لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

سچل سرمست

سچل سرمست جي شاعري معنيٰ، مفهوم ۽ فني لحاظ کان ڪنهن به طرح دنيا جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. سندس شاعريءَ ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته هن هر ڳالهه کليءَ طرح چئي ڇڏي آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻو بي باڪ ٿي ويو آهي. بقول ڪنهن شخص جي ته، ”جيڪڏهن شاهه جي شاعري ڪڪر ۽ مينهن آهي ته سچل جي شاعري جهنگ کي باهه آهي.“ هتي اسان سچل جي شاعري جي صرف ٻن رخن جو مختصر جائزو وٺون ٿا:

سچل سرمست جي صوفيانه شاعري
سچل سرمست به انهيءَ راهه جو راهي آهي، جنهن تي شاهه عنايت، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف هلي چڪا هئا. پر هڪ ڳالهه ۾ انهن سڀني کان مختلف آهي. انهن سڀني تصوف جون رمزون مام ۾ چيون آهن، پر سچل سرمست بنا ڪنهن رک رکاءَ جي وڏي واڪي چئي ڏنيون آهن.
شاهه لطيف پيشنگوئي ڪئي هئي ته جيڪا ڪُني اسان چاڙهي آهي، ان جو ڍڪڻ هي لاهيندو، پر جڏهن ڍڪڻ لاهڻ جو وقت آيو ته سچل سرمست ڍڪڻ ته ڇا پر ڪُني به ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي، تصوف جي نشي ۾ ايترو ته مست ٿي ويو جو سندس ڪافر هجڻ جون فتوائون به جاري ڪيون ويون.
جيڪي شريعت جي پيروي ڪندڙ هوندا آهن، اهي خدا تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ جسماني عبادتون ڪندا آهن، پر اهلِ تصوف، پرين کي پَسڻ لاءِ روحاني عمل مان گذرندا آهن ۽ ان وقت “ڪفر ۽ اسلام” “دين ۽ بي دين” جي فرق کي مٽائي ڇڏيندا آهن. اها ڳالهه شاهه لطيف به چئي آهي، پر ڏاڍن لڪل لفظن ۾. سچل سرمست انهيءَ ڳالهه کي وڏي واڪي بيان ڪندي چوي ٿو،

اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀن کي سلام،
ڪڏهن ڏسي ڪينڪي، اهو آرانڀو آرام،
مذهب مور نه مڃيان، آئون مشرف منجھه مدام،
قيد ڀڃي ظاهر ٿيان، آئون جاري پيان جام،
هادي سائين پاڻ، سچوءَ کي عشق ڪيو انعام.
سچل سرمست نظريه وحدت الوجود جو زبردست حامي هو. سندس خيال ۾ هن ڪائنات ۾ صرف هڪ ئي وجود آهي. هي جيڪا وجود جي ڪثرت نظر اچي ٿي، اها اصل ۾ هڪ ئي وجود جا مختلف روپ آهن. اهو هڪ ئي وجود هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي ۽ سندس شان اعليٰ ۽ اُتم آهي. سچل سائين چوي ٿو:
الله الله ڇو ڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
”سچو“ سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمان.
سچل سرمست جي خيال ۾ واحد وجود پنهنجو روپ بدلائي هن ڪائنات جو روپ اختيار ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي جلوي کي ظاهر ڪيائين. سچل سرمست انهيءَ وجود کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
ڀول نه ٻي ڪنهن ڀل، تون ته آدم ناهين،
لڪيو ٿو لاتون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل.
سچل سرمست پاڻ کي به انهيءَ ازلي وجود جو حصو ٿو سمجهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ٻيو ڪجھه سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي. هو نوري ۽ ناريءَ جي چڪر کان پاڻ کي بچائيندي چوي ٿو:
آهيان آئون اسرار،
جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀانئيون،
نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار.

ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻ، تون ئي مالڪ ملڪ جو،
“لاَ خَير فِي عَبدِ”، اهو اٿئي اهڃاڻ.
سچل سرمست، حسين بن منصور حلاج کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ سندس نظريي “اناالحق” کي تمام گهڻو ڳايو اٿس. حسين بن منصور حلاج کي هڪ دفعي ڪنهن چيو، “تون پيغمبريءَ جي دعويٰ ٿو ڪرين؟ منصور کيس جواب ڏنو، “افسوس جو تو منهنجو شان گهٽايو آهي، آئون ته خدائيءَ جي دعويٰ ٿو ڪريان!” سچل سرمست به سندس پيروي ڪندي چوي ٿو:
ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
مار نغارا اناالحق دا، سولي سر چڙهيجي،
وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان، عاشق تان نه اڙيجي،
سبحاني مان اعظم شاني، سچو سر سليجي.
يعني، آئون اهو ئي حق آهيان ۽ منهنجو شان اعليٰ آهي.
سچل سرمست عشق کي انساني زندگيءَ لاءِ تمام اهم ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي، جيڪو کيس ذات حقيقي تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي. فرمائي ٿو:
عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،
ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،
بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،
نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.
عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتريقدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ وجهڻ لاءِ تيار آهي. چوي ٿو:
خاڪ عاشق دي اکيان وچ، سرمه جوڙڪي پويسون،
عاشق سو جو سرمه ٿيوي، ڳالهه اُهين دي ڪيهي.
اهلِ تصوف وٽ دنيا جون ظاهري ريتون ۽ رسمون ٽوڙڻ تمام ضروري آهي. دنيا سان گڏ هلڻ وارو شخص ڪڏهن به ذات حقيقي کي سمجهي نه ٿو سگهي. شريعت ۾ آهي ته انسان خدا جو ٻانهو آهي، پر سچل چوي ٿو:
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو
وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ سهانو.
سچل سرمست به ٻين عارفن وانگر ظاهري علم کي ناقص چيو آهي. جيڪي ماڻهو رڳو ڪتاب کڻي ويٺا فتوائون ڏيندا آهن، انهن کي مشورو ڏيندي چوي ٿو:
قاضي ساڙ ڪتابان ڪونه هڻ، مرشد ايوين فرمايا،
آپ سڃاڻ ته تون ڪيا هيئن، عرف نفسه پرجهايا،
“سچل” راه ڪفر دا سانون، مرشد آپ بتايا.
قاضي مين سچ آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا،
آءٌ پيوين هڪ سرڪي مئه دي، مول نه ٿيوين مُلا،
“سچل” جنهن حق حاصل نه آهي، راھ ڪون او ڀُلا.
جڏهن هر طرف حق آهي، جڏهن هر هنڌ حق آهي ۽ جڏهن سڀ ڪجھه حق آهي ته پوءِ ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه آهي. بس ان کي ڏسڻ، پسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. سچل فرمائي ٿو:
ڪيهي ڪعبي، ڪيهي قبلي، اهي ته سڀ بهاني،
مين ڪيوين نيت ڪعبي دي ڪران، پير ميڏا ميخاني،
“سچل“ آپ سائين فرمايا، ٿيوو حق مستاني.
ظاهر دارن تي ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو ڪاوڙجي ٿو پوي جو انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان به ڪونه ٿو ڪيٻائي. چوي ٿو:
عشق پيوسي زور زور، ڪُٽ مليان دي ٺوڙ ٺوڙ،
زيران زبران ڪيهان پڙهيوني، هن حرامي نور نور،
لِک لِک ڪاغذ ڪتوني ڪالي، هِن ڪتابي چور چور.
سچل سرمست ڪيترن ئي جڳهين تي خدا سان مخاطب ٿيو آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ته ان کي ميارون به ڏنيون اٿس.
خدا تعاليٰ کي چوي ٿو ته تون ئي آهين جيڪو ازل کان وٺي روپ بدلائيندو ٿو اچين، ڪڏهن پيغمبر ٿي ٿو اچين ته ڪڏهن امت، ڪڏهن عاشق ٿي ٿو اچين ته ڪڏهن معشوق:
موسيٰ ٿي وت ڪيتوئي ڪشالي، آپ ڪونه آپ ڏتوئي ڏكالي،
عيسيٰ ٿي وت دمه دي نالي، مويان نون ڦير جِواندا هئين.
وچ حلاج دي ڪيتوئي نظارا، “اناالحق“ دا وت ماريوئي نغارا،
ايڏون اوڏون ڪر پسارا، آپ ڪونه آپ مراندان هئين.

سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ ايتري ته بي باقي آهي جو سندس پوئلگ ويچارا، ان جي تشريح ڪرڻ لاءِ مشڪل ۾ پئجي ويا آهن.
سچل سرمست جي حقيقي شاعري پڙهڻ کان پوءِ اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا:
1. سچل سرمست به شاهه لطيف وانگر نظريه “وحدت الوجود” جو زبردست قائل هو.
2. ڪائنات جي هر شيءِ خدا جي وجود جو حصو آهي.
3. ذات حقيقيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ عشق تمام ضروري آهي.
4. حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علم ناقص آهي.

