سمن جو دؤر (1351ع - 1521ع)
سومرن جي دؤر کي سنڌي ٻوليءَ جو تعميري دؤر سڏيو ويو آهي. انهيءَ تعميري دؤر جي تڪميل سمن جي دؤر ۾ ٿي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو، “سمن جي دؤر جي شروعات ۾ سنڌي ٻوليءَ جون لساني خصوصيتون خواهه ادبي روايتون ساڳيون سومرن جي دوؤر واريون هيون، البته قوت بيان ۾ وڏو اضافو ٿيو ۽ لغت جي سرمايي ۾ وسعت پيدا ٿي. قصن ۽ داستانن بيان ڪرڻ کي هڪ “ادبي فن” جي درجي تي پهچايو ويو ۽ ڳاهن سان ڳالهيون ڳائجڻ لڳيون، سماع جي محفلن ذريعي سنڌي بيت عام مقبول ٿيو ۽ اهو هيئت جي لحاظ کان تڪميلي صورت کي پهتو. سمن جي دؤر ۾ اعليٰ معياري شاعريءَ جي شروعات ٿي.“
سمن، سومرن جي آخري حڪمران همير سومري کان ڄام انڙ جي قياد ت ۾ حڪومت ڦري. سمن جا ارڙنهن حڪمران ٿيا. جن تقريباً پوڻا ٻه سؤ سال حڪومت ڪئي. آخر سمن جي آخري حڪمران ڄام فيرو، شاهه بيگ ارغون کان شڪست کاڌي ۽ ائين سمن جي دؤر جو خاتمو ٿيو.
سمن جي دؤر ۾ تمام گھڻا مدرسا قائم ٿيا ۽ ٺٽو علم ۽ ادب جو مرڪز بنجي ويو. هن دؤر ۾ سنڌي زبان تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ سندس سرحدون ڪاٺياواڙ، ماناوادر، راڄڪوٽ، ڄام نگر، قلات، سبي، ڪڇ، ڀاڳناڙي، لس ٻيلي، مڪران، پسني، ملتان ۽ بهاولپور تائين پهچي چڪيون هيون. ايتري ترقيءَ جي باوجود سنڌي سرڪاري ٻولي نه بنجي سگهي. سرڪاري ٻولي فارسي ئي رهي.
سنڌي شاعري
سمن جي دؤر ۾ سورهيائي، سخا، محبت ۽ تصوف جا اهڃاڻ ملن ٿا. جن کي چارڻن ۽ ڀٽن ڳائي وڄائي مشهور ڪيو. هن دؤر جي شاعري جو مختصر جائزوهيٺ پيش ڪجي ٿو.
ماموين جا بيت: ماموئي فقير ست ڄڻا هئا. تنھن ڪري انهن کي “هفت تن” به چيو ويو آهي. انھن ستن درويشن ڪجھه اڳڪٿيون ڪيون هيون، جن کي “ماموين جا معما” به سڏيو ويندو آهي. سندن بيت هيٺ ڏجن ٿا:
1. “هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهھ مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي. ”
2. “وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو
تڏهن ٻاروچاڻو ٻار ستين درمي وڪبو. ”
3. “ڪاري ڪاپاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
مر مڇي ماري، سک ويندي سنڌڙي. ”
4. “مر مڇي ماري، مر مڇيءَ ڪهڙا پار
هٿين ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار. ”
5. “لڳندي لاڙان، سونڪو ٿيندو سريِ ۾،
جڏهن ڪڏهن سندڙي اڳاڻا وڻاهه.“
6. “نيلا گهوڙا ڏٻرا، اتر کان ايندا،
واسامان واٽن تي، ورهائي ويندا،
تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا. ”
7. “اچي ويجها ماڙهئا، ننگر جي آڌار،
پراڻا پراڙ، نوان مَ اڏج نجھرا.“
هنن بيتن جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چوي ٿو ته، “اهي بيت سومرن جي خير خواهن جا آهن.” بهرحال اها ڳالهه ثابت آهي ته اهي بيت سمن جي دؤر جا آهن. هنن بيتن جي زبان ۾ ڪافي پختگي آهي ۽ منجهن فصاحت ۽ بلاغت پڻ آهي.
عشقيه داستان
هن دؤر ۾ به ڪافي عشقيه داستانن جنم ورتو، جن کي ڀٽن ۽ ڀانن ڪافي مشهور ڪيو. انهن داستانن ۾ “ڄام لاکو ۽ مهر راڻي”، “ڄام لاکو ۽ اوڏڻ”، “ڄام اڍو ۽ هوٿل پري، “نوري ۽ ڄام تماچي” ۽ “دولھه دريا خان” وغيره ڪافي مشهور ٿيا.
