ٽالپرن جو دؤر (1782ع – 1843ع)
ٽالپرن، ڪلهوڙن کان 1782ع ۾ اقتدار ڦريو. ٽالپر جيئن ته ڪلهوڙن وانگر ڏيهي حڪمران هئا، تنهنڪري سنڌي ادب جيڪو عروج ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ماڻيو، اهو ٽالپرن جي دؤر ۾ به جاري رهيو.
هن زماني ۾ سنڌي نثر جو بنياد پيو، ان کان علاوه هن دؤر ۾ شعر جي هر صنف تمام سٺي ترقي ڪئي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ جيڪي نيون صنفون ايجاد ٿيون هيون، انهن ۾ به سٺو واڌارو آيو. ڪافي ته پنهنجي ڪمال کي پهچي وئي.
هِن دؤر جي ادب کي اسين هيٺين چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
1. مذهبي شاعري
2. صوفيانه شاعري
3. نيون صنفون
4. نثر نويسيءَ جي ابتدا
1. مذهبي شاعري
هِن دور ۾ مذهبي شاعري به ڪئي ويئي، جيڪا الف اشباع جي قافيي ۾ هئي. هِن قسم جي شاعري ڪرڻ وارو وڏي کان وڏو شاعر مخدوم عبدالله نرئي وارو هو.
مخدوم عبدالله ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان ڪتاب ڪافي مشهور آهن.
قصص الانبياء، ڪنزالعبرت، تنبيه الغافلين، غزوات خلفاءِ راشدين وغيره.
“ڪنزالعبرت “ مان سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
“اهو منهنجي اکين جو ٺار منجهه دنيا
۽ پڻ ميوو هوم دل جو وندر وجودا،
هيجان سانڍيو مون هنجهه ۾ سو پيارا پاڻا. . .”
”خلفاءِ راشدين” ۾ مخدوم صاحب لکي ٿو:
”هاڻي ڪريهو امام حسين جو، ڪي مذڪور هن مٿا،
جو عابد، زاهد متقي، اڪمل اطهرا،
سنهھ سونهارو منهن موچارو….“
مخدوم عبدالله کان علاوه مولوي ولي محمد، مُلا عبدالحڪيم به هن طرز جي ڪافي شاعري ڪئي.
2. صوفيانه شاعري
سنڌ جي سرزمين ڏاڍي ڪا سڀاڳي آهي، جو سندس ڪُکِ مان هميشه اعليٰ درجي جا شاعر ۽ باڪمال صوفي پيدا ٿيندا رهيا آهن. تصوف سنڌ جي خمير جي ذري ذري ۾ سمايل آهي. هر دؤر وانگر هي دؤر به صوفين جو دؤر هو ۽ هِن دور ۾ به باڪمال صوفيانه شاعري ڪئي وئي. جيئن ته هِن دؤر ۾ تمام گهڻا صوفي شاعر پيدا ٿيا، تنھن ڪري هتي صرف چند ناميارن شاعرن جو ذڪر ڪجي ٿو.
سچل سرمست (1739ع - 1842ع)
سچل سرمست جو خاندان به شاهه لطيف جي وڏن وانگر دين جي تشهير ۽ تعليم لاءِ مشهور هو. هِن فاروقي خاندان مان به ڪيترائي اهِل الله بزرگ ٿيا. جن دين لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون.
سچل سرمست خيرپور رياست جي درازن نالي ڳوٺ ۾ سن 1739ع ۾ تولد ٿيو. هو اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد ميان صلاح الدين وفات ڪري ويو. تنهنڪري سندس چاچي ميان عبدالحق جي سنڀال هيٺ رهيو.
سچل سرمست قرآن جو حافظ هجڻ سان گڏ عربيءَ ۽ فارسيءَ جو عالم پڻ هو. تصوف سان دلچسپي هئڻ ڪري شيخ فريد الدين عطار جو ڪتاب “منطق الطير” ۽ “وصيت نامه”، شيخ شمس الدين تبريزيءَ جو “ديوان شمس تبريزي” پڙهيائون، جن ايترو ته متاثر ڪيس جو شيخ عطار ۽ شمس تبريزيءَ کي پنهنجي فارسي ڪلام ۾ روحاني مرشد ڪري
مڃيو اٿن.
