لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

تنوير عباسي

اعليٰ انساني قدرن ۾ سُونهن ۽ سچ ٻه اهڙا قدر آهن جيڪي هميشه انسان جي توجهه جو مرڪز رهيا آهن. هر سٺو انسان انهن ٻن قدرن کي حاصل ڪرڻ گهري ٿو. پر انهن ٻنهي قدرن جي خلاف هڪ مضبوط ۽ سگهاري قوت هميشه برسر پيڪار رهي آهي. ان هر دؤر ۾ سونهن تي غلبو حاصل ڪري ان کي ذاتي ملڪيت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سچ
کي چيڀاٽي ۽ ڪچلي، ڪوڙ جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها طاقت آهي ”بَدي.“
بَديءَ جو ساٿ ڏيڻ وارن ٽولن ۾ استحصالي گروهه، مفاد پرست مذهبي رهنما ۽ حڪمران طبقا پيش پيش رهيا آهن.
بديءَ جي قوتن جي خلاف “سچ” هميشه، اڏول رهيو آهي، اهو ڪڏهن به ختم نه ٿيو آهي. جيڪڏهن وقتي طور هن ڪٿي شڪست کاڌي آهي ته اها شڪست ڪنهن دائمي فتح جو رُوپ وٺي ۽ ڪو نئون سچ بڻجي وري پئي ظاهر ٿي آهي.
سچ ڪڏهن به ختم ٿيڻو ناهي. چاهي هن کي ڦاسي تي لٽڪايو وڃي، تيل جي ڪڙاهي ۾ ڪاڙهيو وڃي، گهاڻي ۾ پيڙهيو وڃي، گوليءَ سان اڏايو وڃي يا لانگ بوٽن سان چيڀاٽيو وڃي، ته به سچ امر آهي ۽ امر رهندو ڇو ته سچ جا ساٿاري آهن، فنڪار، اديب، شاعر، ڪلاڪار ۽ محبت ڪرڻ وارا ماڻهو.
اسان جي سنڌ ڌرتيءَ کي هي فخر حاصل آهي ته ان هميشه اهڙا انسان پيدا ڪيا آهن، جن سچ سان ساٿ نڀايو آهي. جن “سچ جي ساٿارين” پنهنجي قلم جي ذريعي سچ جو مان رکيو، “ڊاڪٽر تنوير عباسي” به انهن مان هڪ هو.
تنوير عباسي ڊاڪٽر هو ۽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته ڊاڪٽر کي مريض جي درد جو احساس نه ٿيندو آهي، پر تنوير کي پڙهي اهو مفروضو غلط ٿو ثابت ٿئي.
تنوير سچ سان ساٿ نڀائڻ لاءِ پهرين هن ڌرتيءَ جا ۽ ڌرتيءَ وارن جا درد محسوس ڪيا ۽ پوءِ انهن کي بيتن، غزلن ۽ واين جو روپ ڏئي، رسالن ۽ ڪتابن جي ذريعي اسان تائين پهچايا ۽ اهڙي طريقي سان هن قلم جي وسيلي ڪوڙ جا ڪوٽ ڪيرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. چوي ٿو:
“علم آهي جنهن هيٺ هيسيل دٻايل،
ڌتاريل ڌڪاريل، اچي نيٺ مڙندا
انهن جي اُميدن جا گُل نيٺ ٽڙندا
اسان کي قلم جو قسم آ
اسان جو قلم محترم آ
اسان جو قلم هڪ علم آ
تنوير حالات جي پرواهھ بلڪل نٿو ڪري، حالتون ڪهڙيون به هجن تنوير کي پنهنجي منزل ڏانهن هلڻو آهي.
”اُڃ کڻي اڳتي هلبو
رُڃ ڀلي پئي ڏيئي دُلبو
هلڻو آهي هيڪاندو
رڻ ۾ ڪهڙو مانجهاندو
تنوير عام شاعرن وانگر پنهنجي پيڙائن جو ذڪر ڪري ٻين کي بور نٿو ڪري، هو رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪري ٻين کي مايوس نٿو ڪري پر انهن مسئلن جو حَل به ٻُڌائي ٿو ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اُتساهه به پيدا ڪري ٿو:
“جت گهڙون ات گهيڙ،
جتان وڃون اُتان آهي واٽ،
جتي ٻرون اُتي آهي لاٽ.“
تنوير هميشه لکندو رهيو، پوءِ سک ۾ هجي يا ڏک ۾، ڪمري ۾ هجي يا قيد ۾، سچ سان سندس ساٿ هميشه برقرار رهيو. خيرپور جيل ۾ ويهي لکي ٿو:
“اونده جي سڪرات هجي ڀل،
تنهنجي وائي هوندي وات،
دل ۾ هوندو تنهنجو درد،
تنهنجي سُورن جي سوغات،
آهيون تو لئه آتا،
ڌرتي ماتا،
پختا ٿي ويا،
توسان ناتا.
تنوير جڏهن انسان کي بي وس ۽ لاچار ڏسي ٿو ته اندر ۾ ڪڙهي ٿو، ڏسي ٿو ته خلقٹهار سڀ ڪجھه ڏسي ۽ ٻُڌي پيو ۽ پوءِ ڪجھه نٿو ڪري ته تنوير جي برداشت جي قوت جواب ڏيئي ٿي وڃي ۽ بي اختيار چوي ٿو:
”او الله جا تصور،
تو ۾ سڀ ڪجھه آهي،
تقدس، قهر، جبر ۽ رحم،
تنهنجا نوانوي نالا،
پر تو ۾ هڪ شئي ڪانهي،
سا آهي انسانيت.