هن دؤر ۾ ڄام اڍي جي باري ۾ ڪجھه ڳاهون مليون آهن. ڄام اڍي جي ڀاڄائي مٿس موهت ٿي پئي. جڏهن ڄام اڍي ملڪ ڇڏي اتر ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي ته سندس ڀاڄائي پنهنجي دل جي ڪيفيت هيئن بيان ڪئي:
“اتر سيگهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا،
هينئڙو ڦٿڪي مڇيءَ جيئن، ساجن سنڀريا.“
ڄام اڍي کي هوٿل پريءَ سان محبت ٿي وئي ۽ ٻنهي جي شادي به ٿي. هوٿل پري پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي چوي ٿي:
“اڍا! توسين آر، ڪر وسرن نه سڀ ڄمار،
شل ٿر - ٻاٻيهڙي ٿي مران.”
“وساريان نه وسرن، وسرن نه سيڻ.
جي نه ٽمن نيڻ، ٿر - ٻاٻيهڙي ٿي مران.”
جڏهن هوٿل پري ۽ اڍو وڇڙي ويا ته اڍي وڇوڙي ۾ چيو:
“پاڻي مٿي پَنُ - جيئن ٿو ٻڏي اپڙي،
تيئن هوٿل منهنجو من لوڙهي وڌو لهرين.”
هوٿل کي به اڍي جي فراق کائي ڇڏيو:
“ڪاٺيءَ کائي ڪِيُون جيئن سُرو سانگهيڙو ڪري
منهنجو تيئن هيون، اڄ اڍي كاڌئو.“
عشقيه داستانن ۽ ڳاهن کان علاوه ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي بيت ملن ٿا ۽ ڪافي شاعرن جو به ذڪر ملي ٿو. ڪجھه شاعرن ۽ انهن بيتن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
مخدوم احمد ڀٽي
هي بزرگ اصل هالا ڪنڊي جو هو ۽ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جو مريد هو. هڪ دفعي نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي ڪنهن محفل ۾ ويٺو هو ته اتي هڪ سوناري ڇوڪري هيٺيون بيت پڙهيو:
“سڏ سڻين پرينءَ جو _ وانگي جي نه ورن
ڪوڙي دعويٰ دوستيءَ جي، ڪڄاڙي کي ڪن.”
بيت ٻڌي مخدوم صاحب جو روح پرواز ڪري ويو. ته سوناري ڇوڪري وري هيٺيون بيت پڙهيو:
“سر ڏيئي سٿ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين
مرڻا منهن مَ موڙ، اڄ وٽي تي وڌ لهي.”
هنن بيتن جي باري ۾ خبر نه پئجي سگهي آهي، ته اهي بيت مخدوم احمد ڀٽي جا هئا يا ڪنهن ٻئي شاعر جا، پر هنن بيتن مان صاف ظاهر آهي ته سمن جي دؤر جي شاعريءَ ۾ روحاني عنصر داخل ٿي چڪو هو.
شيخ حماد جمالي
هي بزرگ ٺٽي جي ويجهو رهندو هو. ڄام تماچيءَ کي ساڻس گھڻي عقيدت هئي ۽ وٽس ايندو ويندو هو. ڄام جوڻي هڪ سازش تحت ڄام تماچيءَ کي قيد ڪري دهليءَ موڪلي ڇڏيو. جڏهن اها خبر شيخ حماد کي پئي ته هن ڄام جوڻي کي پاراتو ڏنو ۽ ڄام تماچيءَ جي واپسي لاءِ دعا ڪندي هيٺيون بيت چيائين:
“جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ،
سٻاجهي ٻاجھه پيئي، توسين ٺٽو راءِ.“
درويش نوح هوٿياڻي
هي کيبر قبيلي جو درويش هو ۽ هن به ڄام جوڻي جي مخالفت ۾ ڄام تماچيءَ جي حمايت ۾ هڪ بيت چيو:
“جوڻو وڃي جهوري ماريو
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.“
اسحاق آهنگر
اسحاق آهنگر (لوهار) سان هڪ بيت منسوب آهي، جيڪو شيخ ڀريي مجذوب جي واتان ٻڌو ويو اهو بيت هي آهي.
“ٿيان مان جهرڪ، ويهان سڄڻ جي سُپ تي،
مان ڪرن ڊرڪ، ٻولي ٻاجھاري مون سين. ”
هن بيت جي بيهڪ ڏاڍي عمدي آهي ۽ منجهس جيڪا آرزو سمايل آهي. اها به شاعر جي ذهني ڪيفيت جو پورو پتو ڏئي ٿي.
