ٿئي ٿو.
شاهه سائين جي ڪلام ۾ اِهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ آفاقي شاعر ۾ موجود هجڻ گهرجن. علام آءِ آءِ قاضي ڪار لائل جي ٻڌايل اصولن مطابق شاهه سائين کي دنيا جو وڏي کان وڏو شاعر ثابت ڪيو آهي. ڪار لائل جا مقرر ڪيل معيار هيٺيان آهن:
(1) شعر اهو آهي جيڪو ڳائي سگهجي.
(2) جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي شعر جي ڪا مصرع يا لفظ بدلائي ڇڏجي ته شعر جو روح ختم ٿي وڃي.
(3) زبان جو استعمال جنهن ذريعي شاعر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو آهي.
شاھ صاحب جو ڪلام انهن ٽنهي معيارن تي بلڪل پورو آهي. سندس ڪلام گهري مشاهدي ۽ ذاتي تجربي تي ٻڌل آهي. پاڻ سڄي سنڌ جو چپو چپو گهميائون ۽ اتان جي مروج داستانن، ٻولي، قدرت جي رنگين ۽ حسين نظارن، ماڻهن جي نفسيات، انهن جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي ۽ ٻين بيشمار پهلوئن کي پنهنجي مطالع هيٺ آڻي. انهن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايائون، جيڪا اڄ هڪ لازوال ۽ لافاني حقيقت بڻجي چڪي آهي.
شاهه سائين جي ڪلام کي موضوع ۽ معنيٰ جي لحاظ کان هيٺين ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:

(1) نيم تاريخي داستان
شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ کي مختلف سرن ۾ ورهايو آهي ۽ سنڌ جا نيم تاريخي داستان جهڙوڪ: 'سسئي پنهون، 'عمر مارئي' ۽ 'سهڻي ميهار' وغيره کي پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي. شاهه سائينءَ انهن داستانن کي سڄي جو سڄو بيان نه ڪيو آهي پر انهن مان صرف پنهنجي مقصد وارا ٽڪرا ڪڍي انهن کي تمثيل طور ڪم آندو آهي.


(2) صوفيانه نصيحت
شاهه صاحب هر داستان کي بيان ڪرڻ کان پوءِ انهن مان ڪجھه نتيجا ڪڍي ٿو ۽ پوءِ اسان کي صوفيانه نصيحتون ڪري سڌي راهه ڏيکاري ٿو.

(3) مجازي شاعري ۽ فطرت نگاري
شاهه سائين کي نوجوانيءَ ۾ مجاز جي مهميز آئي هئي، جنهن هن کي بيچين ۽ بي قرارڪري ڇڏيو. ان بي قراريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ واسطي شاهه سائين سير سفر ڪيو. ان سير و سياحت ۾ قدرت جا ڪيئي منظر ڏٺائين، جن کي پنهنجي لفظن جي قالب ۾ لاهي انهن نظارن کي امر ڪري ڇڏيائين.
“سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊنِ،
باالله ريَ پرين، سڀ اونداهي ڀائنيان،“
“جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبليئا، هاها هو هميش،
پسِئو سونهن سيد چوي، نيهه اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اُڄهي.
منظر نگاريءَ بابت سندس هيٺيان شعر پڙهي، شاهه سائين جي مشاهدي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھجي.
“وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو جمر جر،
ڪوسا تپن ڪڪرا، ٻي دمدم تپي ڌر،
ويچاري ڏئي ور، پير نه لهي پرينءَ جو.“
“هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءُ
لڳي اتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي.“

شاھ سائين جي ڪلام جون خصوصيتون
(1) هندي شاعريءَ وانگر، زال کي عاشق ۽ مڙس کي معشق ڏيکاريو اٿن.
(2) شاهه سائين جي ڪلام جي سڀني قصن ۾ انجام دردناڪ ڏيکاريل آهي.
(3) سندن ٻولي نج سنڌي آهي.
(4) سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي ڀرپور عڪاسي ڪئي اٿن.
(5) سندن شاعري تمثيلي آهي.
(6) سندن شاعريءَ ۾ جدوجهد ۽ قربانيءَ جو درس ڏنل آهي.

