ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
ڊاڪٽر صاحب مختلف جڳهين تي مختلف مضمونن جو پروفيسر رهيو ۽ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي ۾ پرنسپال پڻ رهيو.
ان کانپوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڊي – پي – آئي (ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن) مقرر ٿيو.
آخر ۾ سنڌ ۽ اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿيو ۽ انهيءَ عهدي کان پوءِ رٽائر ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پوري زندگي جي دوران سنڌي زبان، ادب ۽ تعليم جي بي انتها خدمت ڪندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب درسي ڪتابن کانسواءِ هيٺيان ڪتاب لکيا:
1. منهـــاج الــعــــاشــقــين (ترجمو). 2. شـــــاهه ڪـــريــم بــــلـــڙي واري جــو ڪــــلام. 3. ڪــــلام گرهوڙي. 4. منهنجي مـــختـــصـــر آتــــم ڪـــهاڻي. 5. ابــيــات سنــڌي (ترجــمــو). 6. ســــــــــرهـــــا گُــــــل. 7. مرشد المتبدي.
ان کان علاوه سندس چوڻ مطابق ڊاڪٽر گربخشاڻي جي شاهه جي رسالي ۾ شاهه جي سرن جو روحاني راز پڻ پاڻ لکيو هئائين.
سندس ادبي خدمتن جو مختصر جائزو حاضر آهي.
شاھ ڪريم بلڙي واري جو ڪلام
شاھ ڪريم بلڙي واري جو ڪلام مرتب ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي.
شاھ ڪريم جو ڪلام ميان محمد رضا “بيان العارفين في تنبيه الغافلين“ جي نالي سان لکيو. هن ڪتاب ۾ شاهه ڪريم جي بيتن جي تشريح فارسيءَ ۾ لکيل هئي. ڊاڪٽر دائودپوٽي انهيءَ ڪلام کي سوڌي، سنواري بيتن جي تشريح سنڌيءَ ۾ لکي ۽ ان کي “شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام” جي نالي سان ڇپايائين. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب جيڪا تشريح لکي آهي، سالاجواب آهي.
تصوف جي رمزن کي نهايت ئي سهڻي انداز سان بيان ڪيو اٿس.
شاهه ڪريم جي شاعريءَ مان پاڻ ايترا متاثر هئا جو شاھ ڪريم کي سنڌي شاعريءَ جو “وهائو تارو” جو لقب ڏنائون.
مقدمه نگاري: ڊاڪٽر صاحب مقدمه نگاري جي فن ۾ به يڪتا هو.
هن سلسلي ۾ محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو، “مقدمه نگاري ۾ شاهه ڪريم، خواجه محمد زمان ۽ عبدالرحيم گرهوڙي تي سندس مقدمو ڏسو، هر هنڌ تحقيقي معيار نظر ايندو.“
ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي قابليت مان ڪيترائي فيض ياب ٿيا. سندس شاگردن ۽ ننڍن همعصرن ۾ ڪيترائي محقق بنيا. تنهن سان گڏ متن کي ايڊٽ ڪرڻ جو نئون طريقو به رائج ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب مقدمن لکڻ مهل جديد تنقيدي معيارن کي مدنظر رکيو. هن سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو:
“ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو تنقيدي تاريخ ۾ وڏو درجو آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي کي شاهه جي رسالي مرتب ڪرڻ ۾ هن صاحب به وڏي مدد ڪئي. پر خود سندس خاص خدمت هئي، سنڌ جي ڪن، ڪَمَ معلوم ۽ گمنام شاعرن جي ڪلام کي شايع ڪرڻ. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو پهريون ڪتاب “منهاج العاشقين” (1934ع) هڪ ڪم – معلوم مصنف مولوي غلام محمد خانزئي جي فارسي ڪتاب جو ترجمو هو، جنهن ۾ شاهه جي آکاڻين جو احوال ۽ روحاني مطلب نهايت تفصيلوار سمجهايل هو.“
ابيات سنڌي: ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب “ابيات سنڌي” خواجه محمد زمان لنواري واري جي ڪلام تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي شرح اصل ۾ عبدالرحيم گرهوڙي عربي ۾ لکي هئي. ڊاڪٽر صاحب ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. هي ڪتاب پوءِ بي – اي، جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر هو، تڏهن هن ڪيترائي نوان درسي ڪتاب ڇپرايا. انھن ۾ اٺين درجي جي ڪتابن ۾ اعرابن جو پراڻو سرشتو ڦيرائي عربي نموني تي ڪري ڇڏيائين ۽ ان کان علاوه صورتخطي ۽ اچارن ۾ پڻ گھڻيون تبديليون ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جيئن ته عربي ۽ فارسي جو عالم هو، تنهن ڪري انهن ٻولين ۾ به ڪافي ڪم ڪيائين. ڪيترن ئي فارسي ڪتابن جا متن شانداز طريقي سان ايڊٽ ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جواندازِ بيان نهايت عالمانه هو.
ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي ٻولي سان بي انتها محبت هئي. هو هميشه سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندو هو. سندس ڪتاب “سرها گُل” جي تمهيد ۾ لکي ٿو: “ڀائرو جيڪڏهن اوهان ۾ غيرت آهي ته اٿو پنهنجي اباڻي ورثي جي سنڀال ڪريو! جا ٻولي مخدوم ابوالحسن، مخدوم محمد هاشم، سيد عبداللطيف، بزرگ گرهوڙي ۽ ٻين عاليشان هستين جي هنجهه ۾ پلي آهي، جيڪا لفظن، اصطلاحن ۽ ٻين ڪلامي خوبين ڪري ڪنهن به ٻي ٻولي کان گهٽ نه پر گهڻو بلند ۽ بالا آهي، تنهن کي اوهين نڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏيندا؟ جنهن کي “ادب” نه آهي سا اڄ ڪنهن به قطار ۾ نه آهي. جيڪڏهن اڄ اوهان پنهنجو ادب وساريو ته ڌوٻي جي ڪتي وانگر نه گهر جا نه گهاٽ جا ٿيندا! اکيون پٽيو جاڳو، پنهنجو ورثو سنڀاليو، نه ته سُتَتَ اوهان کي پڇتاءُ جون تِريون مهٽڻيون پونديون.“
سندس مٿين لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس بي انتها پيار ظاهر ٿئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت تي تبصرو ڪندي مهراڻ جو ايڊيٽر لکي ٿو:“ مرحوم مغفور ڊاڪٽر دائود پوٽو برصغير هند و پاڪ جي هڪ مشهور ۽ جليل القدر مؤرخ ۽ محقق جي حيثيت سان ڪافي متعارف آهي. سندس شخصيت سرزمين سنڌ لاءِ خاص طرح فخر جو باعث آهي. سنڌي زبان، ادب ۽ تهذيب هن فرزند جليل جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن تي جيترو ناز ڪري اهو گھٽ آهي. سچ پچ علامه صاحب مرحوم جي ذات کي هڪ “مستقل دور” جي حيثيت حاصل آهي. افسوس جو اهو دور ختم ٿي ويو. سندس تصنيفات ۽ تاليفات، مقالات ۽ تخليقات جو وڏو حصو سنڌي زبان، سنڌي ادب، سنڌي تصوف ۽ سنڌي مشاهير، علماء، شعراءِ ۽ بزرگان دين سان تعلق رکي ٿو. هڪ “مثالي انسان” جي حيثيت سان سندس علمي
خدمت جو پايو نهايت بلند آهي.
“علامه مرحوم هڪ طرف مشرقي ۽ مغربي “لسانيات“ جو وڏو اسڪالر هو ته ٻئي طرف وري اسلام جي علم ۽ فن ۾ وڏي مقام وارو عالم تسليم ڪيو ويو. سندس انگريزي، فارسي، عربي ۽ سنڌي ڪتابن کي ڏسڻ کانپوءِ هرڪو اهل علم سندس تبحر علمي، وسعت نظري ۽ وسيع مطالعي، اصول انتقاد، تخليقي روح، اصول تنقيد، لساني ڄاڻ ۽ مختلف فنون جو دل کولي داد ٿو ڏي، خاص طور سنڌي زبان ۽ ادب سان سندن والهانه محبت اسان لاءِ بهترين مثال آهي.“