سچل جو ڪلام رِندِي ۽ بي باڪيءَ جو ڀرپور نمونو آهي ۽ لطيف سائينءَ جي اڳڪٿيءَ مطابق جيڪو ڪُنيءَ جو ڍڪڻ لاٿائين. ان ۾ ايترو ته بي باڪ ٿي ويو جو مُلن ته مٿس فتوائون به جاري ڪيون ۽ کيس گمراهه سڏيائون.
سچل سرمرست جي شاعريء کي ٻن حصن ۾ ورهائي، ان تي مختصر تبصرو ڪجي ٿو:
الف: حقيقي شاعري
ب: مجازي شاعري
الف: حقيقي شاعري
سچل سرمست جي حقيقي شاعري نج تصوف آهي. تصوف جون رمزون ظاهر ڪندي تمام گهڻو بي باڪ ٿي ويو آهي. ذات حقيقي جو مظهر انسان ۾ ڏسندي بي ڌڙڪ چئي ٿو ڏئي:
“ڀول نه ٻي ڪنهن ڀُل، تون ته آدم ناهين،
لڪيو ٿو لاتون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل.“
“الله الله ڇو ڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
سچو سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمان“
“ايهو ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
مارا نغارا اناالحق دا، سولي سر چڙهيجي،
وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان، عاشق تان نه اڙيجي،
سبحاني ما اعظم شاني،“سَچُو” سِر سليجي.“
سندن طبيعت ۾ جلال گهڻو هوندو هو. جڏهن ساز وڄندا هئا ته پاڻ مست ٿي ويندا هئا ۽ بي خود ٿي نچندا به هئا ۽ شاعري به ڪندا هئا. اهڙي استغراق جي ڪيفيت ۾ سندن اکين مان آب جاري رهندو هو:
“رئڻ زارو زار، راتون ڏينهان آھِ مون،
کوڙي ڪانَ قريب ويو، هينئڙي منجھه هزار،
هِن گوليءَ جي گفتار، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾.“
فنا ۽ بقا جي مسئلي تي سندس خيال اِهو آهي ته انسان فاني نه آهي، ڇو ته انسان جو وجود باري تعاليٰ جو هڪ حصو آهي. جيئن ته ذات حقيقي مڪمل آهي، تنهن ڪري انسان به پنهنجي تڪميل کي پهچندو. فرمائي ٿو:
”جھڙو آهين تهڙو هوندي، فاني ٿيندين ڇا،
سُڌ پنهنجي سر جي، ڪامل پيڙئي ڪا،
ڳالهه نه سمجهئي سا، آوازي انالحق جي.“
ب: مجازي شاعري
سچل سرمست به شاهه لطيف وانگر مجازي عشق جي اوڙاهه مان گذريو، جنهن کيس حقيقت جي راهه ڏيکاري.
سچل سرمست پنهنجي مجازي عشق وارن خيالن جو اظهار ڏاڍي پُر سوز ۽ درد انگيز انداز ۾ ڪيو آهي. فراق ۽ جدائيءَ جو درد ۽ پيڙا سندس شاعريءَ ۾ صاف عيان آهي. پنهنجي پرين کي التجا ڪندي چوي ٿو:
“ٻُڌي ٻاروچا ورين، هن عاجز جون آهون،
درد ڀريون دانهون _ ڪري ٿي ڪافين ۾.“
“چڙهندي سانءِ چکي، نه ته منهن ڏيکارج ميندرا،
چاڙهيو مون کي ڏاگھه تي، تنهنجي عشق تکي،
مر ٻيو ڪو سر سکي، انهيءَ جي اولاڪ جو.“
ملان کي عشق ۽ عقل جا ازلي دشمن ڄاڻندي، كيس هيئن مخاطب ٿيو آهي.