خواجه محمد زمان لنواري وارو (1712ع – 1774ع)
هيءَ بزرگ نقشبندي سلسلي جو هو ۽ شاهه لطيف جو هممصر هو. شاهه لطيف کي ساڻس گھڻي عقيدت هوندي هئي. روايت موجب هڪ شاهه سائين سندس مريد ٿيڻ جي اِرادي سان وٽس ويو، پر صرف ان ڪري سندس مريد نه ٿيو جو نقشبندي سلسلي ۾ راڳ جي منع ٿيل آهي. شاھ سائين خواجه محمد زمان بابت فرمائي ٿو:
مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪا، ڪري سگهان نه ڳالڙي.
عبدالرحيم گرهوڙي سندس مريد هو ۽ ان خواجه صاحب جي ڪلام (جيڪو 85 بيتن تي مشتمل آهي) جي عربيءَ ۾ شرح ڪئي.
خواجه محمد زمان جي شاعري جو موضوع تصوف آهي. هو محبوب کي سڃاڻڻ لاءِ “معرفت“ کي وڌيڪ ترجيح ٿو ڏئي.
فعل شريعت، حب طريقت، هنيون حقيقت هوءِ،
معرف نالوءِ، پروڙڻ پارسين.
جيڪي معرفت وارا ماڻهو هوندا آهن انهن جي زندگيءَ جو مقصد ئي هوندو آهي پرينءَ کي پسڻ. هو جڏهن “حق” جو پرچار ڪندا آهن، ته نه انهن کي ڪنهن قسم جي لالچ هوندي آهي، نه ئي وري ڪنهن قسم جو خوف، خواجه صاحب هن حقيقت کي هيئن ٿو بيان ڪري:
عارف ۽ عشاق، پسڻ گهرن پرينَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃان اوراهان ٿيا.“
ٻين صوفي شاعرن وانگر، خواجه صاحب به ظاهري علم کي گهٽ ڪري ڄاڻايو آهي ۽ عشق جي منزل مٿائين ٻڌائي آهي ۽ هدايت ڪئي اٿس ته انهن ماڻهن سان صحبت رک، جيڪي پنهنجي من ۾ محبت جو مچ ٻارين. فرمائين ٿا:
“اکر پڙهه عشق جو، ڪنز قدوري ڇڏ،
چڙهه تنين جي مڏ، جي سُتِي ڏين شراب جي.“
پرين کي پسڻ لاءِ ماڻهوءَ کي سڀ لڳ لاڳاپا لاهڻا پوندا آهن. سڀ رشتا ناتا ٽوڙي، سڀ ڪجھه ڇڏي فقيراڻي راهه وٺڻي پوندي آهي. فقير ٿيڻ لاءِ نه صرف ٻين شين تان آسرو کڻڻو ٿو پوي، پر پنهنجي سر جو سانگو به لاهڻو ٿو پوي، خواجه صاحب فرمائي ٿو:
“ تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سِسِيءَ جو،
ماڻئو تن ملير، جن جسو، مال مباح ڪيو.“
طالب جي زندگي، جو مقصد صرف مطلوب تائين پهچڻ آهي. سڄيءَ جدوجهد کان پوءِ جيڪڏهن طالب پنهنجي مطلوب کي سڃاڻي ورتو ته پوءِ هن جي لاءِ ٻئي ڪنهن به باري ۾ سوچڻ عظيم گناه آهي. ڇو ته جنهن واٽ لاءِ هو مٿا مونا هڻي رهيو هو، اها جيڪڏهن کيس ملي وڃي ته پوءِ ويھڻ جو ڪهڙو ڪم؟
“سڄڻ ڏٺو جن، تن ڏسڻ غير گناه،
جنين لڌي راه، وهڻ تنين وهه ٿيو.“

