مير عبدالحسين سانگي
سانگي غزل جو باڪمال شاعر هو. هن غزل جو گهاڙيٽو ته ساڳيو فارسي وارو رکيو پر ان ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماحول استعمال ڪيائين.
سانگي پنهنجي غزلن ۾ عشق جي آڙاهه ۾ سڙندو نظر اچي ٿو. هن عشق جون منزلون ڏاڍيءَ بي باڪيءَ سان سر ڪيون. چوي ٿو:
ادا حضرتِ عشق جي نوڪريءَ ۾،
ڏناسون ڏکيا امتحان ڪهڙا ڪهڙا،
جڏهن حسن جي فوج جي ٿي چڙهائي،
ويا خاڪ ٿي خاندان ڪهڙا ڪهڙا.
هن غزل ۾ دنيا جي بي ثباتي جو به ذڪر ڪيو آهي، پر ان ۾ نج سنڌي اصطلاح ڪم آندا اٿس. پنهنجي دل جي حالت بيان ڪندي چوي ٿو:
دردن ڪئي ڌوم ڌام، دل ناتوان تي،
صدما هزار منهنجي رسيا آهن جان تي،
واچوڙي وانگي ڦرندو وتان آئون روزو شب،
آهيان ڪڏهن زمين تي ڪڏهن آسمان تي.
عشق ۾ انسان اڻ سهو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن سندس محبوب ڪنهن ٻئي سان ٿورو به کلي ڳالهائيندو آهي ته اندر ۾ اُلا ٻرڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ دل شڪ ۽ گمان ۾ ڀرجي ويندي آهي. سانگي هن صورت حال تي لکي ٿو،
رقيبن سان جڏهن، گفتگو ڪئي ٿي دلبر،
اٿيا تڏهن دل تي، گمان ڪهڙا ڪهڙا.
سانگي جانب جي جدائي کان پهرين پرين سان گڏ گهاريو هو. ان وقت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
دلربا گهر ۾ هو ته سڀڪي هو.
نازنين ڀر ۾ هو ته سڀڪي هو.
پر جڏهن پرين کانئس جدا ٿي ويو ته سانگيءَ جو سک به ڦٽي پيو ۽ بي قراري وڌي ويس. چوي ٿو:
برهھ ۾ بي قرار آهيون،
درد تنهنجي کان داغدار آهيون.
جڏهن سانگيءَ جي دل جي بي قراري اُتي پهتي، جو ماڻهو کيس “چريو چويو” چوڻ لڳا ته هن کي ان ڳالهه تي ڪوبه افسوس نه ٿيو. هن چيو ته دنيا جا جيڪي وڏا ڏاها ماڻهو هئا، اهي به انهيءَ ساڳي ڪيفيت مان گذري چڪا آهن، جنهن مان آئون گذري رهيو آهيان. ڏاهن جي باري ۾ چوي ٿو:
نظامي و جامي، و حافظ ۽ صائب
ٿيا حسن جا مداح خوان ڪهڙا ڪهڙا.
هن پنهنجي خواهش ظاهر ڪئي ته هن کي ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت نه آهي، هن کي صرف هڪڙي شيءِ جي گهرج آهي اها هيءَ آهي:
هن عالم اسباب ۾ مستن وٽ موجود،
سڀ سور جو سامان هجي، بس ٻيو نه هجي ڪو،
جنهن لاءِ سڪان ٿو ۽ سڙان ٿو ۽ پچان ٿو،
مون ساڻ سو جانان هجي، بس ٻيو نه هجي ڪو.
سانگيءَ جي غزل ۾ نه صرف فني پختگي آهي، پر فڪر جي گهرائي پڻ آهي. ان کان علاوه سندس غزل ۾ جيڪا رواني ۽ فصاحت و بلاغت آهي اها ڪافي متاثر ڪندڙ آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي جو هن ايراني ماحول بجاءِ سنڌي ماحول کي پيش ڪيو.
سانگيءَ غزل ۾ جيڪا جدت پيدا ڪئي، انهيءَ اڳتي هلي نيون روايتون قائم ڪيون. هن کانپوءِ ايندڙ ڪيترن ئي غزل گو شاعرن سندس انداز اختيار ڪيو ۽ غزل کي نئين رنگيني ۽ دلڪشي بخشيائون.