لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 100
  • 22
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر لغاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب جو مختصر جائزو

ارغونن، ترخانن، ۽ مغلن جو دؤر (1521ع – 1718ع)

ارغون، سمن جي آخري حڪمران ڄام فيروز کي شڪست ڏئي، سنڌ جا حڪمران بڻيا. شاهه بيگ ارغون پهريون حڪمران هو. ڪجھه وقت کان پوءِ حڪومت ارغونن جي اميرن يعني ترخانن جي هٿ ۾‏ آئي، ترخانن کان پوءِ سنڌ جون واڳون مغلن جي هٿ ۾ آيون.
ارغون، ترخان ۽ مغل ڌاريا حڪمران هئا، انهن سنڌ ۾ سنڌ واسين تي جيڪي ظلم ڪيا، تاريخ انهن جي گواهه آهي. وڏو ظلم ته اهو ٿيو جو سنڌ جو علم ۽ ادب تباهه ٿي ويو مٿان ٻي مصيبت اها ٿي جو فارسي زبان جي ايتري همت افزائي ڪئي وئي جو سنڌي شاعر ۽ عالم به فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا ۽ سنڌ ۾ سنڌي زبان کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيائون. ڌارين جي ظلم ۽ بربريت، جتي رت جا درياءَ وهايا ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي ته اتي سنڌي شاعرن فارسي ۾ شاعري ڪري، سنڌيءَ کي يتيم بنائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي.
اهڙن مايوس ڪن حالتن ۾ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي زبان کي زنده رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪيائون، جيڪا زماني جي دست برد کان تمام گهٽ بچي سگهي. تنهن هوندي به ڪجھه شاعرن جو شعر ايترو ته پرسوز ۽ پراثر هو، جو اهو عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو ۽ محفوظ رهجي ويو. انهن بزرگن مان ڪجھه شاعرن جو شعر مختصر احوال سان هيٺ ڏجي ٿو.

مخدوم نوح رحه (1505ع – 1590ع)
مخدوم نوح رحه هالا ڪنڊيءَ جو وڏو بزرگ هو. ظاهري تعليم ته تمام ٿوري حاصل ڪئي هئائون، پر قرآن شريف جو تفسير ڏاڍي عالمانه انداز ۾ ڪندا هئا. قرآن شريف جو فارسيءَ ۾ ترجمو ۽ مختصر تفسير پنهنجي هڪ مريد بهاءُ الدين گودڙيو کان لکايائون. قرآن شريف جو اهو فارسي تفسير ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.
مخدوم صاحب جا صرف چند بيت مليا آهن، جيڪي تصوف جي رمزن سان ٽمٽار آهن. سندس خيال ۾ حق کي پسڻ لاءِ ظاهري اکيون ناڪافي آهن، حق کي پسڻ لاءِ اندر جي اکڙين جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو ظاهري اکين تي ڀروسو ڪندو ته پرين پسي نه سگهندو. پاڻ فرمائين ٿا: 
“پٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،
آهي اکڙين عجب پر پسڻ جي”
مخدوم صاحب فطرت جي نظارن ۾ “حق” جا مظهر پسڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پاڻ فرمائين ٿا:
“ماڪ نه ڀانيو ماڙها، پيئي جا پرڀات،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي”
پنهنجي آخري ايامن ۾ بيمار رهڻ لڳا. سندس رفيق به هڪ هڪ ٿي فاني دنيا مان لڏڻ لڳا، ته اداس ٿي هيٺيون بيت چيائون:
“نه سي جوڳي جوءِ، نه سي سامي واٽ،
ڪاپڙينِ ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا.“
پنهنجي آخري وقت ۾ پنهنجي هڪ معتقد ابابڪر ڏانهن پيغام جي صورت ۾ هيٺيون بيت چئي موڪليائون:
“ابابڪر آءُ، سامي سفر هليا،
تها پوءِ متا، سڪين سناسين کي.“
جڏهن ابابڪر اهو بيت ٻڌو ته پاڻ به هيٺيون بيت چيائون:
“اچان ٿو اچان ڪجائو ڪا جري جي جٽا،
تهان پوءِ متان، سڪان سنياسين کي.“