“مُلان انهيءَ مڌ جو، چُڪو جي چکين،
ڪارنهن کڻي ڪُنڊَ ۾، ويٺو مُنهن مکين.“
سچل سرمست ڪافيءَ کي تمام گھڻي اهميت ڏني آهي، ڇو ته مجاز جو نرم ۽ گرم احساس ڪافيءَ ۾ تمام سهڻي نموني سان ظاهر ڪري سگهجي ٿو. سندس سرائڪي ڪافي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
“زاري، زاري، يار زاري، نال تيڏي لک واري،
- نال تساڏي ميڏي آهي، ياري، ياري يار ياري،
- محبت تيڏي دَي مهڻان دي، ماري، ماري يار ماري،
- هي تساڏي، ڳچي اساڏي، ڳاري ڳاري يار ڳاري،
- ڳالهه “سچل” دِي هَٿِ تُساڏي، ساري ساري يار ساري”
چين راءِ سامي (1743ع – 1850ع)
ڀائي چين راءِ لنڊ اصل شڪارپور جو هو. جواني ۾ سندس محبت بهاولپور جي هڪ سنت سوامي مينگھراج سان ٿي ويئي، جنهن هن کي ويدانيت جي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو. پنهنجي گروءِ کان ايڏو ته متاثر ٿيو، جو پنهنجي شاعريءَ ۾ سندس نالو يعني “سامي” پنهنجو تخلص ڪري استعمال ڪيائين.
سندس شاعري اعليٰ پائي جي آهي، جيڪا بيتن جي صورت ۾ آهي ۽ “ساميءَ جا سلوڪ” جي نالي سان مشهور آهي.
پاڻ انسان ذات کي حقيقي عشق ۾ غرق ٿيڻ لاءِ تلقين ڪئي اٿس ۽ غرور ۽ هٺ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چوي ٿو:
“ڀانئڻ ڀڃي ڇڏ، متان ڄاڻ وجهئي ڄار ۾.
آهيون اسين جن جا، تنئين وٽون اڏ،
پاڻ تنين سان گڏ، نينهن جن جو ناهه سان.“
انا ۽ هٺ، انسان جا وڏا دشمن آهن. اِهي محبوب حقيقي تائين پهچڻ لاءِ انسان لاءِ سوين مشڪلاتون ۽ رنڊڪون پيدا ڪندا آهن. تنهنڪري سالڪ کي سڀ کان پهرين انهن شين تي ڪاري ضرب هڻي، انهن کي ڀورا ڀورا ڪري، پنهنجي من مان ڪڍڻو آهي ۽ پوءِ انهن جي جڳھه تي محبت رکي، پرين جي پچار ڪرڻ سان ئي پرين ملي سگهي ٿو. سامي فرمائي ٿو:
“جنين هٺ هاريو، تنين جيتيو جڳ،
نرمل ڀاءُ ڀڳت سان، سڀ جو چت ٺاريو،
گهٽ گهٽ نهاريو، سامي سپرين کي.“
جيئن شاهه سائين پنهنجي ڪلام کي آيتون ڪري ڪوٺيو آهي، تيئن “سامي” وري پنهنجي ڪلام کي ويد سڏيو آهي. فرمائي ٿو:
“ويدن جا ويچار، سنڌي منجھه سڻايم.“
پر ٻين صوفي بزرگن وانگر هِن به پرين تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علمن کي ناقص ڪوٺيو آهي ۽ چوي ٿو ته جيسين من ۾ محبت نه آهي تيسين ويد پڙهڻ ۽ عبادتون ڪرڻ بي ڪار آهي. فرمائي ٿو:
“نينهن بنا نادان، ويد پڙهي واري ٿيا،
ٻانڀڻ ڪن ٻيائيءَ سان، جٺ، تپ دان، اشنان،
نيهي نارائڻ ريَ، ٻي سڌ رکن ڪانه،
رهن منجھه جهان، نر پک نيارا نڀ جان.“
محبت ۾ سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ ئي محبت جو معراج آهي. جيڪي سر جو سانگو رکن، انهن کي عاشق چورائڻ جو حق نه آهي. سامي چوي ٿو:
“عاشق سي چئجن، جي سوري سهن سر تي،
- پنهنجي هٿين پنهنجي، لاهي کل ڏين،
- جيئڻ ۽ مرڻ جو، سنسو شوق نه ڪن،
- سدا غرق رهن، سامي ساز سروپ ۾.“
خليفو نبي بخش لغاري
نبي بخش لغاري سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ جو بلند پائي جو شاعر هو. پير صاحب پاڳاري جو خاص مريد هو، تنهنڪري کيس خليفو ڪري سڏيندا هئا.