روحل فقير
روحل فقير انهن ٿورڙن صوفي شاعرن مان آهي، جيڪي پنهنجي وقت جا وڏا عالم پڻ هئا. روحل فقير به عربيءَ ۽ فارسيءَ جو وڏو عالم هو هنديءَ تي به چڱي دسترس حاصل هئس. پهرين ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ملازم هو، پر پوءِ اتان ملازمت ڇڏي خيرپور رياست ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو.
پاڻ سنڌيءَ سرائڪيءَ ۽ هنديءَ ۾ اعليٰ درجي جي شاعري ڪئي اٿن، جيڪا وحدة الوجود جي فلسفي جو ڀرپور اپٽار آهي. هندي دوهن ۾ به ڪتاب لکيا اٿس، جن ۾ “من پربوڌ” “پريم گيان” ۽ “انڀو” مشهور آهن.
روحل فقير ڪافي، غزل، بيت، دوهن ۽ سي حرفي ۾ شاعري ڪئي آهي، جيڪا فڪر ۽ فن جي لحاظ کان اعليٰ پايي جي آهي.
پاڻ جيئن ته عالم هئا ۽ ڪلهوڙن جي دربار ۾ رهيا هئا، ته کين زماني جي ٻه اکيائيءَ جي پوري پروڙ هئي. ماڻهو اندر ۾ هڪڙا هئا ته ٻاهر ۾ ٻيا. گهڻو ڪري ڪجھه ڪتاب پڙهي پنهنجو پاڻ کي عالم سمجهڻ لڳندا هئا. انهيءَ حقيقت کي پنهنجي هڪ بيت ۾ هيئن چٽيو اٿس:
“پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو، ڪاڏي اکر اير
ساڻ سهائي سج جي، پڇا موافق ٿيندو مير،
جن صحيح سڃاتو پير، روحل رات به تن جي.“
انسانن جي گهڻائي اڪثر ڪري سطحي سوچ جي حامل رهي آهي، شروع کان وٺي انسان پنهنجي جبلتن کي تسڪين پهچائڻ لاءِ ڪوشان رهيو آهي. تمام گهٽ انسانن پنهنجي فوري خواهشن ۽ موجود حقير ذائقن کي ٺڪرائي، ڪنهن وڏي مقصد ماڻهن جي تمنا ڪئي آهي. انهيءَ وڏي مقصد تائين پهچڻ لاءِ صوفين جيڪا راهه پسند ڪئي آهي، اها آهي عشق جي راهه، عشق جي راهه تي هلڻ کان پوءِ ئي انسان پنهنجي پرينءَ جو وصال ماڻي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ عشق جي باهه ڀڙڪي اٿي ته پوءِ اهو ماڻهو زندگيءَ جي عام ضرورتن کان بي نياز ٿي ويندو. هن کي انهن شين مان خوشي حاصل نه ٿيندي جنهن جي لاءِ عام ماڻهو سڪندا رهندا آهن ۽ نه هن کي انهن ڳالهين مان ڏک پهچندو، جيڪي عام انسانن کي روئڻ ۽ رڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن. روحل انهيءَ حقيقت تان پردو كڻڻ لاءِ هي بيت چيو آهي:
“جن کي عشق اندر ۾، تن کي اُڃَ نه بُکَ،
وحدت منجھه وصال جي، سدا ماڻين سک،
ڏور تن کان ڏک، جي روحل رتا روح ۾.“
روحل فقير جيئن ته وحدت الوجود جي فلسفي جو قائل هو، تنهن ڪري ان کي هر شيءِ ۾ وجود مطلق جي جهلڪ نظر ايندي هئي. پاڻ چيائون:
“پپر ۾ پَرميشوَر، ته ٻٻر ۾ ڪوٻيو؟”
يعني هر خوبصورت ۽ سڪون پهچائيندڙ شيءِ ۾ جيڪڏهن ذات حقيقي جو جلوو آهي، ته پوءِ هر ايذاءَ رسائيندڙ ۽ گهٽ خوبصورت شين ۾ به اهائي ذات حقيقي آهي، ڇو ته جيڪڏهن انهن ۾ اسان ٻئي ڪنهن وجود کي ڳولينداسين ته وجود جي وحدت ختم ٿي ويندي ۽ اهو شرڪ ٿي پوندو.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
هيءُ بزرگ به پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو ۽ هن کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گهڻو فخر ۽ ناز هوندو هو ۽ ان وقت جي صوفي بزرگن تي ٺٺوليون ڪندو رهندو هو، پر پوءِ جڏهن خواجه محمد زمان لنواري واري سان ملاقات ٿيس سڀ ڳالهيون وسري ويس ۽ خواجه صاحب جي رنگ ۾ رڱجي ويو.
مخدوم صاحب جي ڪلام کي هيٺين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
مذهبي شاعري: پاڻ جيئن ته عالم هئا، ان ڪري اسلامي مسئلا سمجهائڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ شاعري ڪيائون، جيڪا گهڻو ڪري “ڪبت“ جي صورت ۾ هئي. وحدانيت تي سندس ڪلام جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“لا الله الاالله” آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ،
سڃاڻڻ ۾ ان سندي عقل عاجز هوءِ،
سڀن ڌاران تنھن سري، ان ري نه سري ڪو….“

