سنڌي ادب جي شروعات ۽ ارتقا
عربن جي دؤر وارو مفروضو هڪ جملي تي ٻڌل آهي. جيڪو ابو حاتم محمد جي ڪتاب “روضة العُقلاءُ ونرهه الفضلاء” ۾ آيو آهي. اهو جملوهي آهي:
“اره بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره”
يا ڪن روايتن مطابق اهو جملو هيئن آهي:
“اره اصره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره”
هن جملي بابت چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي ماڻهو بغداد ويو ۽ اتي يحييٰ بن برمڪيءَ جي روبرو اهو جملو پڙهيائين. انهيءَ جملي جي معنيٰ هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي. “جڏهن اسان وٽ نيڪين جو بيان ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي.”
هن جملي بابت ڪيترن ئي ماهرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماهرن جي اها راءِ آهي ته اهو جملو ڪنهن آفريڪي ٻولي جو آهي، جيڪو حضرت بلال رضه، رسول ڪريم ﷺ جي شان ۾ چيو هو.
بهرحال جيڪڏهن هن جملي کي سنڌي ڪري به مڃجي، تڏهن به هن دؤر کي “سنڌي ادب جو دؤر” قرار ڏيئي نٿو سگهجي.
سنڌي ادب جي باقائده شروعات سومرن جي دؤر ۾ ٿي، جنهن کي “سنڌي ادب جو اوائلي دؤر” به سڏيو وڃي ٿو.
سنڌي ادب جي ارتقا جو مطالعو ڪرڻ لاءِ اسان ان کي مختلف تاريخي دؤرن ۾ ورهائي، ان جو تفصيلي جائزو وٺون ٿا.