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
شاھ ڪريم کي قديم دؤر جو سڀ کان وڏو شاعر مڃيو ويو آهي ۽ کيس سنڌيءَ جو “چاسر” ۽ سنڌي ادب جو “وهائو تارو” جا لقب به ڏنا ويا آهن. پاڻ پنهنجي پيٽ گذر لاءِ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا هئا.
شاهه ڪريم جا 94 يا ڊاڪٽر بلوچ مطابق 93 بيت مليا آهن. جيڪي ٻوليءَ جي انمول ذخيري هجڻ سان گڏ تصوف جي رمزن ۽ الاهياتي فلسفي سان پڻ ٽمٽار آهن. پاڻ اهي شعر وڏي آواز سان پڙهندا هئا. اڪثر ڪري سماع جي محفلن ۾ وجد ۾ اچي ويندا هئا. وحدۃالوجود جي حقيقت جي اپٽار ڪندي چون ٿا:
“سو هيڏانهن سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي.
تهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.“
آفاقي حقيقت جي آواز ۽ پڙلاءَ کي ٻڌڻ لاءِ ظاهري ڪن بلڪل ناقص آهن. انهيءَ کي ٻڌڻ لاءِ باطني روشنيءَ جي ضرورت آهي.
“هي ڪن گڏهڻان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج،
سندي پريان ڳالڙي، تنين سين سڻيج،
پنهنجي پرينءَ جي ياد جڏهن حد کان وڌي ويندي آهي ته پرين بلڪل پنهنجي ويجهو محسوس ٿيندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته پرين ۾ ۽ اسان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونهي. ڪوبه مفاصلو ڪونهي انهيءَ حقيقت کي سمجهائيندي چون ٿا:
“پاڻياريءَ سر ٻهڙو جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.“

شاھ خيرالدين (1505ع – 1617ع)
هيءُ بزرگ اصل ۾ بغداد جو هو ۽ پير عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هو. سيروسفر ڪندي سنڌ ۾ آيو ۽ هالا ۾ اچي مخدوم نوح جو مريد ٿيو.
هڪ دفعي پنهنجي مريد کي سجدي ۾ ڏسي هيٺيون بيت چيائون:
“نه تون ڪعبو نه تون قبلو،‏ رهين منجهه سجود
وساري وجود ملين ساڻ درياه.“
تنهن تي سندس مريد جواب ڏنو:
“ڪوه ڪندا قبلو، جن سڃاتو سلطان،
پرين اسين پاڻ، ڪريون سجدو ڪنهن کي.“

جرڪس فقير
هيءُ درويش مخدوم الياس جو مريد هو. هن جي زماني ۾ سمه ساهتيءَ جو حڪمران “ڄام اهيو” هو. ڄام اهيي (ڄام هميي) جرڪس فقير جي مرشدن کي ڏاڍو تنگ ڪيو، جنهن تي هن درويش بد دعا ۾ هيٺيان بيت چيا:
“اوڀر ڏانهن ٿي آئيا، سنڀري ٻه سوار،
هڪڙي پڪڙيس ڏاڙهي كئون، ٻئي پٽيس وار،
ساري سڀ ڄمار، تن جي منزل مٿو ناه ڪو.“
“اهيو ٿيو وهيو، مٿئون پيس باز،
تنهين جو آواز، ٻيھر ٻڌو ڪونه ڪو.“