قاضي قاضن
قاضي قاضن سمن جي آخري دؤر ۽ ارغونن جي شروعاتي دؤر جو شاعر هو. هي پنهنجي دور جو وڏو عالم هو ۽ حديث ۽ فقه جي ڪتابن تي کيس عبور حاصل هو. پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو قاضيءَ جي عهدي تي گذاريائين. هي سيد ميران محمد جونپوري جو مريد هو.
قاضي قاضن جا 7 بيت “بيان العارفين” جي مصنف شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪلام سان گڏ ڏنا آهن. انهن کان سواءِ دهليءَ کان هيري ٺڪر نالي هڪ سنڌيءَ “قاضي قادن جو ڪلام” جي نالي سان ڪلام ڇپايو آهي. (جنهن تي تبصرو اڳتي هلي ڪبو).
قاضي قاضن جي شاعريءَ بابت محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو “ قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون وڏو شاعر آهي. هو سنڌي شاعريءَ جو ابو هو. هو پهريون مشهور شاعر آهي، جنهن جا گھڻي ۾ گهڻا بيت اسان کي پوريءَ تصديق سان لکت ۾ ملن ٿا، جن مان ان دؤر جي بکر واري علائقي جي سنڌي ٻوليءَ تي روشني پوي ٿي.“
قاضي قاضن جي شاعري تصوف جي اپٽار سان گڏوگڏ فني خوبين سان به مالامال آهي. پاڻ ظاهري علم کي حق تائين پهچڻ لاءِ ناقص سمجهندي چيائون:
“ڪنز قدوري ڪافيه، ڪي ڪين پڙهيوم
سو پار ئي ٻيو، جتان پريم لڌوم”
ظاهري علم جي باري ۾ وڌيڪ فرمايائين:
سيئي سيل ٿيام، پڙهئام جي پاڻان
اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام
قاضي قاضن پنهنجي مرشد لاءِ جوڳيءَ جو لفظ ڪم آندو آهي، جنهن کيس غفلت جي ننڊ مان جاڳائي، پرين جي پيچري جو ڏسُ ٻڌايو.
“جوڳي، جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“
قاضي قاضن جي شاعري تي تبصرو ڪندي محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو، “فڪر جي بلندي ۽ معنيٰ جي سهڻائي جي لحاظ سان اهي اعليٰ اخلاقي ۽ وجداني شاعري جا بهترين مثال آهن. فن جي لحاظ کان اسان کي انهن بيتن ۾ “بنيادي” ٻه - تڪي سنڌي بيت کان وٺي، مڪمل سنڌي بيت تائين ارتقاءَ جون سڀئي صورتون ملن ٿيون.
سٽاءَ جي لحاظ کان قاضي قاضن جا ڪجھه بيت “دوها ڇند” مطابق ۽ ڪجهه “سورٺا ڇند” جي مطابق آهن. ڪجھه وري دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند جو خوبصورت ميلاپ آهن.
مذهبي شاعري
مذهبي شاعريءَ ۾ اسان کي اسماعيلي داعين جا چيل ڪجھه گنان ملن ٿا، جيڪي انهن تبليغ لاءِ چيا هئا. هن دؤر ۾ پير حسن ڪبيرالدين وڏو داعي هو. هي پير صدرالدين جو فرزند هو. پير حسن ڪبير جا ڪجھه گنان هيٺ ڏجن ٿا.
آشا جی شری اسلام شاهه تخيج بيٹها
تاری دين هو
الرحمان جی
سر بنده لئے
گردئے منکی ديدها
تارے نراگھاڑو ڪری، نر بيڻھا
(جڏهن کان حضرت اسلام شاهه تخت تي ويٺو، تڏهن کان ڌڻيءَ جي دين جو فرض جاري ٿيو. (پير حسن ڪبير الدين) جڏهن امام کي پڳ نذرانو ڪئي. تڏهن پاڻ مرد سر اگهاڙو ڪيو ويٺو هو.)
“ناريون تمهاريون آنتي گھڻيون،
منجهھ سريكيون لاکو ئي لاک،
تمهن هئه الک نرنجن،
هم ڇيئي درڙي خاڪ.“
(تنهنجون ٻانهيون ته تمام گھڻيون آهن. مون جهڙيون ته لکن جي تعداد ۾ آهن. تون ڏسڻ کان پاڪ آهين ۽ آئون ته مٽيءَ خاڪ آهيان).