پر جڏهن غور ڪري ڏسي ٿو ته هن کي ان ۾ انسان ئي قصور وار ٿو نظر اچي ڇو ته خدا تعاليٰ ته چئي ڇڏيو آهي ته،
“جيسين ڪا قوم پنهنجي حالت نٿي بدلائي، تيسين آئون به هن جي حالت نٿو بدلايان.“
اها ڳالهه ڏسندي تنوير خود خالق جي طرفان چوي ٿو:
مون توکي هٿ ڏنا،
ان لاءِ ته ڪم ڪرين،
۽ تون انهن هٿن کي.
گهڙي گهڙي ۽ هر ويلي،
دُعا جي لاءِ کڻين.
جيڪي به آدرشي شاعر هُوندا آهن، اهي ڪڏهن به پنهنجي دؤر جي تقاضائن کان منهن موڙي نه سگهندا آهن. هُو جڏهن ڏسندا آهن ته سچ ڪنهن “ڀنور” ۾ آهي ۽ ڪوڙ ۽ بدي “صدين پراڻو” ڀيانڪ رقص ڪري رهيا آهن ته هو پنهنجي شاعريءَ کي ذريعو بنائي، حالتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
تنوير چوي ٿو:
“مان به زماني جي دردن کي دل تان، هٽائڻ چاهيان ٿو،
زهريلن جي زور کي ماري، زور گھٽائڻ چاهيان ٿو،
پيار سان هر ڪنهن کي، وس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو،
جن کان حياتي هانو ٿي هاري، تن کي مڃائڻ چاهيان ٿو،
وقت جي وهه ۾ محبت جو، ميٺاج ملائڻ چاهيان ٿو،
تو جان مان او جوڳي، مرلي وڄائڻ چاهيان ٿو،
تنهنجو من ڀي روڳي… منهنجو من ڀي روڳي،
او مُرليءَ وارا جوڳي.
تنوير عباسي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪجھه نيون معنائون به ڏنيون آهن، اڳ سچ سڀ ڪجھه سهندو هو، سوريءَ تي به چڙهندو هو ۽ صليب تي به لٽڪندو هو، پر تنوير چوي ٿو ته نه، هاڻي سچ جو انداز بدلجڻ کپي، سچ جي زباني پاڻ چوي ٿو:
“مون هٿ ۾ بندوق کنئي آ
منهنجي جهوليءَ ۾ هي بم آ
هاڻي آئون سولي نه چڙهندس،
هاڻي تنهن جو وارو آ.
تنوير وٽ سُونهن جو قدر به اعليٰ درجي جو آهي. هُو انساني سُونهن سان گڏ قدرت جي نظارن جي به سُٺي عڪاسي ڪري ٿو.
سُونهن هر قسم جي فن جو بنيادي ماخذ آهي. شاعريءَ ۾ ته ان جي اهميت اڃا به گھڻي آهي. شاعر جڏهن سُونهن کي ڏسي ٿو ته ان جي دل ۾ نوان نوان جذبا جنم وٺن ٿا ۽ هُو پيار جي زنجير ۾ جڪڙجي ويندو آهي. پيار وري اهڙي ‏شئي آهي جنهن مان درد جنم وٺندو آهي ۽ اهو درد ئي راحت بڻجي ويندو آهي. درد سهڻ کان سواءِ محبت نصيب ئي نه ٿيندي آهي ۽ اهو درد ئي اهي جيڪو شاعريءَ جو روپ به وٺي سگهي ٿو:
“ تڏهن شعر “ تنوير” لکبو آ پاڻهي،
جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ.“
جڏهن تنوير شعر لکي وٺي ٿو ته انهن کي شعر ڪري نٿو چوي، پر چوي ٿو:
‬‬‬‬‬‬‬‬“نه ڪي بيت مون وٽ نه ڪي آيتون
رڳو پيار ۽ پيار جون ساعتون.“
سڄي عمر پڙهبو پيو آ سبق هڪ
پنو عشق جو ڪين اُٿلائبو آ
محبت ۾ عذاب سهڻ محبت جو لازمي شرط آهي، اها محبت ڪهڙي جنهن ۾ عذاب ۽ درد نه آهي. تنوير چوي ٿو:
“ تنهنجو ته بهارن تي ڪو حق به نه آهي،
ڪنڊن سان ڪڏهن ڀي تو آ پاند نه اٽڪايو.“
يا
جنهن نه لڪن ۾ لوڏا کاڌا،
تنهن به پنهل سان پيچ نه پاتو.
تنوير جي شاعري، فني لحاظ کان به پختي آهي. منجھس تشبيهون ۽ استعارا سٺي نموني سان استعمال ٿيل آهن. سندس شاعريءَ تي تبصرو ڪندي محترم نصير مرزا لکي ٿو،
“ڪلاسيڪل ڪهاڻين جي آڌار تي لکيل تنوير جي نظمن کي ساهتڪ رچنائون چئي سگهجي ٿو. نظمن سان گڏ ڪجھه غزلن ۾ به تنوير انهيءَ سمي وارين دکدائڪ حالتن کي پنهنجو موضوع بنايو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سندس غزل پنهنجي رنگ، ڍنگ ۽ مزاج جي لحاظ کان الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سندس غزل ۾ خيال جي تازگي، پُرڪشش، نغمگي، داخلي غنائيت ۽ پاتال جهڙي گهرائي موجود آهي. سندس گيت جديد سنڌي شاعريءَ جي مٿي جو جهُومر آهن. تنوير، امن، نيچر ۽ محبت جو شاعر آهي.“