سندس ڪلام ۾ تصوف سان گڏوگڏ حسن ۽ عشق جي به چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي. ان کان علاوه خليفي صاحب اعليٰ درجي جي مزاحمتي شاعري ڪئي آهي، جيڪا “ڪيڏارو” جي نالي سان مشهور آهي. جنهن ۾ هن کرڙيءَ واريءَ جنگ جو ذڪر ڏاڍي پرجوش انداز ۾ ڪيو آهي.
کرڙيءَ جي جنگ ميرن ۽ شاهه شجاع جي درميان 1834ع ۾ لڳي هئي. شاهه شجاع کي خبردار ڪندي خليفو چوي ٿو:
“شجاع وَيهه مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجهرا،
هتي راوت رند، وطن قلعي ڪوڏيا”
سنڌ جي بهادريءَ ۽ شجاعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
“ڪونڌر، قلعي جا ڪوڏيا، نونڌ نچندا پس،
ڇڏي تن ترس، پلٽيو شاه پٺاڻ تي.“
سنڌي بهادر جي ثابت قدميءَ جو احوال ڏيندي چوي ٿو:
”مٿي آرڻ اڄ، ڪونڌر ڪڏندي آئيا،
پڙ ۾ پهلوانن کي، لُڏڻ ڏي نه لڄ،
ڀينٽيو وڃن ڀڄ، سائر ٿين سامهان.“
صوفي دلپت
هي بزرگ اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو، جتان پوءِ لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو. ڪجھه وقت ميرن جي درٻار ۾ نوڪري به ڪيائين. صوفي دلپت سنڌي ۽ سرائڪيءَ کان علاوه فارسيءَ ۾ به شاعري ڪئي. موضوع جي لحاظ کان ويدانيت سان گڏ حسن ۽ عشق تي به شاعري ڪئي اٿس. نموني طور سندس هڪ ڪافي هيٺ ڏجي ٿي:
”ڇونه پسندا، سي پرين، جي عشق جي کوري کتا،
عاشقن جي جان تي، خوني خنجر چشمن کتا،
بي خمر مخمور ٿيا، مشتاق محبت ۾ متا،
فنا فاني جي ٿيا، دلپت دلبر جي مٿان…“
حَمل فقير لغاري (1810ع – 1878ع)
هي ٽالپرن جي آخري دؤر ۽ انگريزن جي اوائلي دؤر جو هڪ مقبول عام صوفي شاعر هو. هِن سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ بيت چيا، جيڪي معنيٰ توڙي فن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جا آهن. پاڻ مجازي شاعري به ڪئي اٿن. ان سان گڏ پاڻ هڪ فطرت نگار پڻ هئا.
عشق جڏهن انسان کي آڪيڙ ڏيندو آهي، تڏهن تن تڙپڻ لڳندو آهي. انسان صبر جو دامن هٿان ڇڏي ڏيندو آهي ۽ وتندو آهي جھر جھنگ ۾ ورلاپ ڪندو.
