لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

غلام محمد شاهه گدا

سنڌيءَ جي عروضي شاعرن ۾ هڪ اهم نالو غلام محمد شاهه گدا جو به آهي. هو 1826ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1905ع ۾ ڌڻيءَ کي پرتو. هن جو پڻ هڪ ديوان “ديوانِ گدا” جي نالي سان ڇپيل آهي، جيڪو سنڌيءَ جي هڪ ٻئي مشهور شاعر رشيد احمد لاشاريءَ سهيڙيو آهي. گدا سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ فارسيءَ ۾ به ڪلام چيو آهي، پر هن جي اهم سڃاڻپ هن جا غزل آهن، جن ۾ تغزل جو رنگ پوري جوڀن تي آهي. هن کي غزل جي روايتي عروضي رنگ وارن شاعرن ۾ هڪ اهم شاعر طور ليکيو وڃي ٿو. هن جي ڪلام ۾ فارسي لفظ ۽ اصطلاح به آهن، پر پو۽ به سلاست کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هن جو شعر پنهنجي صاف گوئي ۽ ابلاغ سبب گهڻو اثرائتو آهي.
اسان ڪيو عشق جو اظهار، پنهنجن ۾ پراون ۾
اسان ڪيو عقل جوانڪار، پنهنجن ۾ پراون ۾.
گدا جي غزل ۽ ڪيفيتن ۽ داخلي حالتن جا ڪئين سهڻا چٽ چٽيل ملندا. ٻئي طرف هن جي تخيل ۾ جيڪا رنگيني آهي سا ورلي شاعرن وٽ ملندي.