صوفيانه شاعري
سندس صوفيانه شاعري بيتن جي صورت ۾ آهي. جنهن جو موضوع به اهو ئي آهي، جيڪو سندس همعصر صوفي شاعرن جو هو، يعني “تصوف ۽ عشق حقيقي“. پرينءَ جو پسڻ هر صوفيءَ ۽ عارف جي زندگيءَ جو مقصد هوندو آهي. هو عبادت، عابد بڻجڻ لاءِ نه ڪندو آهي ۽ تقوي، زاهد ۽ متقي بڻجڻ لاءِ نه. پر صرف پرينءَ به پسڻ لاءِ مخدوم صاحب فرمائي ٿو:
“عابد زاهد اوريان، عارف عين منگن،
هو روادار رکڻ جا، هي هٿان هٿ گهرن،
ساعت سال چون، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.“
“نفي ۽ اثبات کان، پرين پاڪيزوءِ
لالن سندي لوءِ، تن تناقص ناهه ڪو.“

صاحبڏنو فاروقي (1697ع – 1788ع)
هيءَ بزرگ شاهه سائين جو همعصر شاعر هو ۽ سچل سرمست جو ڏاڏو هو. سندس بيت وحدة الوجود جي فلسفي سان ڀرپور آهن. ان کان علاوه سندس شاعريءَ مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هن جي نظر ۾ زندگي ڪن ننڍن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه خلقي وئي آهي. زندگي ۾ پنهنجي عمل سان ان منزل تي رسجي جيڪا سڀني کان اعليٰ ۽ اُتم هجي. انهيءَ نقطي کي هن بيتن ۾ ڏاڍي خوبصورت انداز سان نروار ڪيو آهي:
“ڪنين جو نينهن نهر سان، ڪنين دٻايا درياه،
صاحبڏني جي ساه، سارو سمنڊ سمايو.“
“ڪي ٻڌڻ سان ٻٽجي ويا، ڪي چريا منجهه چاه،
صاحبڏني جي ساه، سارا ورق ورايا.“