عثمان احساني
هيءُ بزرگ اصل بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙي کان هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو هو. ان جي ڪلام جو مجموعو “وطن نامه” جي نالي سان مليو آهي، ليڪن اهو ايترو ته ڳري چڪو آهي، جو ان مان صرف چند بيت ملي سگهيا آهن. عثمان احسانيءَ جي شاعريءَ ۾ قبر ۽ آخرت جي عذاب جو موضوع سرفهرست آهي. موت ۽ قبر جي منظر ڪشي ڏاڍي لرزه خيز انداز سان ڪيل آهي. سندس بيت ان وقت جي بيت جي فني سٽاءَ کان ڪجھه بدليل آهي. يعني آخري سٽ جو قافيو وچ ۾ اچڻ بدران آخر ۾ آهي. سندس هيٺيان ٻه بيت پڙهي ڪوبه عقل وارو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ان وقت سنڌين جي سماجي حالت ڪهڙي هئي؟
اهي هن دنيا مان ڪافي حد تائين مايوس ٿي ويا هئا. ڌارين جي ڏاڍاين انهن کي قبر جا عذاب ياد ڏياري ڇڏيا هئا. اُهي بيت هي آهن:
“ڳالهه اڻانگي گور جي” ويهه مَ وسارو هي،
ترس مَ، ويهه تيار ٿي” ساٿيئڙا سنبهي،
هيءَ حد هيبت جهڙي، ويندءِ گور ڳهي.“
“سپون وڇون سهسين ٽنڊڻ، ناگڻ ساڻ نهي،
ڏنگي جان ڏنگن سان، ويندءِ ڏيل ڏهي،
ڳري ويندءِ گور ۾، لڱين لحم لهي.“

شاهه لطف الله قادري (1611ع – 1679ع)
شاهه لطف الله قادري پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ شاعر هو. هن تصوف تي فارسي ۾ ٻه ڪتاب “تحفة السالڪين” ۽ ”منهاج المعروف” لکيا. پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪافي شاعري ڪيائون. محترم ڊاڪٽر بلوچ سندس 357 بيتن تي، هڪ رسالو به مرتب ڪيو آهي. تصوف
سندس شاعري جو موضوع آهي. ٻين صوفي شاعرن وانگر هن جي شاعريءَ ۾ به اندر جي روشنيءَ تي زور ڏنل آهي ۽ ظاهري عقل کي پرين پسڻ لاءِ ناقص قرار ڏنو اٿن:
“عقل ات اوڇو ٿيو، ڪاجا ڏسي ڀت،
نه ڪو ڳاچ نه ڳت، حيرت هنيو سڀڪو.“
حق کي پسڻ لاءِ ڪيئي ڪشالا ڪرڻا پون ٿا. ڪڏهن پنهنجي من ۾ جهاتي پائڻ لاءِ منهن مونن ۾ ٿو هڻڻو پوي ته ڪڏهن وري ڪاپڙي بڻجي ڪائنات جا اسرار سمجهڻ لاءِ وڻڪار، جر ۽ جبل جهاڳڻا ٿا پون، پاڻ فرمائين ٿا:
“ڪهي ڏٺو ڪاپڙين، ڪو آڳاهون پنڌ،
تنين منجهان آئيو، ڳجهھ ڳجهائين ڳنڌ،
سندو حيرت پنڌ، آيو آڏو آديسين.“
هن ڪائنات جي اسرار کي پروڙڻ لاءِ هر دؤر جو انسان مٿا ڪٽ ڪندو رهيو آهي. هي سفر ڪٿان کان شروع ٿيو آهي، سندس منزل ڇا آهي؟ انهيءَ حقيقت سمجهڻ لاءِ ڇا ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي؟ انهن رمزن باب شاهه لطف الله قادري لکي ٿو:
جت پنڌ نهايت ناه ڪا، نڪو انت نه ڇيهه،
سو ڪوڙين ڏسي ڪنبيا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه،
اُتِ هلڻ حيرت ‏۾ ٿيو، چيتا تو چيلهه،
اوري ڪر مَ آسرو، واديءَ وچ مَ ويهه،
ثابت ٿي سبحان سين، منجهھ حقيقت پيهه،
ته سو پسين ڏيهه، جنهن کي سِڪي سڀڪو.
(جنهن سفر جي ڪا انتها نه آهي ۽ نه ئي ان جي منزل آهي، ان کي ڏسي لکين دليون دهلجيو وڃن. سفر جي دؤران ڪو سهارو ڪونهي. واديءَ وچ ۾ هاري ويهڻ بيڪار آهي. ضروري آهي ته تون خدا تي ڀروسو رکي اڳتي هلندو رهه، اهڙي ريت منزل کي ويجهو ٿيڻ ۾ آساني ٿيندئي، جنهن تي رسڻ لاءِ سڀئي سڪندا رهيا آهن).
شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام جو فني تجزيو ڪندي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو، “فن ۽ هيئت جي لحاظ کان شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ نوان تجربا نظر اچن ٿا. ترجيح يا تڪرار پهريون دفعو سندس ڪلام ۾ ڏٺي وئي آهي. هن ڍانچي جي مطابق بيت ۾ لفظ، اصطلاح ۽ جملا وري وري ورجايا ويا آهن. شاهه لطف الله تشبيهن ۽ تمثيلن ذريعي پنهنجي ڪلام کي موثر ۽ ان جي مفهوم کي چڱيءَ طرح چٽو ڪيو آهي. انهيءَ کان سواءِ لفظ “سامونڊي”، “ناکئا”، “جوڳي” ۽ “آديسي” استعمال ڪري جيڪي روايتون قائم ڪيون اٴٿس، انهن تي شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن به عمل ڪيو.