حمل هِن حقيقت تان هيئن ٿو پردو کڻي:
”سِڪ مڙيئي سور، سور به سرجيا سڪ مؤن،
صبر سڪ وڃايو، ماٺ نه اچي مور
حمل هِيءُ ڪلور، جو ساجن سُڻي ڪينڪي.“
محبوب کان سواءِ انسان کي پنهنجو وجود بلڪل بي سُود لڳندو آهي. بيچيني ۽ بي قراري ايتري وڌي ويندي آهي، جو پکي پکڻ کي منٿون ڪري پنهنجي پرينءَ ڏي پيو پيغام موڪليندو آهي. حمل چوي ٿو:
“وڃ سگهو جان واءَ، ڪانگل چئج قريب کي،
تو ري هاڻ حمل چوي، جيئڻ مون نه جڳاءِ،
اچي وري هنڌ وساءِ، تو ري سر سڃا ٿيا.“
“سڪندي ٿيڙم سال، تو سڪ نه لاٿي سپرين،
اٺ ئي پهر اندر ۾، آ تنهنجي سڪ سنڀال،
اچين هوند حمل چئي، ڪري ڀلايون ڀال،
ته ملڪ مڏيون سڀ مال، سِر سُوڌو صدقي ڪيان.“
معاشرتي حالتن جو ذڪر ڪندي مارئي جي واتان چورائي ٿو:
“عمر اباڻي پار ڏي، لس ٻڌيون لويون،
آڻن پريين پنڌ تؤن، آب ڀري اويون،
ڪرن قوت ڪماهڪون، ساڳ سنگر سوَيون،
پانڌ پُسيءَ پويون، پائن هار حمل چوي.“
حمل چوي ٿو ته اسان محبت وارا ماڻهو پنهنجي پرين لاءِ مال ملڪيت ۽ سر قربان ڪرڻ کان علاوه مهڻا ۽ طعنه به سهون ٿا ۽ پرين جي ڪري لوڪ جي پرواه ڪرڻي پوي ٿي:
ڪاڻ ڪَنين جي ڪاڻ، آءٌ ڪاڻون ڪڍان ڪِن جون
نه ته ڪير ڪاڻون، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻَ!
اسين پاڻ اُتامرا، ڪنهن جي ڪڍون نه ڪاڻَ!
پر حمل! سُرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻُون ڪڍون ڪن جون.
هن دؤر جون نيون صنفون
هن دؤر ۾ به نيون صنفون وجود ۾ آيون، جن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
مرثيو
سنڌ ۾ مرثيي جو مؤجد سيد ثابت علي شاهه آهي. هن مرثيي کان علاوه ٻي به ڪافي مذهبي شاعري ڪئي آهي. غزل به چيا اٿس ۽ هجو گوئي پڻ ڪئي اٿس، ليڪن سندس اهم موضوع مرثيو هو. سندس مرثيي جو نمونوهيٺ ڏجي ٿو:
“ڪربلا جي قتل جي، ڪر ڪا خبر اي آسمان،
ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا، شاهن جا سر اي آسمان،
مرتضيٰ مولا جو هي، سر ساهه ۽ مُنهن نور عين،
فاطمه زهره جا هي، جان و جگر اي آسمان.“
گھڙولي
هي صنف سچل سرمست جي ايجاد ٿيل آهي. هن ۾ هر بند کان پوءِ وراڻي ايندي آهي. جنهن ۾ عورت پنهنجي محبت جي اظهار طور سندس چاڪري ڪندي چوي ٿي ته، “مان تنهنجي گهڙولي ڀرڻ ٿي وڃان” جا لفظ ٿا اچن.
- پير پران حضرت ميران، نام ڳڌي جنهن ٽٽن زنجيران
مئن ڪامل مرشد ڪردي هاں _ سهڻي يار دي گهڙولي ڀردي هاں.
- نوح نبي دي ٻيڙي آئي _ جنهن وچ حضريت محبوب الاهي
مئن صدق ٻيڙي تي چڙهدي هاں _ سهڻي يار دي گهڙولي ڀردي هاں.