مدن ڀڳت
مدن ڀڳت به شاهه سائينءَ جو همعصر هو ۽ شاهه سائينءَ سان ڏاڍي محبت هوندي هئس. ٻئي اڪثر رهاڻيون ڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان بيتن ۾ سوال جواب به ڪندا هئا. مدن ڀڳت جي شاعري جو فني سٽاءُ به ساڳيو شاهه صاحب وارو ئي هو. سندس شاعريءَ جو موضوع گهڻو ڪري اعليٰ انساني قدر آهن ۽ انهن سڀني اعليٰ انساني قدرن مان هو محبت کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس هڪ بيت آهي ته:
محبت مِٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،
ڇا ڄاڻي لوڪ، قدر ان ڪيميا جو.“

تمر فقير
هي بزرگ شاهه سائين جو خاص مريد هو. سندس اصل نالو حاجي علي هو، پر شاهه صاحب کيس محبت ۾ تمر فقير جي نالي سان سڏيندا هئا.
تمر فقير جي شاعري به بيتن ۾ آهي ۽ سندس سٽاءَ توڙي موضوع تقريباً شاهه سائين جهڙوئي آهي. نموني طور سندس ٻه بيت هيٺ ڏڄن ٿا:
“ذاتي مان صفاتي ٿيو، صفاتيءَ مان جڳ،
آديسي الک، مشاهدو محبوب جو.“
“منهنجو من منجهائيو، جتن جي جمال،
وڌو سور سرير ۾، ڪيچين جي ڪمال،
هوت نه ڀائي حال، مٽ نه ٿيا معذور جا.“

هن دؤر جون نيون صنفون
هن دؤر ۾ ادب جي ايتري ترقي ٿي ۽ ايترا شاعر پيدا ٿيا، جو انهن سنڌي شاعريءَ کي ڪافي نيون صنفون ڏنيون. انهن صنفن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:

ڪافي يا وائي
ڪافيءَ جي باري ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته اها صنف ڪلهوڙن جي دؤر کان به اڳ موجود هئي، پر ان جو ڪوبه باقاعده نمونو نه ملي سگهيو آهي، تنھن ڪري ڪافيءَ کي هن دؤر جي صنف سمجهڻ گهرجي. ڪجھه ڄاڻن جي راءِ مطابق ڪافي ۽ وائي ٻئي ساڳي شيءِ آهن. اتر ۾ ان کي ڪافي چيو ويندو هو ۽ لاڙ ۾ ان کي وائيءَ جو نالو ڏنو ويو. شاهه لطيف جي وائيءَ جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
آءُ راڻا رهه رات،
تنهنجي چانگي کي چندن چاريان
راتيان ڏيهان روح ۾، تن تونهين جي تات
تنهنجي چانگي کي چندن چاريان
ويٺي نت نهاريان، اچين جي پرڀات
تنهنجي چانگي کي چندن چاريان

سينگار
شاعري جي هن صنف ۾ محبوب جي هار سينگار ۽ حسن ۽ جمال جي تعريف ڪئي ويندي آهي. محبوب جي حسن جي تعريف ته شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به آهي، پر انهن جي شاعريءَ جو محور محبوب جي حسن جي تعريف نه آهي. هن دؤر ۾ سينگار جا ٻه وڏا شاعر ملن ٿا. جلال کٽي ۽ صابر موچي.
صابر موچيءَ جي سينگار جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“جهڙا گل گلاب جا، انهيءَ به اعليٰ پرين،
پسي دهن دلبر جو، مجرو ڪيو مهتاب،
ڪن پيا ويس وڏاندرا، “صابر” چئي صاف،
ظاهر اڳيون زاف، اچي ڪونه عجيب جي.“

مولود
هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي “نئون ڄاول ٻار.“ هن صنف ۾ حضور ڪريم ﷺ جي تعريف ۽ ثنا بيان ڪئي ويندي آهي. مخدوم عبدالرحيم ۽ غلام محمد بُگائي هن دؤر ۾ علم عروض مطابق مولود چوڻ شروع ڪيا.

مدح
هن صنف جو موجد جمن چارڻ آهي. هن ۾ خدا جي حمد، نبي ڪريم ﷺ جي ثنا ۽ اصحابن ۽ بزرگن جي ساراهه ڪئي ويندي آهي.