سچل سرمست جي مجازي شاعري
انسان جو سونهن سان ازلي ناتو آهي. اها سونهن چاهي قدرتي نظارن جي هجي يا محبوب جي جوڀن جي، انسان هميشه انهيءَ تي مست رهيو آهي. سونهن کان سواءِ انسان هميشه پنهنجو پاڻ ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪئي آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هو هميشه حسن جي ڳولا ۾ سرگردان رهيو آهي. ۽ جڏهن حسن ملي ٿو وڃي ته ان جو لازمي نتيجو عشق ئي نڪرندو آهي، ڇو ته عشق، حسن جو ردِ عمل آهي. جڏهن حسن پنهنجو وارَ ڪري ٿو ۽ انسان عشق جي پنڌ جو پانڌيئڙو بنجي ٿو ته هن دنيا ۾ ڪيئي تبديليون اچن ٿيون. انسان جي زندگيءَ سان لاڳاپيل سڀئي لطيف فن، عشق جي ڪري ئي وجود ۾ اچن ٿا. اهو عشق ئي آهي جيڪو انسانن کي شاعر، سنگ تراش، مصور سنگيت ڪار ۽ فنڪار بنائي ٿو اهو عشق ئي آهي، جنهن جي ڪري قومن جون ثقافتون وجود ۾ اچن ٿيون. اهو عشق ئي آهي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي معاشرتي تبديليون اچن ٿيون. عشق، انسان کي کلڻ ۽ روئڻ سان گڏ جيئڻ به سيکاري ٿو ۽ انسان جي دل ۾ گداز پيدا ڪري ٿو جيڪو شاعري جو سبب به بنجي ٿو.
اها سونهن، سوڀيا، اهو درد ۽ فراق، اهي هجر ۽ وصل جون راحتون، اهي سڙڻ ۽ پچڻ جا تجربا، مطلب ته اهي سڀ وارداتون جيڪي عاشق تي ٿين ٿيون، اهي شاعري جو روپ وٺي، ٻين انسانن کي به انهن جهانن جو سير ڪرائينديون آهن.
سچل سرمست جي مجازي شاعري به انهن سڀني ڳالهين سان ڀرپور آهي. سندس سموري ڪلام، خاص ڪري ڪافين ۾ حسن جي تعريف، درد جون دانهون، وڇوڙي جا ورلاپ ۽ عشق جي باهه جا اُلا نمايان نظر ايندا.
انسان جڏهن مجازي عشق جي آڙاهه ۾ پچي راس ٿئي ٿو، تڏهن هو حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌائيندو آهي.
سچل سرمست به حقيقي عشق جي منزل تي پهچڻ کان اڳ، مجازي عشق جي گهاڻي ۾‏ پيڙيو ويو، جنهن کيس تمام گهڻو ايذاءُ ڏنو، جنهن جو عڪس اسان سندس شاعري ۾ ڏسي سگهون ٿا.
مجازي عشق جي شروعات گهڻو ڪري پرينءَ جي جلوي پسڻ سان ٿيندي آهي ۽ ان ۾ سڀني کان پهرين، انسان اکين کان متاثر ٿيندو آهي. سچل کي به پنهنجي پرينءَ جي اکين حيران ڪري ڇڏيو:
انهن جادوگر اکين بيران ڪيوسي،
انهن نيڻن سندي نازن، حيران ڪيوسي.
سچل جڏهن انهيءَ حيرانگي مان نڪتو ته کيس خبر پئي ته سندس ساھ ته سوگهو ٿي چڪو آهي! انهيءَ حقيقت جي انڪشاف سچل کي زارو زار روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو:
چشمن جي چمڪار، ساھ منهنجو سوگهو ڪيو،
ويهي واٽڙين تي، روئان زارو زار،
هوت اچج هيڪار، اڱڻ آسروند جي.
سچل جڏهن پنهنجي پرينءَ کي چڱي طرح ڏٺو ته هن کي اها خبر پئي ته اکين سان گڏ ٻي به ڪا شيءِ آهي. جيڪا دل کي سوگهو ڪري ٿي:
اکيان ڪنڍيان، ابرو ڪنڍيان، وال ڀي ڪنڍي ڪنڍي،
ڪڏان ڪڏان ڇٽڪا ڇڙيندي، مارسيه اتون منڍي