جنگي رجز
سمن جي دؤر ۾ سلطان محمد تغلق سنڌ تي چڙهائي ڪئي، پر “ٺٽي جي ٻاهران بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو. ان کان پوءِ سلطان فيروز شاهه به سنڌ تي چڙهائي ڪئي، پر وبا پکڙڻ سبب ڪڇ ڏانهن هليو ويو. پنهنجي دشمن کان جان آجي ٿيڻ تي سنڌي فوج هيٺيون جنگي نعرو يا رجز بلند ڪيو:
با برڪت پير پٺو،
هڪ مئو - هڪ ٽٺو.
دعائيه فقرو
هن دؤر ۾ شاهه مراد شيرازيءَ جو چيل هڪ دعائيه جملو ملي ٿو. شاهه مراد هڪ وڏو عالم، صوفي ۽ بزرگ هو. هن خاندان ۾ هڪ نئين ڄاول ٻار کي کڻي خوشيءَ مان هي دعائيه فقرو چيو:
“اوڀاتي! ڏيئي وڏي ڄمارا.”
(اي گهر جا ڀا تي! الله توکي وڏي ڄمار ڏي)
هن فقري جي اهميت ان ڪري آهي، جو هن جو قافيو الف اشباع جي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته الف اشباع جي شاعري جو رواج هن دؤر ۾ پئجي چڪو هو.
هن دؤر جو ادبي جائزو
1. هن دؤر ۾ سنڌي ادبي ٻولي هئي، عربي علمي ٻولي هئي ۽ فارسي دفتري ٻولي هئي.
2. سنڌي ٻولي سنڌ جون سرحدون اورانگهي دور دراز علائقن تائين پهچي وئي هئي، اتان جي ٻولين تي پنهنجواثر به ڇڏيائين ۽ انهن جو اثر به قبول ڪيائين.
3. شروع ۾ لساني خصوصيتون ۽ ادبي روايتون سومرن جي دؤر واريون ساڳيون رهيون.
4. هن دؤر ۾ روماني داستان ڳايا ويا.
5. سنڌي نثر ۾ بيان جي قوت ۽ صلاحيت وڌڻ جي ڪري نوان قصا رائج ٿيا.
6. سماع جون محفلون جا بجا ٿيڻ لڳيون، جن ۾ سنڌي بيت پنهنجو ارتقائي سفر طئي ڪيو.
7. مذهبي شاعريءَ گنانن جي صورت ۾ ترقي ڪئي.
8. الف اشباع جي شاعري (يعني هر مصرع جي آخر ۾ “آ” ڳنڍي قافيو ٺاهڻ) جي شروعات ٿي.
9. هن دؤر ۾ ڌارين سنڌ تي ڪاهون ڪيون، تنهن ڪري حب الوطني جو جذبو جاڳيو ۽ جنگي رجز يا قومي نعري جنم ورتو.
10. هن دؤر ۾ ڪيترائي عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا، جهڙوڪ: شيخ جهنڊو پاتڻي، ڄام نندو، مخدوم بلاول، ملان عبدالرحمان عرف ملان لٽر وغيره.
11. هن دؤر جي ڪجھه بيتن ۾ ان وقت جي سماجي ماحول ۽ سياسي حالتن جو به پتو پوي ٿو، جهڙوڪ: ماموئين جي بيتن ۾ درياءُ، دريائي پنڌ، دريائي پيداوار وغيره سنڌ جي تهذيب ۾ ماحول جو چٽو عڪس پيش ڪن ٿا.
12. هن دؤر ۾ بيت جي ميدان ۾ جيڪي روايتون قائم ٿيون اهي اڳتي هلي سنڌي بيت جو مستقل ڍانچو بنيون. مثلاً دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ سان جيڪي ڪامياب تجربا ڪيا ويا اُهي شاهه عبداللطيف ۽ ٻين شاعرن به پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا. ان کان علاوه ڪجھه بيت ٽه سٽا به ملن ٿا.
13. تمثيلي شاعري جو بنياد به پيو، جيڪو اڳتي هلي تصوف ۽ روحاني نقطن سمجهائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
14. عشقيه ۽ فراقيه عنصر سنڌي بيت کي وڌيڪ پرسوز ۽ دلڪش بنائي ڇڏيو.
15. قاضي قاضن مرشد لاءِ “جوڳي” لفظ ڪم آندو، جيڪو تقريباً اڄ تائين به استعمال ٿيندو رهيو آهي.
16. قاضي قاضن هڪ لفظ استعمال ڪيو”جاڳايوس” جنهن جي معنيٰ آهي، مون کي جاڳايائين پر اڄ ڪلهه جاڳايوس جي معنيٰ آهي “هن کي جاڳايو.“
17. هن دؤر ۾ سنڌي ۽ سرائڪي جو هڪٻئي تي تمام گھڻو اثر پيو. قاضي قاضن ته سرائڪي ۾ به بيت چيا.