مناجات
هن صنف ۾ شاعر ڌڻي جي درگاهه ۾ ٻاڏائي سوال ڪندو آهي. ان کان سواءِ شاعر حضور ﷺ اصحابن ۽ ڪنهن وليءَ کي به سوال ڪندو آهي.
هن صنف جو موجد مخدوم عبدالله عرف ميان موريو آهي. ان کان علاوه ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ ڪجھه ٻين شاعرن به مناجاتون چيون ميان سرفراز ڪلهوڙي جي مناجات تمام گھڻي مشهور آهي، جيڪا هن بنديخاني ۾ ويهي لکي هئي:
بسم الله لڳ الله، محمد شاهه ڪر پناهه پرين تون،
منجهه درگاهه، ڪيم آه، مٿي راهه رسين تون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.
آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون،
پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ ڏئين تون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.
چارئي طرف تنهنجي شرف، ڪيم روشن راهون،
منجهان نور ٿيو معمور، مڪو ملڪ مدينون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.
سرفراز کي اُداس، آهي آس، اوهان ڏون،
ره راس، بند خلاص، خوشي خاص ڏئين مون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

مناقبا ۽ معجزا
مناقبا نبين، اصحابن ۽ ولين جي خوبين بيان ڪرڻ لاءِ چيا ويندا آهن ۽ معجزي جي معنيٰ آهي اڻ ٿيڻي ڳالهه جيڪا رسول اڪرم ﷺ ڪري ڏيکاري هجي. هي ٻئي صنفون مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون ايجاد ڪيل آهن.
غزل
غزل جو بنياد به هن ئي دؤر ۾ پيو، جنهن اڳتي هلي تمام گھڻي ترقي ڪئي. غزل جا اوائلي شاعر مرزا تقي ۽ نور محمد خسته آهن.

هن دؤر جو ادبي ۽ فني جائزو
1. هن دؤر ۾ شاهه عبداللطيف ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا شاعر پيدا ٿيا. جن سنڌي ٻوليءَ ۽ شعر کي ڪمال جي درجي تي پهچائي ڇڏيو.
2. بيت تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ فني لحاظ کان ارتقائي منزلون طئي ڪري فني پختگي ۽ وسعت حاصل ڪئي. گھڻن مصرعن تي مشتمل ڊگها ۽ پختا بيت به لکيا ويا، جن کي ڪبت چيو وڃي ٿو. ڪبت گهڻو ڪري مذهبي شاعريءَ لاءِ استعمال ٿيو. موضوع جي لحاظ کان به بيت ۾ ڪيترائي نوان تجربا ٿيا.
3. جمالياتي شاعريءَ به تمام گھڻي ترقي ڪئي.
4. اسلامي فلسفي سان گڏ هندو ويدانتي فلسفي کي به سنڌي شاعريءَ ۾ جڳھه ملي.
5. هن دؤر ۾ ڪيئي نيون صنفون وجود ۾ آيون، جهڙوڪ: ڪافي، وائي، سينگار، مولود، مدح، مناجات ۽ معجزا.
6. الف اشباع جي نظم مطابق ڪيئي ڪتاب لکيا ويا. مخدوم ابوالحسن، محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جهڙن عالمن مذهبي نقطا سمجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا.
7. مخدوم ابوالحسن، سنڌي صورت خطي تيار ڪئي.
8. سنڌي شاعري جمع ڪري رسالا لکيا ويا.
9. هن دؤر ۾ واقعاتي ۽ رزميه شاعري به ملي ٿي.
10. فطرت نگاري ۽ منظرنگاري کي اهميت ڏني وئي.
11. سنڌي عروضي شاعريءَ جو بنياد هن دؤر ۾ پيو.
12. هن دؤر ۾ غزل جي شروعات ٿي.