هن دؤر جو ادبي جو جائزو
1. هي دؤر فارسي زبان جي تسلط جو دؤر آهي، جنهن ۾ سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو به استحصال ٿيو. فارسي، سرڪاري دفتر، انتظامي ڪاروبار، خط و ڪتابت، تعليم ۽ تصنيف، ادب ۽ شاعريءَ جي زبان بڻجي وئي. فارسيءَ جي ايتري اثر هئڻ جي باوجود ‏ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي ٻوليءَ ۾ اعليٰ درجي جي شاعريءَ ڪري پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪيو.
2. هن دؤر ۾ رومانوي داستانن کي تمثيل طوراستعمال ڪرڻ جو عام رواج پيو.
3. بيت ٻن ۽ ٽن سٽن کان وڌي پنجن ۽ ڇهن سٽن تائين پهچي ويو.
4. ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي چوڻ مطابق، “انهن ڏينهن ۾ 'ڪافي' سنڌي شاعريءَ ۾ مقبول عام صنف هئي. جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ 'وائي' چيو ويندو هو. وائيءَ جا ڪي باقائده نمونا ته نه ملي سگهيا آهن، پر آخري دؤر جي آخري شاعر شاهه عنايت رضويءَ جي رسالي ۾ وائيءَ جا ڪجھه نمونا ملن ٿا.“
5. هن دؤر ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق ۽ هجر وَ فراق به سنڌي شاعريءَ جا موضوع هئا. ان کان سواءِ ان ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو عڪس به ملي ٿو.
6. سماع جون محفلون به ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا ھئا.
7. بيتن ۾ “وراڻ” ۽ “ تڪرار” جا اهڃاڻ به ملن ٿا.
8. مذهبي شاعري به ڪئي وئي، جنهن جو سٽاءُ الف اشباع تي ٻڌل هو.
9. سنڌي ٻولي پنهنجي “نج” صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي. شاهه عبدالڪريم جي شاعري “ ٺيٺ سنڌي “جو اعليٰ مثال آهي.
10. هن دؤر جي ڪافي شاعريءَ ۾ “تَرڪِ دنيا” “توڪل” “فنا ۽ بقا” جي چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي. ان کان علاوه هن دؤر جي شاعري تي مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جو به ڪافي اثر آهي. عثمان احساني جي شاعري پڙهڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت سنڌين سان ڪهڙي ويڌن هوندي.