جڏهن عاشق اکين جي انگ ۾ اڙندو آهي ته هن کي پنهنجي دل تي ڪوئي اختيار نه رهندو آهي ۽ هر وقت پرينءَ جا پور پچائيندو رهندو آهي. سندس ياد جيءُ کي ايترو جهوريندي آهي جو ماڻهو پنهنجا سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو آهي:
حُج ڦٽي ڪيم هاڻي،
ماريس تنهنجي ماڻي، الله ڄاڻي،
ويٺي ڏسان واٽ اوهان جي،
ائين ڀُلي ڀاڻي، الله ڄاڻي،
راتيان ڏينهان يار سڄڻ ميان،
تن توئي ڏي تاڻي، الله ڄاڻي.
جڏهن عاشق جي دل کسجي ويندي آهي ته سندس سک ۽ آرام ڦٽي پوندو آهي، بي چيني ۽ بي قراري ايتري وڌي ويندي آهي، جو اکين مان آب جاري ٿي ويندو آهي. سچل پنهنجي ڪيفيت هيئن ٿو بيان ڪري:
ڍوليا تولئه ڍٽ ۾، آئون وتان ويڳاڻي،
راتو ڏينهان اوتيان، پنبڻين مان پاڻي.
ويٺي ڪڙهان ڪاڪ تي، آڻيندوءِ الله،
گهڙي اوهان جي ٿي گهران، چت اوهان جي چاه.
سچل پنهنجي محبوب جو انتظار به ڪندو رهيو ۽ جدائي ۾ به جلندو رهيو، جڏهن فراق جي ڦٽن جو عذاب سهڻ کان وڌيڪ ٿي ويو ته سچل اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو:
ڦٽ فراق جا روز ڦٽن ٿا، چاڪ اندر جا روز چڪن ٿا،
سي ته محبت جون آهن مارون مارون
درد منجهارون مون دانهون ڪيڙون،
عرش عظيم کان لنگهي پار پيڙيون
يار سچل جون اوڇنگارون، اوڇنگارون،
جڏهن انسان، عشق جي انتها تي پهچندو آهي ته هُو پنهنجو سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. مال ملڪيت، سر ۽ ساهه قربان ڪرڻ سان گڏ هُو پنهنجي آزادي به قربان ڪري ڇڏيندو آهي. آزادي، جنهن کي دنيا جي عظيم نعمت چيو وڃي ٿو، اها به سچل جي اڳيان ڪا حيثيت نه ٿي رکي. هن لاءِ سڀ ڪجھه پنهنجو پرين آهي. چوي ٿو:
ٻانهن جي آئون ٻانهي آهيان، ساري سڀ ڄمار،
هيءَ سر صدقي توتان، تو تئون، سِسِي ساڻ ڪپار.
سچل پنهنجي وقت جو وڏو عالم پڻ هو. هن ٻين علمن حاصل ڪرڻ سان گڏ، انسانن جي تاريخ به پڙهي هئي. سڀ کان وڌيڪ متاثر انهن ماڻهن کان ٿيو هو، جن محبت جي ميدان ۾ پنهنجو سڀ ڪجھه لٽائي ڇڏيو هو. پنهنجي شاعري ۾ انهن مانجهي مردن جو ذڪر ڏاڍي سوز سان ڪيو اٿس:
“ڪيئي سر ساهه ساجن لئي، مٿي سوريءَ، سهايا ها،
ورهه جي واٽ تي ويرن، ڪلهن كئون ڪنڌ ڪپايا ها،
تتي موٽڻ جو مهڻو هو، وڏي ڪنهن تاوَ تايا ها،
مٿا ميخاني تي مستن، وٽيءَ جي وٽ وڍايا ها،
سڻو هن نينهن جي نعري، گھڻن جا سر گنوايا ها،
“سچو” تون صدقي ٿي تن تئون، جن هي رنگ لايا ها.“
سچل جڏهن مجازي عشق جو اڻانگو سفر طئي ڪري، حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌايو ته هن کي هر طرف محبوب ئي محبوب نظر آيو، هن کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پئي. ورهه ۽ وڇوڙي جا سُور ويندا رهيا ۽ پاڻ طالب جي بجاءِ مطلوب بنجي ويو!
هِت هُت آهي صُورت منهنجي، ٺاهھ نه ڪو پيو ٺاهيان،
پنهنجو پاڻ ئي سان يار، “سچو” ڙي نيهن اهو ئي لاهيان.