- حسن حسين علي دا ڄايا - بار امت دا سر تي چايا،
مئن ٻانهي شاھ حيدر دي هاں _ سهڻي يار دي گهڙولي ڀردي هاں،
- ڪيتا نور الله دے تجلا، من سارا عشق اُجلا،
همه عشق قمردي هاں _ سهڻي يار دي گهڙولي ڀردي هاں
جھولڻو
جھولڻو به سچل سائينءَ جي ايجاد آهي. هن ۾ بيت ۽ ڪافيءَ واريون ٻئي خوبيون موجود آهن. سچل سائين جي جھولڻي جي هر سٽ جو وزن عام بيت کان ننڍو ۽ هندي بيت جي اڌ جيترو آهي. جڏهن ته جھولڻي جو هر بند لڳ ڀڳ اٺن سٽن جو ٿئي ٿو. سسئيءَ بابت سچل سائين جي جھولڻي ۾ پنجاه بند آهن. پنهنجي جھولڻي ۾ فرمائي ٿو:
”ڪيچين ڪڍ لڳي هو ڪهڪي،
پهرين پور ٽڪر سان ٽھڪي،
ڪامڻ ڪوه ڏسي نا ڏهڪي،
توڙي پير ڦٿس پٻ ڦھڪي،
تان ڀي نار نه بلڪل نهڪي.“
هِجو گوئي
هجو گوئي جو مطلب آهي “ تنقيدي نظم لکڻ” هن صنف جو مؤجد به سيد ثابت علي شاهه آهي. سيد خير شاهه ۽ ٻين به هجويه شاعري ڪئي.
نثر نويسيءَ جي ابتدا
سنڌيءَ ۾ باقاعده نثر نويسيءَ جي شروعات ٽالپرن جي دؤر ۾ ٿي. هن کان اڳ ڪجھه سنڌي فقرا وغيره چيا ويا، جن جو ڪوبه اطمينان بخش ثبوت نه ملي سگھيو آهي.
نثر نويسي جي ابتدا آخوند عزيزالله ڪئي. آخوند صاحب مٽياري جو ميمڻ هو ۽ درس ڏيندوهو. پاڻ قرآن مجيد جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون، جيڪو سنڌيءَ ۾ ابتدائي نثر آهي. هِن کان پوءِ نثر نويسيءَ انگريزن جي دؤر ۾ ڪافي ترقي ڪئي.
هن دؤر جو ادبي ۽ فني جائزو
1. هن دؤر جي سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي ۽ عربي جو تمام گهڻو عمل دخل رهيو آهي.
2. غزل تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ ڪيترائي غزل گو شاعر پيدا ٿيا، جن مان مشهور هي آهن: سچل سرمست، مير نصير خان، سيد ثابت علي شاهه وغيره.
3. هِن دؤر ۾ هيٺيون صنفون ايجاد ٿيون:
مرثيو گهڙولي، جھولڻو ۽ هجو گوئي.
4. ٽيهه اکريءَ کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو.
5. مولود جي صنف به ڪافي ترقي ڪئي. مُلا صاحبڏنو، پير محمد اشرف ڪامارائي ۽ فتح فقير مولود جا مشهور شاعر آهن.
6. هِن دؤر ۾ منظوم قصه گوئيءَ باقائده فن جي صورت اختيار ڪئي. حفيظ تيوڻي 'مومل راڻي' جي قصي کي نظم جي صورت ۾ آندو ۽ خليفي عبدالله 'ليليٰ مجنون' جي قصي کي باقائده منظوم ڪيو.
7. الف اشباع جي شاعريءَ ۾ ڪتاب لکيا ويا. خير محمد شاهه، مولوي ولي محمد ۽ پير محمد اشرف هِن طرز جي ڪافي شاعري ڪئي.
8. مدح، مناجات ۽ معجزا به ڪافي چيا ويا.
9. خليفي نبي بخش ۽ ثابت علي شاهه رزميه شاعري ڪئي.
10. علم عروض جي ٻين صنفن، جھڙوڪ: مسدس، مخمس، مثنوي، رباعي ۽ سلام جو به رواج پيو.
11. آخوند عزيز الله قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، سنڌي نثر جي ابتدا ڪئي.